سنڌ ۾ عوامي مزاحمت جي هڪ ڊگهي تاريخ رهي آهي. سنڌ جي قومي وسيلن جي لُٽ مار هجي يا سياسي، جمهوري ۽ انساني حقن جي بحالي جو سوال، سنڌ جي عوام جدوجهد جي ميدان ۾ سدائين پاڻ ملهايو آهي. انهي سموري عوامي مزاحمتي تاريخ ۾ بنيادي اڳواڻي اڪثر موقعي ۽ مهل جي نسبت سان جيتوڻيڪ سياسي سماجي ڌرين ئي پئي ڪئي آهي، پر ان ڏِس ۾ ڪجھه اهڙا نيوڪلا ۽ نيارا مثال پڻ موجود آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ڪن مخصوص ڏکين حالتن ۾ عام لوڪ پنهنجي مدد پاڻ تحت به اڳيان ايندو رهيو آهي ۽ سندن مٿان جيڪي مصيبتون نازل ٿيون، تن کي ٽارڻ ۽ منهن ڏيڻ لاءِ عام لوڪ پنهنجي ديس جي هڪ گڏيل عوامي سهڪار واري راڄوڻي روايت هيٺ مقامي سطح تي اهڙا اهڙا مهاڏا اٽڪايا، جن اڳيان هلي وڏين مثالي تحريڪن جو روپ ڌاري ورتو. ان راڄوڻي مزاحمت ۽ جدوجهد جو هن دور جو سڀ کان وڏو مثال مارئي جي ديس مٿان جبري مڙهيل ڪوئلي جي ڪاري رٿا خلاف “راڄوڻي ڪَٺ” جي صورت ۾ عوامي مزاحمت آهي.
اصل ۾ ٿيو هيئن جو جيئن شروع شروع ۾ ٿرڪول رٿا پير پاتا تڏهن مقامي ماڻهن کي اها ڳالھه سمجهھ ۾ ئي ڪونه پئي آئي ته آخر هي آهي ڪهڙي بلا!! ڇاڪاڻ ته حڪمرانن ان رٿا لاءِ اوائلي ڏينهن ۾ جيڪي ڳالهيون هلايون، تن ۾ مارو لوڪ کي اهو ٻڌايو ويو ته هي رٿا ٿر جي عوام لاءِ سک، سلامتي، خوشي ۽ ترقي جون نيون نيون راهون هموار ڪندي ۽ اڳتي وڌڻ جا نوان نوان موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ عمل هيٺ آندي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪوئلي نڪرڻ سان نه فقط ٿر جي قسمت تبديل ٿيندي پر ان جو ثمر سموري ملڪ کي پلئه پوندو. ۽ ائين جيئن ٿرڪول رٿا تي ڪم ڪار شروع ٿيو تيئن اتان جي لوڪ کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته هي ته ڄڻ سندن خلاف مرحليوار اڻ اعلانيل گهيرو ٿي رهيو آهي!! ۽ حقيقت ۾ آهي به ايئن ئي.
رٿا جيئن اڳتي وڌڻ لڳي ته پهرين اچي روڊ رستا ٺهيا، ۽ انهن روڊ رستن سان نئين وڻڪار وڌائڻ جو به تاثر ڏنو ويو. نون روڊ رستن سبب پنڌ کُٽڻ لڳا ۽ ماڻهن کي اچ وڃ ۾ ڪجھه سهولت پسڻ ۾ آئي. ايئن ماڻهو اها اميد ڪرڻ لڳا ته ان قسم جا نوان نوان روڊ رستا ٿر جي هر واهڻ وستي تائين ٺهندا پر ايئن اصل ۾ هو ئي ڪونه. ٿيو هِيئن جو رستا اوستائين ئي ٺاهيا ويا جيستائين ڪول ڪمپني کي گهرج هئي بس. جڏهن ته باقي ٿر اهو ئي ڀڙڀانگ رهيو. ماڻهو اهو سڀ ڪجھه حيرت سان ڏسندا رهيا ۽ کين ڪجهھ سمجھه ۾ نه پئي آيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. نيٺ وقت سان گڏ تجربي ۽ مشاهدي سان ڳالهھ اها سامهون آئي ته هي رستا ٿر جي ماڻهن لاءِ نه پر ڪمپني لاءِ آھن. جن رستن تان هلي ڪمپني وارا انهن ڳوٺن تائين پهتا جيڪي ڳوٺ رٿا ۾ آيا ٿي. انتظاميا انهن ڳوٺن جي عوام کي اڳتي هلي اهو چيو ته کين انهن ڳوٺن مان لڏڻو پوندو ڇو ته اهي زمينون هاڻ ڪوئلي ڪڍڻ لاءِ سرڪار کي گهربل آهن. ٿرڪول انتظاميا جا اهڙا نام نهاد فرمان ٻڌي ماڻهو مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي رهيا ته هي اوچتو ئي اوچتو ساڻن ڇا ٿي رهيو آهي!؟
ايئن جيڪا زمين ٿرڪول لاءِ ڦٻائي وئي، تنهن جي چوڌار ڪنڊيدار تارون وڇائجڻ لڳيون ۽ اهي پڙها ڏنا ويا ته جن به ماڻهن جي زمين ڪول جي حد ۾ آئي آهي، سي پنهنجا ڪاغذ پٽ ڏيکاري، پنھنجا پئسا اچي کڻن ۽ جيڪي نه ايندا سي اڳتي پاڻ ڄاڻن. ۽ پوءِ اتان ئي هي سمورو معاملو اٿي کڙو ٿيو ته آخر هي ڪهڙي ترقي آهي، ڪهڙو انصاف آهي!؟ ڇو ته زمين تي سڌي سنئين زبردستي ٿي رهي هئي. ان وچ ۾ ڪجھه مسڪين ماڻهو ته ويچارا خوف هراس ۾ پنهنجا اباڻا پڊ ۽ اجھا ڇڏڻ به لڳا، جو ڪمپني طرفان سڌي اڻسڌيءَ طرح ماڻهن کي ڌمڪايو به ويو پئي ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. بهرحال ڪجهھ ڳوٺن جي ماڻهن طئي ڪيو ته اهي پنهنجي پُرکن ۽ پيڙهين جي ورثي تان هٿ نه کڻندا ۽ هر قسم جي راڄوڻي مزاحمت توڙي قانوني ويڙهه وڙهي پنهنجا ڳوٺ، چراگاهون “گئوچر” ۽ اباڻيون زمينون بچائيندا، جيڪو سندن، قانوني توڙي انساني حق بڻيو ٿي.
