ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پراجيڪٽ عمران نيازيءَ جي ناڪامي

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ڪنهن به شعبي ۾ ماڻهوءَ جي مقبوليت يا مشهوري ان ڳالهه جي ضمانت ناهي ته اهو هر ڪنهن شعبي ۾ اوترو ئي مقبول ٿيندو، جيترو هو ڪنهن هڪ شعبي ۾ رهيو آهي. هڪ سٺو رانديگر راند جي ميدان ۾ سٺو ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ هو راند جي هر نفسياتي پاسي کي سمجهندي پنهنجي ذهن کي ترتيب ڏيندو آهي. ملڪ ۾عمران خان نيازي پراجيڪٽ کي جڏهن لانچ ڪيو ويو هو ته اهو سمجهيو پئي ويو ته جيئن ته هو ڪرڪيٽر سٺو رهيو آهي ۽ هن ملڪ کي ورلڊ ڪپ کٽرايو آهي تنهنڪري جڏهن کيس ملڪي سياست جي ميدان ۾ لاٿو ويندو ته اهو به هن لاءِ ڪرڪيٽ جو ميدان هوندو ۽ هو هر ميچ کٽي ڏيکاريندو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم رڳو هڪ ورلڊ کٽيو آهي، جڏهن ته هاڪيءَ جي راند ۾ هو چار ڀيرا ورلڊ ڪپ کٽي چڪو آهي پر تنهن هوندي به هاڪيءَ جي ڪنهن رانديگر کي ملڪي سياست ۾ متعارف نه ڪرايو ويو. جيڪڏهن سٺي سياستدان ٿيڻ جي خوبي سٺو رانديگر ٿيڻ آهي ته پوءِ ان حساب سان اسڪوائش جي بهترين رانديگرن جهانگير خان ۽ جان شير خان کي به سياست ۾ قسمت آزمائڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
اصل ۾ پراجيڪٽ عمران خان نيازي اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف جنرل حميد گل جو هو. جنهن کي سدائين اهو لڳندو هو ته هو سڄي دنيا فتح ڪري سگهي ٿو ۽ افغانستان ته پاڪستان جو پنجون صوبو آهي، تنهنڪري ان کي گهمائي وٺبو پر ذهن ۾ پلجندڙ رٿائون ان وقت ڌوڙ ٿي وينديون آهن، جڏهن حقيقتن کي پرکبو آهي. اهڙي ريت حميد گل جو اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهيو ۽ سندس سڀ اندازا غلط ثابت ٿيا. ان زماني ۾ ئي عمران خان نيازيءَ کي ملڪي سياست ۾ آڻي نواز شريف کي پاسيرو ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويو هو. پر ان ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ پرويز مشرف واري آمريت هئي ۽ ان کان پوءِ بينظير ڀٽو جي شهادت هئي، جنهن عمران خان نيازيءَ کي اقتداري تخت کان پري ڪري ڇڏيو. پر نيٺ 2018ع جي ڌانڌلي وارين چونڊن ۾ هو ملڪ جو وزير اعظم بڻجي ويو. جيڪو سندس پراڻو خواب هو. پر ٿيو ڇا؟ رڳو نالي جي اڳيان وزير اعظم لڳي وڃڻ سان ماڻهو وزير اعظم نه ٿي ويندو آهي. ان لاءِ ان منصب جو عملي مظاهرو پڻ ضروري آهي.
بظاهر ته عمران خان نيازيءَ لاءِ اهو پئي نظر آيو ته کيس جنرل قمر جاويد باوجوه جي ڪري اقتدار نصيب ٿيو هو، پر هن کي جيڪا سڀ کان وڏي سهولت مليل هئي سا جنرل فيض حميد پاران مليل هئي، جنهن جي سهاري هو نه رڳو اپوزيشن پارٽين کي عذاب ڏيندو رهيو پر هر اهو قانون پاس ڪرائيندو رهيو، جيڪو جمهوري اصولن جي ابتڙ هو. سندس دور ۾ آرڊيننس فيڪٽري وڏي زودار نموني هلندي رهي. هن نه پارليامينٽ کي جمهوري ادارو سمجهيو ۽ نه ئي قانون سازي ڪرائڻ لاءِ ان جي اهميت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪئين اهڙا ڪارا قانون هن رڳو آرڊيننس وسيلي پاس ڪرايا.
