ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حنيف قريشي جو ناول “دي نٿنگ” ۽ ولڊو (Waldo) سينڊروم – II

Editorial-Article- Kaleem Butt

ولڊو جي شخصيت جو هڪ پاسو اهو به آهي ته هو ڀڃ ڊاهه ڪندڙ manipulative آهي ۽ ڊارڪ سائڪالاجي جو استعمال ڪري ٿو. ڊارڪ سائڪالاجي جي حوالي سان آرٿر هارن ڄاڻائي ٿو ته ڊارڪ سائڪالاجي پنهنجي آس پاس جي ماڻهن جي ذهنن کي قابو ڪرڻ، برئين واشنگ، انهن تي اثرانداز ٿيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جي لا هڪ سگهارو هٿيار هوندي آهي.Manipulation ماڻهن جي روين ۽ سوچ کي قابو ڪرڻ جو نالو آهي جنهن دغابازي، گار گند ڪرڻ جهڙا جز استعمال ڪيا ويندا آهن جيئن ڀڃ ڊاهه ڪندڙ پنهنجي ذاتي مفادن کي حاصل ڪري سگهي. (Horn Arthur، 2019)
Manipulation کي وڌيڪ ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هاڪاري ڀڃ ڊاهه () ۽ ناڪاري ڀڃ ڊاهه () ۽ ان ۾ وري ٻه مک جز هوندا آهن پهريون پنهنجي ڪاوڙ ۽ خراب ارادن کي لڪائڻ جي صلاحيت جو هجڻ ۽ ٻيو ماڻهن جو دماغ پڙهڻ جي صلاحيت. ڀڃ ڊاهه ڪندڙ کي ماڻهن جي ڪمزورين جي خبر هجڻ به ضروري آهي، ان ڪري کين ماڻهن کي ۽ انهن جي ارادن کي پرکڻ ۾ تمام گهڻي صلاحيت وارو ٿيڻو پوندو آهي. (Stanton Emilie, 2020)
ڊارڪ سائڪالاجي جو سمورو دارو مدار انساني ذهن سان گڏ جذبي ۽ سوچڻ جي طريقي کي بدلائن تي هوندو آهي ته جيئن ماڻهو اهڙو ڪم ڪن يا اهڙي طريقي سان سڳچين جن جو هنن وٽ پنهنجو ڪو به دليل نه هجي. ڀڃ ڊاهه ڪيترن ئي مختلف طريقن سان ڪري سگهجي ٿي. (Raye Moneta، 2021)
ولڊو جي ڪردار ۾ هي ڳالهه نمايان نظر اچي ٿي، هو ايڊي خلاف زي جا ڪن ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته ايڊي هم جنس پرست آهي، ننڍي هوندي کان هن جا پنهنجي استاد سان جنسي لاڳاپا هئا، جن لا هو چوندو آهي ته هن جي استاد هن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي، پر حقيقت اها ته ان پهرين ڀيري کانپو هو پاڻ رضا خوشي ان ڏانهن ويندو هو. کيس ان عمل ۾ مزو ايندو هو. جڏهن زي تي ولڊو جي ان ڳالهه جو اثر نٿو ٿئي ته هو کيس ٻڌائي ٿو ته ايڊي ڪنگلو آهي، هن جو ڪم ئي اهو آهي ته امير ماين کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي انهن کي سهڻا خواب ڏيکاري سندن مال تي عياشي ڪري ٿو. جڏهن زي ان ڳالهه تي به غور نٿي ڪري ته هو عجيب حرڪتون ڪندي ايڊي جو سامان ٻاهر ڪڍي اڇلائي ٿو ۽ هن کي اها آڇ ڏئي ٿو ته هو هي شهر ڇڏي وڃي، ائين ڪرڻ جا کيس پيسا ڏنا ويندا. جنهن تي زي ولڊو کان صفا خفا ٿي وڃي ٿي ۽ هن کي ڇڏي وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪري ٿي. ان تي ولڊو صفا مايوس ٿي وڃي ٿو، هو نٿو چاهي ته زي کيس ڇڏي وڃي. هن جي اهڙي ڪيفيت کي ولڊو سينڊروم جو نالو ڏجي ته غلط نه هوندو.