ان وچ ۾ سچ به ته کيرون لڌيون سنڌ جي سٻاجھي سَپوت پي ايف ايف ايف جي سرواڻ سيد محمد علي شاھه صاحب جيڪو ٿر جي عوام وٽ ڪهي اچي پهتو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو. شاهھ صاحب اڄ ڀل کڻي اسان ۾ ناهي ۽ پرلوڪ پڌاري چڪو آهي پر مارو لوڪ سان سندس سهڪاري ڪردار جو ثمر اهو آهي جو هن مقامي ماڻهن کي جنهن انداز ۾ منظم ڪري، پنهنجا حق وٺڻ لاءِ اٿاري بيهاريو، سا جدوجهد اڄ “راڄوڻي ڪٺ” جي روپ ۾ نمايان آهي ۽ ان ڪٺ مان اڳتي هلي ٿر سماجي تحريڪ پڻ سامهون آئي، جيڪا تحريڪ هن وقت ٿرڪول کان متاثر مقامي آبادي جو هڪ سگهارو آواز آهي جنهن ۾ عبدالعزيز قادري ۽ سندس سٿ جا ساٿي بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
هاڻ ٿورو اچو ته مختصر طور “راڄوڻي ڪَٺ” جو تعارف پسون ته اهو آهي ڇا؟ دراصل اهو فورم نج انهن ڳوٺن جي عوام جي گڏيل جدوجهد مان جڙي راس ٿيو آهي، جيڪي ڳوٺ ڪمپني جي قبضي هيٺ آيل آهن يا جن ڳوٺن ڏانهن سانباها آهن. اول اول جڏهن ڪمپني جو قبضو شروع ٿيو ته متاثر ڳوٺن جي رهواسين پنهنجي پنهنجي حساب سان الڳ الڳ لاڳاپيل انتظاميا سان اهي ڳالهيون پڌري پٽ رکيون ته اهي پنهنجون زمينون، ڳوٺ ۽ گئوچر (چراگاهون) نه ڇڏيندا. پر ان سموري جدوجهد ۾ ڳوٺاڻن کي پنهنجين زمينن جا جيڪي ڪاغذ پٽ گهربل هئا، تن ڪاغذن لاءِ جڏھن ڳوٺاڻن ريونيو کاتي وارن سان رابطو ڪيو ته اتي تمام وڏي ڦير گهير نظر آئي. ريوينيو وارن ٿرڪول اختيارين سان ڳٺ جوڙ ڪري متاثر ڳوٺاڻن جا ڪيترائي کاتا گم ڪري ڇڏيا. ان سموري ويڌن کان پوءِ ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته هي ته سڀني جو گڏيل مسئلو آهي ۽ ان مسئلي خلاف جدوجهد به ڪنهن گڏيل فورم تان ئي ٿيڻ گهرجي. واضح ڪندا هلون ته انهي گڏيل عوامي احساس ۽ گهرج مان ئي “راڄوڻي ڪٺ” وارو محاذ ڦٽي نڪتو ۽ هن وقت تائين انهي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪٺ ٿي چڪا آهن، جتي متاثر آبادي ٿرڪول جي جبر خلاف رلجي ويچاريو آهي ۽ پيرائتي انداز ۾ احوالي ٿيندي، اهو ثابت به ڪيو آهي ته ڪمپني هن وقت تائين ڪهڙيون ڪهڙيون ماحولياتي ۽ انساني تباهيون ڪيون آهن يا اڳتي ڪري سگهي ٿي.
راڄوڻي ڪٺ جي جيڪڏھن شروعات کي ڏسجي ته ان جي پهرين وِک سال 2020 جي ڊسمبر مهيني کان ڳوٺ رانجهو نُون ۾ کڄي ٿي ۽ هن وقت تائين لڳ ڀڳ يارنهن ڳوٺن ۾ اهي عوامي راڄوڻي ڪٺ ٿي چڪا آهن. جن ۾ ڳوٺ رانجهو نُون کان سواءِ ڳوٺ وروائي، ٿاريو هاليپوٽو ،گوڙاڻو، کاروجاني، احمد خان نُون، ٻيٽارو، ابن تڙ، تِلوايو، ڌُڪَڙڇو ۽ سلام ڪوٽ شهر اچي وڃن ٿا. ان سموري عمل ۾ متاثر ڳوٺن جي مقامي نوجوانن جو انتهائي مکيه ڪردار رهندو پئي آيو آهي، جن نوجوانن کي جَس هجي جيڪي لڳاتار ڪُل وقتي ميدان عمل ۾ پاڻ نