ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اعليٰ عدالت جو هڪ تاريخي فيصلو

Editorial

ڪالهه ملڪي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن هو، جڏهن ملڪ جي اعليٰ عدليه قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوريءَ جي ڏنل رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏئي، قومي اسيمبليءَ کي بحال ڪري وزير اعظم عمران خان جي سمورن فيصلن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو. هي هڪ اهڙو تاريخي لمحو هو، جنهن تي سموري ملڪ جون نظرون هيون. اعليٰ عدالت جي هاڻوڪي فيصلي نه رڳو هڪ نئين تاريخ لکي آهي پر اهو فيصلو ڏهاڪن تائين ياد رکيو ويندو ۽ انهن معزز ججن جي همت کي داد ڏيڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي، جن هي فيصلو آئين ۽ قانون موجب ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن کان جيڪو بحران سڄي ملڪ ۾ پيدا ٿي ويو هو، ان جي ڪري هر پاسي هڪ خلاف پيدا ٿي ويو هو. سياسي صورتحال بگاڙ جو شڪار ٿي وئي هئي ۽ ان کان سواءِ جنهن صورتحال کي ملڪ منهن ڏئي رهيو هو، اها ڪافي خطرناڪ هئي پر هاڻوڪي فيصلي کان پوءِ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته پارليامينٽ ۾ رهي ڪوبه چونڊيل نمائندو پنهنجا اختيار نٿو اورانگهي سگهي. جيڪي اختيار ان کي آئين فراهم ڪري ٿو، انهن جي پاسداري ڪرڻ ضروري هوندو آهي. هن فيصلي کان پوءِ غيرجمهوري رويا رکندڙ ماڻهن جون اکيون به کلي ويون آهن.
آئين ملڪ جو هڪ اعليٰ دستاويز آهي ۽ پارليامينٽ اعليٰ ايوان آهي. تنهنڪري انهن جي پائمالي ڪنهن به ريت قبول نٿي ڪري سگهجي. آئين ۾ جيڪو لکيل آهي، ان جي پاسداري ۽ قانون تي عملداري ضروري آهي. تنهنڪري ان کي سبوتاز ڪرڻ جي اجازت ڪنهن به ريت نٿي ڏئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ملڪ جو آئين ئي معطل هجي ۽ ان کي پٺي ڏني وڃي ته ملڪي ڪاروهنوار ڪنهن به ريت نٿو هلائي سگهجي. تنهنڪري هاڻوڪي صورتحال جيڪا حڪومت پاران پيدا ڪئي وئي هئي، اها نه فقط غيرجمهوري هئي پر غيرآئيني پڻ هئي. عمران خان اهڙُو غيرآئيني فيصلو ڪري نه رڳو ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪيو پر هن ملڪ جي ادارن کي به داءُ تي به لڳائي ڇڏيو ۽ هن اها اميد پئي ڪئي ته عدالت نظريه ضرورت کي هڪ ڀيرو وري جيئرو ڪندي ۽ فيصلو سندس حق ۾ ايندو پر اها عدالت جي مهرباني آهي جو هن هاڻوڪي فيصلي کان پوءِ نظريه ضرورت کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سان هڪ مثال قائم ٿي ويو آهي ته جڏهن ايوان ۾ ڪو غير جمهوري يا غيرآئيني فيصلو ڪيو ويو ته ان ۾ عدالت مداخلت ڪندي ۽ اها آئين ٽوڙڻ يا ان کي ڪن لاٽار ڪرڻ جي ڪنهن به عمل جي حمايت نه ڪندي. ڇاڪاڻ ته هي معاملو رڳو هڪ حڪومت جي وڃڻ جو ۽ نئين حڪومت جي اچڻ جو ناهي پر هي معاملو آئين کي بحال رکڻ ۽ ان جي حقيقت کي قبولڻ جو آهي. پر آئين تي عملدرآمد کان وڌيڪ ڪو ٻيو قومي مفاد ٿي نٿو سگهي. ڪالهه جڏهن هي فيصلو آيو آهي ته ان تي نه رڳو جمهوريت پسند قوتون خوش ٿيون آهن پر دنيا ۾ به اهو تاثر ويو آهي ته هي جمهوريت جي سوڀ ٿي آهي، هي پارليامينٽ جي سوڀ ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ ئي هڪ اهڙو ايوان آهي، جتي هن ملڪ جي قسمت جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ تاريخي فيصلو آهي، جنهن سان عدالت جو هاڪاري ڪردار سامهون آيو آهي. سڀاڻي جڏهن تحريڪ عدم اعتماد وسيلي ووٽنگ ٿيندي ۽ نئين حڪومت جوڙي ويندي ته ان حڪومت جي ڪلهن تي به ذميوارين جو وڏو بار هوندو. تنهنڪري ان کي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو. ملڪ ۾ موجود مهانگائي، بيروزگار ۽ معيشت جي بگڙيل صورتحال کي بهتر ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ هر پاسي کان اسان کي تباهي نظر آئي آهي. تنهنڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پارليامينٽ جي طاقت وسيلي عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪيو وڃي ۽ جمهوري عمل کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي ۽ ويلڊن جج صاحبان!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button