ولڊو (Waldo) سينڊروم ڇا آهي؟
ڪراڙپ ۾ اڪيلو رهجي وڃڻ واري ڪيفيت ۽ هر حال ۾ اها ڪوشش ڪرڻ ته ساٿي مرڻ گهڙي تائين گڏ هجڻ کي مون ولڊو سنڊروم جو نالو ڏنو آهي. هن ڪيفيت جي ڄاڻ “دي نٿينگ” نالي ناول مان پئي. هي به هڪ قسم جو وجودي بحران آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي حاڪم طبعيت (authoritative) ماڻهن ۾ پيدا ٿي پئي ٿو ۽ ان جي ڪري اهو ماڻهو ڪيترين ئي احساس ڪمترين جي ور چڙهي وڃي ٿو. پر ان لا اهو ضروري آهي ته ولڊو جي ڪردار جو نفسياتي جائزو وٺجي. جڏهن اسين ولڊو جي ڪردار جو نفسياتي تجزيو ڪريون ٿا ته ان مان هن جي شخصيت جي حوالي سان هيٺيون شيون نمايان نظر اچن ٿيون:
1_ هو جنسي مريض آهي، 2_ عمر جي وڌڻ سان شڪي مزاج ٿي ويو آهي،3_ بيماري جي ڪري سندس زندگي زال جي رحم ڪرم تي آهي،4_ هو زال جي حوالي سان optimist آهي،5_ زال جي ڇڏي وڃڻ جي ڀئو کان ڀڃ ڊاهه ڪري ٿو ۽6 -اهڙي ڀئو کان هو زال جي عاشق کان بدلو وٺڻ گهري ٿو.
پر هن جي بدلي ۾ ڪٿي به غيرت يا عشق وارو جز نظر نٿو اچي. جيئن اسان کي شيڪسپئير جي مشهور ڪردار اوٿيلو پڙهندي ملي ٿو. اوٿيلو هڪ آفريڪي ويڙهاڪ آهي ۽ وينس جي فوج جو حصو آهي، هو ڊيسڊيمونا نالي وينس جي ڇوڪري سان شادي ڪري ٿو، جيڪا سموري وينس ۾ پنهنجي سونهن جي ڪري مشهور آهي. هو به اوٿيلو جي مردانگيءَ مان متاثر ٿي وڃي ٿي. پر جيئن ته اوٿيلو آفريڪي آهي، ان ڪري آئگو جيڪو هن سان گڏ فوج ۾ آهي، هن کي ساڻس ساڙ ٿيڻ لڳي ٿو ۽ هو اوٿيلو جي ذهن ۾ ڊيسڊيمونا خلاف شڪ جي چڻگ وجهي ٿو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته هن جي زال ٻين مردن سان کريل آهي ۽ هن جي غيرموجودگيءَ ۾ ڌارين مردن سان جنسي لاڳاپا رکي ٿي. ان تي اوٿيلو جي غيرت جاڳي پئي ٿي ۽ هو ان ڳالهه جي بنا تصديق ڪندي پنهنجي زال جو غيرت جي نالي ۾ قتل ڪري وجهي ٿو. (https://www.sparknotes.com)
شڪ جي بنياد تي اڀريل اهڙي غيرت واري ڪيفيت کي مشهور برطانوي نفسياتي ماهر جان ٽوڊ 1955ع ۾ لکيل هڪ مقالي The Othelo Syndrome: A study in the psychopathology of sexual jealousyاوٿيلو سينڊروم جو نالو ڏنو.
نفسياتي بيماريءَ جي هڪ خطرناڪ نشاني يا علامت جنهن کي “اوٿيلو سينڊروم” چئي سگهجي ٿو، ڪيترن ماڻهن ۾ ڏٺي وئي آهي. ان جو بنيادي جز خيالي يا بي بنياد شڪ تي ٻڌل آهي جنهن ۾ مريض کي هروڀرو لڳندو آهي ته سندس ساٿي هن سان سچو نه آهي ۽ هن سان بيوفائي ڪري رهيو آهي. ساڙ وارو جذبو اهڙو آهي جيڪو هڪ جنت مثل گهر کي نفرت سان ڀريل دوزخ ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي(. (Todd Joh 1955
ان ساڙ ۾ ماڻهو اهڙو ته سڙڻ لڳندو آهي، جو نيٺ اوٿيلو جيان آخري حد تائين وڃي پهچندو آهي ۽ بنا ڪنهن ڳالهه جي پنهنجي زال کي غيرت جي نالي ۾ قتل ڪري وجهندو آهي. سنڌي سماج ۾ عورت کي ڪاري ڪري مارڻ پٺيان به اهو ئي سينڊروم گهڻي ڀاڱي نظر اچي ٿو، جنهن ۾ مرد کي ڪوڙي غيرت جاڳي پئي ٿي ۽ هو عورت کي ڪاري ڪري ماري ڇڏي ٿو.