“ڪمپني بهادر” کي گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ اندازو ٿي ويو ته هن جنهن گهوڙي تي پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي ڇڏيو هو اهو منڊو هو. ان کان سواءِ جيڪي غلطيون پي ٽي آءِ پاڻ ڪيون اهي پڻ سنگين هيون. جن کي ڍڪ ڏيڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي اڳيان اچڻو پوندو هو. مثال طور آمريڪا بابت ڏنل بيان ۽ روس پاران يوڪرين تي ٿيل حملي جي وضاحت وزير اعظم طور عمران خان نيازي نه ڪئي پر ان جي صفائي جنرل قمر جاويد باجوه کي ڏيڻي پئي. عام طور تي اهو ڪم وزير اعظم جو هوندو آهي ته سندس آفيس ڪهڙو بيان جاري ڪري ٿي ۽ ان جي وڌيڪ اهميت هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته وزير اعظم آرمي چيف جو باس هوندو آهي پر عمران خان نيازي رڳو آمريڪا جي غلامي ۽ ان کي طعنا ميهڻا ڏيندو رهيو. هڪ اهڙي سازش جو ذڪر بار بار ڪندو رهيو، جنهن جو ڪو وجود ئي ڪونهي. تنهنڪري پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ جيڪو توازن جو بگاڙ آيو، اهو بنهه خراب هو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سياسي لاڳاپي کي هڪ بيان سان ختم نٿو ڪري سگهجي. جيستائين ڪنهن ملڪ وٽ ان کان به وڌيڪ سگهارو سياسي تعلق ناهي، ان وقت تائين ان تعلق کي ختم ڪرڻ هڪ غيرسياسي سوچ هوندي آهي. پاڪستان جا پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا ڪي ايترا بهتر نه آهن، پر ان جي خواهش ٿيندي رهندي آهي. اهڙي صورت ۾ آمريڪا سان لاڳاپا ختم ڪرڻ، جڏهن معيشت به ترو وڃي ورتو آهي، ته اها ڳالهه نه رڳو ملڪي اسٽيبلشميٽ کي خراب لڳي پر ان سمورين سياسي ڌرين کي به حيران ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عمران خان نيازيءَ جي پنهنجي ڪابينه ۾ آمريڪي شهرين سان ڀري پئي آهي. جيڪڏهن انهن کي آمريڪا کان ايتري نفرت آهي ته کين اها شهريت به ڇڏڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اتي اهي ڪا نوڪري ڪن ٿا ته ان تان به استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
ڪالهه تائين فوج کي دنيا جي عظيم فوج چوندڙ پارٽي اڄ گهٽين ۾ان جي خلاف نعريبازي ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازيءَ کي پنهنجي پسند جو آرمي چيف رکڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. جڏهن هو وقت کان اڳ چونڊن جي ڳالهه ڪري ٿو ته سندس مرضي اها آهي ته اهي چونڊون نومبر کان اڳ ٿي وڃن. جنهن ۾ نئين ڪابينه به اچي وڃي ۽ اها نئون آرمي چيف به مقرر ڪري ڇڏي. پر هاڻ اهو طئي ٿي ويو آهي ته نئون آرمي چيف هاڻوڪو وزير اعظم شهباز شريف ئي مقرر ڪندو. ان کان پوءِ ئي چونڊون ٿينديون. اهي چونڊون پوءِ ايندڙ سال جي شروع به ٿي سگهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته ڪمانڊ جي تبديليءَ کان پوءِ گهڻيون شيون واضح ٿي وينديون ۽ هن ڀيري عمران خان نيازيءَ لاءِ اقتداري ايوان ۾ پهچڻ ايترو آسان نه هوندو.
سياسي تجربيگاهه ۾ هاڻوڪو تجربو ڪيترو ناڪام ويو ۽ ڪهڙي ريت انهن سياسي پارٽين کي احتساب جي نالي ۾ انتقام جو نشانو بڻايو ويو، جن سان اسٽيبلشمينٽ کي ڪيمسٽري سٺي رهي آهي. ان جو اندازو ڪرڻ هاڻي ڏکيو ناهي رهيو. تنهنڪري جن به عمران خان نيازيءَ کي هڪ مها انقلابي اڳواڻ پئي سمجهيو انهن کي خبر پئجي وئي آهي ته هو نه رڳو سياسي طور نابالغ آهي پر هو پنهنجي پارٽيءَ جا گوئبلز مارڪيٽ ۾ متحرڪ ڪري ڪوڙ کي سچ جو ويس ڍڪائڻ جو به ماهر آهي. تنهنڪري ملڪ جون واڳون اهڙي ماڻهو حوالي ڪرڻ وڏي جوکم جو ڪم آهي.
هن سال ۾ گهڻيون اڳڀرايون ٿيڻيون آهن. هاڻوڪي حڪومت لاءِ به چيلينجز گهٽ نه آهن. تنهنڪري ان کي سڄو ڌيان عوام ۽ ملڪ فلاح بهبود تي ڏيڻو پوندو. جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ عوام کي اهو احساس ته ٿئي ته جن کي چور چور چئي رڻ ٻاريو پئي ويو. اهي ملڪ کي سياسي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جي اهل آهن ۽ انهن کي وڌيڪ بهتر نموني ڄاڻ آهي ته هڪ ملڪ کي ڪيئن هلائي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button