ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي بحران جو بار ۽ عوام جا ڪمزور ڪلها

Editorial-Article- Umer Qazi

ابتدا ۾ مخالف ڌر جو مطالبو هو ته نيون چونڊون ڪرايون وڃن پر حڪومت ان جي لاءِ تيار نه هئي ۽ هاڻي جڏهن عمران خان پاڻ نين چونڊن طرف وڌڻ جي لاءِ وس ڪري رهيو آهي ته مخالف ڌر هن کي اهو ڪجهه ڪرڻ نه ٿي ڏئي. پاڪستان جي سياست سان آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟ جڏهن جاري ڇڪتاڻ مان جمهوريت کي ئي نقصان پوڻ جو انديشو آهي. ان سلسلي ۾ تمام گهڻن سياسي مبصرن تمام گهڻو ڪجهه چيو آهي پر حڪومت سميت سياسي پارٽيون جنهن ضد تي چڙهي بيٺيون آهن، ان جو نتيجو ملڪي مفاد ۾ ته هرگز ناهي. ڇا اها حقيقت ناهي ته هن سياسي بحران سبب مهانگائي ڏينهن ۾ نه پر ڪلاڪن ۾ وڌي رهي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ڌر کي ملڪ جو مفاد عزيز هجي ها ته اها سمجهوتي جي لاءِ تيار ٿي وڃي ها پر ڪا به ڌر پنهنجي مڇ هيٺ ڏسڻ جي لاءِ تيار ناهي. ان جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي. اهو ٺيڪ ناهي. ڇا اها ڳالهه سٺي هئي ته پارليامينٽ جو معاملو سپريم ڪورٽ تائين پهتو ۽ اهو به آچر واري ڏينهن جو ۽ جنهن ڏينهن مسلمانن جي لاءِ مقدس مهيني رمضان جي پهرين تاريخ هئي.
گذريل ڪافي ڏينهن کان وٺي ملڪ جو ماحول ايئن آهي، جيئن ميدان ۾ ڪو مقابلو ٿيندو هجي. عمران خان ته سياست کي ڪرڪيٽ جي راند بڻائي ڇڏيو آهي پر گّذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي گئلريءَ ۾ آصفا زرداري بال کڻي پهچي وئي. جيڪڏهن مخالف ڌر نه ٿي چاهي ته ملڪ ميدان ٿئي ۽ سياست هڪ راند بڻجي وڃي ته پوءِ کڻي اها ئي ضد ڇڏي. هن وقت جيڪو ڪجهه به آهي، اهو صرف ۽ صرف سياسي انائن جو ٽڪراءُ آهي. سياسي انائن جون تلوارون هر ڌر لهرائي رهي آهي، جڏهن ته زخم هن قوم جي وجود مٿان لڳندا. مخالف ڌر کي سمجهڻ گهرجي ته پي اين اي جي تحريڪ وقت به اهو ئي ٿيو هو. جڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڻ ۾ نه ٺهيون ته مٿان ٻي قوت اچي وئي ۽ اها ڏهن سالن تائين ملڪ جي عوام کي ڏهڪائيندي رهي. هن وقت به اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي ته مخالف ڌر ۽ حڪومت ڪنهن هڪ نقطي تي پاڻ ۾ نه ٿا پهچن. ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جو هر ڏينهن صرف ۽ صرف ان انتظار ۾ گذري ٿو وڃي ته ڇا ٿيندو؟ جڏهن ته اسان کي ان سوال بدران ان سوال تي سوچڻ گهرجي ته اصل ۾ ڇا ٿيڻ گهرجي؟
هر عقل وارو انسان هن مهل ملڪي مونجهاري جو اهو ئي حل ٻڌائي سگهي ٿو ته پارٽين کي عوام کان فريش مينڊيٽ وٺڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي. ان جو رستو آئين ۾ ٻڌايل آهي ته پارٽين کي نين چونڊن ۾ وڃي معاملي کي اڪلائڻ گهرجي. هونءَ ته جيتري گهٽ سيٽين واري سوڀ عمران خان جي حصي ۾ آئي هئي ته هن کي ڪنهن به طرح سان حڪومت نه ٺاهڻ کپندي هئي پر هن جيئن تيئن ڪري هڪ اهڙي حڪومت جوڙي جيڪا نه رڳو ڪمزور هئي پر عددي اڪثريت نه هجڻ سبب اها ضروري قانون سازي به نه ڪري سگهي. هن وقت وري مخالف ڌر هڪ اڌ ڌر کي ٽوڙي حڪومت ڪيرائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪري رهي آهي، ڇا ان ۾ هن کي ڪو فائدو حاصل ٿيندو؟ ڇا ايڏي وڏي ۽ اها به عمران خان جي قيادت واري مخالف ڌر کي شهباز شريف جي ڪمزور اتحادي حڪومت منهن ڏئي سگهندي. شهباز شريف پاڻ به سمجهي ٿو ته اهو رستو درست ناهي. ان ڪري هن اٿڻ شرط ئي نين چونڊن جو فيصلو ڪيو هو پر پيپلز پارٽيءَ جو ضد آهي ته نئين حڪومت ٺهي. پيپلز پارٽي آخر نئين حڪومت ڇو ٿي چاهي؟ ان سوال جو جواب ته پيش ڪري سگهجي ٿو پر اهم ڳالهه اها آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ وري به ڪنهن مفاهمت جو رستو تلاش ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جي هيءَ حالت ڪنهن به طرح سان ختم ٿي سگهي ۽ جيڪي معاملا تمام گهڻي الجهاءَ جو شڪار آهن، انهن کي سلجهائي سگهجي. ڇا ان باري ۾ به مخالف ڌر کي ڪو نقصان ٿيندو؟
اها ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي ته مخالف ڌر ۽ حڪومت جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪا ملاقات ٿئي ٿي ته اها قومي اسيمبليءَ ۾ ۽ ان هنڌ تي ٻنهي جا ميمبر هڪ ٻئي مٿان الري اچن ٿا. جڏهن ته انهن کي ملاقات جو هنڌ مٽائڻ گهرجي ۽ پوري قومي اسيمبلي نه پر ڪجهه اهم شخصيتون ٻنهي پاسن کان ويهن ۽ اهي ڪنهن اهڙي نتيجي تي پهچن، جيڪو ملڪ جي لاءِ بهتر هجي. ڇا ان نقطي تي به حڪومت يا مخالف ڌر کي ڪو اعتراض ٿيندو؟ ان سلسلي ۾ جنهن کي به اعتراض ٿيندو، اهو صرف ۽ صرف اهو ثابت ڪندو ته هو ڪنهن به طرح سان ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي سلسلي ۾ سنجيده ناهي. ڇو ته هن مهل ملڪ جو اهم مسئلو الجهاءُ نه پر سلجهاءُ آهي. سياسي پارٽيون پاڻ ۾ ويهي اهو فيصلو ڪن ته ملڪ کي نين چونڊن طرف وٺي ٿا هلون ته هي سمورو گوڙ شور پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندو. پر اهو ڪجهه نه پيو ٿئي ۽ نتيجي ۾ ملڪ هر طرح جي مسئلن ۾ گهيرجي رهيو آهي.
پاڪستان هن وقت جنهن جاءِ تي بيٺو آهي، ان ۾ ڪا به نازڪ اڪثريت واري حڪومت ڪجهه به نه ڪري سگهندي. هن وقت هڪ اهڙي حڪومت جي ضرورت آهي، جيڪا اتحادين جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اچي ۽ جيڪو ڪجهه به ڪري اهو پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجي پروگرام مطابق ڪري. صرف ان حالت ۾ اها پارٽي پاڪستان لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت ڪجهه نه ڪري سگهي ته ان جو سبب صرف اهو نه هو ته عمران خان لاءِ حڪومت ڪو نئون تجربو هئي ۽ هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري؟ عمران خان هڪ هوشيار ماڻهو آهي ۽ سياست ۾ هو سينئر آهي. ٻيو ته هن کي جيڪڏهن وفاق جي حڪومت ملي آهي ته ان جو مطلب اهو به ناهي ته ڪو هو حڪومتي معاملن کان بنهه بي خبر آهي. ڇو ته گذريل نون سالن کان وٺي خيبرپختون خوا ۾ هن جي پارٽيءَ جي حڪومت هلي رهي آهي. هن کي خبر آهي ته حڪومت ڇا هوندي آهي. پر پوءِ به سمورو ملڪ سنڀالڻ الڳ معاملو آهي. ان حوالي سان تجربي جي ڳالهه ته ڪري سگهجي ٿي پر اصل معاملو عمران خان کي پارليامينٽ ۾ اها عددي طاقت نه هئي، جنهن جي بنياد تي هو قانون سازي به ڪري سگهي ها ۽ جن پارٽين سان هن ڪڏهن به اتحاد نه ڪرڻ جا اعلان ڪيا هئا، انهن سان ملي هو حڪومت ٺاهي ها. جيڪڏهن هن وٽ پنهنجي پارٽيءَ سبب ايوان ۾ اڪثريت هجي ها ته جيئن اڄ هن جا ميمبر جهڙي طرح پئسن تي وڪامي رهيا آهن، اهي اهڙي جرئت ڪڏهن به نه ڪن ها. ڇو ته ان صورت ۾ ڪجهه ميمبرن جي وڃڻ سان حڪومت جي صحت تي ڪو به اثر نه پوي ها. ان ڪري اهي به عمران خان سان گڏ هجن ها ۽ جيڪڏهن هن سان ڪي پارٽيون اتحاد به ڪن ها ته اهي عمران خان جا شرط تسليم ڪن ها ۽ خاص طور تي هو ان مهل عمران خان جو ساٿ نه ڇڏين ها، جنهن وقت عمران خان ڪنهن آزمائش ۾ هجي ها.
