ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ وفاق جو سهڪار

Editorial

ملڪي ترقيءَ جو دارومدار وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾لاڳاپن تي هوندو آهي، صوبن ۽ وفاق جا لاڳاپا جيترا بهتر هوندا اوترو ئي ترقياتي رٿائون وقت سر پوريون به ٿي سگهنديون ۽ ان کان سواءِ عوام کي بهتر سهولتون پڻ ملي سگهنديون. پي ٽي آءِ جي حڪومت صوبن کي ته کنگهيو ئي ڪونه ٿئي. جنهن جي صوبن ۽ وفاق وچ ۾ سدائين ڏند چڪ جاري رهندي هئي. خاص طور تي پي ٽي آءِ جهڙي ريت سنڌ کي نظر انداز ڪيو، ان جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي. جنهن جي ڪري نه رڳو سنڌ جون ترقياتي رٿائون رولڙي جو شڪار ٿي ويون پر عمران خان سنڌ جي وڏي وزير سان ملڻ به پسند ڪونه ڪندو هو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت نه هئي پر تنهن هوندي به وفاقي سطح تي سهڪار هجڻ لازمي هوندو آهي. نئين حڪومت ايندي وزير اعظم شهباز شريف ڪراچيءَ جو دورو ڪيو ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان سنڌ جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. جيڪو هڪ بهترين عمل آهي.
وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي کي 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڻي جي فراهمي جو مسئلو هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ لاءِ چين جي حڪومت سان ڳالهائينداسين، وفاق ترقياتي منصوبن لاءِ صوبائي حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو، ڪراچيءَ ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ بسون هلائڻ سان ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي ٿي آهي ته ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ ٻين منصوبن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جي ٽيم محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، کين يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪندي ۽ وفاق ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو. وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻايون، شروع ۾ چيني عملدارن ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائن لاءِ غور هيٺ آڻڻ جو شروع به ڏنو هو پر بعد ۾ حالتون تبديل ٿي ويون. وزيراعظم چيو ته سنڌ جو وڏو وزير صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي، اورينج لائين، ريڊ لائين ۽ گرين لائين منصوبا تقريبن مڪمل ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ هزارن جي انگ ۾ شفاف طريقي سان ايئر ڪنڊيشنڊ بسون گهرايون وڃن ته ان مان ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت حاصل ٿيندي. سٺي ساک رکندڙ ٽرانسپورٽرز کي پري ڪواليفائي ڪيو وڃي ۽ ان کانپوءِ ٻولي ٿئي، بئنڪن سان گڏجي کين قرض ڏيارينداسين ۽ ان تي وياج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي برداشت ڪري سگهن ٿيون ته اها ٽرانسپورٽرز لاءِ تمام وڏي سهولت هوندي، اسان جي بهترين ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقات رهي آهي.
ڪراچي سنڌ جو اهم ترين شهر آهي، جنهن جي ترقيءَ سان نه رڳو هتان جي ماڻهن لاءِ روزگار جو موقعا پيدا ٿيندا پر ملڪ جي عوام لاءِ به خوشحالي ايندي. ڪراچيءَ ۾ پاڻي توڙي ٽرانسپورٽ وارن مسئلن کي ترت حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هيڏي وڏي شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي ڪابه بهتر سهولت ڪانهي. ان کانسواءِ ڪراچيءَ ۾ سمنڊ ڪناري ۾ ڪيتريون ئي اسڪيمون شروع ڪري سگهجن ٿيون، جن سان گهڻي آمدني به ٿي سگهي. ڪراچيءَ کي عالمي سطح جو شهر بڻائڻ ۾ جيڪي به رنڊڪون آهن، انهن کي ترت ختم ڪيو وڃي ته جيئن هي شهر دنيا کي پنهنجو پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ سهڪار جو سلسلو هلندو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button