اهڙي ئي غيرت جو ڏيک ڏيندڙ ڪردار افغان ڄائي فرانسيسي ناول نگار عتيق رحيمي جي 2008 ۾ ڇپيل ناول دي پيشنس اسٽون (جنهن جو اردو ۾ ترجمو آج وارن سنگ صبور جي نالي سان ڇپرايو آهي) ۾ به پڙهڻ لا ملي ٿو. جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ افغاني مجاهد جنهن کي ڪنڌ ۾ گولي لڳل آهي ۽ هو هڪ هنڌ ليٽيو پيو آهي، جڏهن ته هن جي زال هن کي پنهنجي جنسي زندگي جو احوال ٻڌائڻ لڳي ٿي، هن کي لڳي ٿو ته هن کي مڙس سان وڌيڪ دوکو نه ڪرڻ گهرجي ۽ جيترو هن سان ڳالهائيندي وڃي ٿي پنهنجا ڏک سور، خواهشون ۽ راز کولي ويهي ٿي، ان کي اها خبر ناهي ته هن جو مڙس سندس ڳالهايون ٻڌي به رهيو آهي يا نه، هو مڙس کي ٻڌائي ٿي ته ٽڻ سالن تائين جڏهن هو جنگ تي ويل هو ته هن جا ساٿي هن جي جاسوسي ڪندا هئا ۽ هن سان زنا ڪرڻ چاهيندا هئا ۽ جڏهن هو کيس اهو ٻڌائي ٿي ته هو نامراد هو ۽ ٻئي ڌئير به هن جون ناهن ته ان مرد کي ۾ حرڪت پيدا ٿئي، کيس ان حالت ۾ به غيرت اچي ٿي ۽ زال کي مارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
پر انهن ٻنهي ڪردارن جي ڀيٽ ۾ ولڊو جو ڪردار بلڪل مختلف آهي، هو نڪي زال کي مارڻ ٿو گهري، نڪو ئي وري ايڊي ۽ نه وري هن کي غيرت جو احساس ٿئي ٿو. سندس اهڙي ڪيفيت کي ناول جي 15 باب ۾ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن اينتا هن کان پڇي ٿي ته ڇا هو پنهنجي زال کي معاف ڪري ڇڏيندو ۽ کيس وري پاڻ سان رهائيندو ته هو بنا سوچڻ جي ئي کيس جواب ۾ چئي ٿو ها يقينن هو زال کي معاف ڪري ڇڏيندو. ان تي اينتا پڇيس ٿي ته هو ائين ڇو ڪندو. ان جي جواب ۾ ولڊو کيس چئي ٿو ته هو هڪ مرد رهيو آهي، کيس احساس آهي ته بيوفائي ڇا ٿيندي آهي، کيس ان تي پڇتائي آهي ۽ ان حوالي سان پني ڪري به معافي گهرڻ لا تيار آهي. ان تي اينتا کانئس پڇي ٿي ته هو اڪيلو نٿو رهي سگهي؟ ان جي جواب ۾ هو چيس ٿو گهڻو وقت اڪيلو رهڻ کان بهتر هوندو ته هو پنهنجي ساهه واري رڳ ئي ڪٽي ڇڏي.
عام طور ائين پنهنجي زال جي بيوفائيءَ کي معاف ڪرڻ، اهو ڄاڻيندي به ته هو ڪنهن ٻئي مرد سان جنسي لاڳاپا رکندي اچي ٿي ۽ ان کي لڪائڻ جي ڪوشش به نٿي ڪري به ذهني مونجهاري واري ڪيفيت ئي آهي. رڳو پنهنجي ذات جي تسڪين لا ولڊو زال جو هر ڏوهه بنا ڪنهن شرط جي معاف ڪرڻ لا تيار آهي. هو زال کي رڳو ان ڪري به پنهنجي زندگي گذارڻ نٿو ڏئي جو هن جي وڃڻ کانپو هن جي پنهنجي زندگي ڏکي ٿي پوندي، هو خودغرضيءَ جي انتها حد تائين پهتل آهي. پر اوٿيلو يا سنگ صبور واري مرد جيان هو پاڻ کي اجائي غيرت واري جذبي کان به ڏور رکندو ٿو اچي، ايتري تائين جو هو ايڊي ۽ زي جي رشتي کي به قبول ڪندو اچي ٿو، پر جڏهن کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته هاڻي زي هن کي ايڊي جي ڪري ڇڏي ويندي ته هو ايڊي کي پنهنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏڻ گهري ٿو. ان کي به نفسياتي طور ائبنارملٽي ئي چئي سگهجي ٿو، جنهن کي مون ولڊو سينڊروم جو نالو ڏنو آهي.
هي سينڊروم گهڻي ڀاڱي وڏي عمر جي مردن ۾ ٿيندو آهي، ان ۾ خودغرضي، حاڪميت وارو رويو، اڪيلي رهجي وڃڻ جو احساس، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واريون نشانيون نمايان هونديون آهن.
حوالا:
1- Hauck Paul Dr., 1987, Jealousy: why it happens and how to overcome it, London, Sheldon Press, Pg: 15-16
2- https://www.psychologytoday.com
3- https://www.verywellmind.com
4- Faber & Faber, 2017, Writer’s Introduction, London, FF Ltd. Bloomsbury House
5- Horn Arthur, 2019, Manipulation: Dark Psychology to manipulate and control people, Kindle (e-book), Pg: 7
6- Raye Moneta, 2021, Dark Psychology secrets 2021, Kindle (e-book), Pg: 1-2
7- https://www.sparknotes.com
8- Todd John, October 1955, The Othelo Syndrome: A study in the psychopathology of sexual jealousy, The Journal of Nervous and Mental Disease, vol: 122/4, Pg: 367-374
9- Stanton Emilie, 2020, Dark Psychology Secrets, Kindle (e-book), Pg: 18
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button