عمران خان جي سلسلي ۾ اهي سموريون ڳالهيون لکڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪو ڪجهه عمران خان جي لاءِ ضروري آهي، اهو ڪجهه مخالف ڌر کي به کپي. ڇو ته مخالف ڌر به جيڪڏهن ڪي ڌريون ٽوڙي ۽ ڪن ميمبرن کي پئسن سان خريد ڪري پاڻ سان جوڙي ڪا حڪومت ٺاهي ٿي ته اها تمام گهڻي ناپائدار هوندي. ان وٽ اها طاقت ئي نه هوندي، جيڪا اهڙن معاملن ۾ گهربل هوندي آهي. ان ڪري مخالف ڌر کي به ڪمزور حڪومت کان وڌيڪ انهن نين چونڊن جي ضرورت آهي، جنهن معرفت اها تمام گهڻو مينڊيٽ ميڙي سگهي ۽ پوءِ اها پنهنجي سياسي مخالف کي للڪاري به سگهي ٿي ۽ ان جو سياسي مقابلو به ڪري سگهي ٿي. پر جيڪڏهن مخالف ڌر به عمران خان جهڙي ڪمزور حڪومت جوڙي ويٺي ته ان جو سمورو ڌيان مستقل طور تي ان طرف هوندو ته ڪٿان هن جون مخالف قوتون هن جا ترا نه ڪڍن. ان صورت ۾ اها ڌر حڪومت هلائيندي يا حڪومت بچائيندي؟ هڪ ڌر کي هڪ وقت تي هڪ ڪم ڪرڻ گهرجي. هڪ ڌر يا ته حڪومت هلائي يا حڪومت بچائي. جيڪڏهن ڪنهن به ڌر جو زور حڪومت بچائڻ تي لڳو پيو هوندو ته اها ٻين معاملن تي سوچي به نه سگهندي ۽ هن جي بري حڪمراني هن جي سياسي نقصان جو سبب بڻبي. ان حوالي سان اهو ضروري آهي ته هن مهل ملڪ جي سمورين ڌرين کي صاف سٿرين ۽ تازين چونڊن جي چوائس ڪرڻ گهرجي.
اهڙو فيصلو عدالت نه پئي ڏئي سگهي. جيتوڻيڪ عدالت جي رمارڪس ۾ ان قسم جا اشارا هئا ۽ عدالت جهڙي طرح سان مخالف ڌر کي گهرايو ۽ ان کان معلوم ڪيو ته ان ۾ اهو آپشن به رکيل هو ته جيڪڏهن مخالف ڌر نين چونڊن جي لاءِ راضي هجي ها ته عدالت عملي فيصلو ڏيڻ ۾ وڌيڪ سرهائي محسوس ڪري ها. پر جڏهن عدالت ڏٺو ته پارٽيون پنهنجي ضد تي چڙهيون بيٺيون آهن ته ان کي به آئين مطابق فيصلو ڏيڻ کان سواءِ ٻي واٽ وٺڻ مناسب نه لڳي. جڏهن ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ نيون چونڊون ئي هيون پر هتي ملڪي مفاد ڪير ٿو ڏسي؟ هتي هر ڪنهن کي پنهنجي مفاد جو فڪر آهي. جڏهن ملڪي مفاد ۽ ذاتي مفاد ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي پئي ته ملڪ سدائين سياسي بحرانن جي ور ائين چڙهي ويندا آهن، جين هن مهل پنهنجو ملڪ چڙهي بيٺو آهي. ان سياسي بحران جو بار عوام جي ڪلهن تي رکيل آهي.
ڪاش! سياسي ڌرين کي اهو احساس ٿئي ته عوام جا عوام جا ڪلها ڪمزور آهن ۽ سياسي بحران جو بار تمام ڳرو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button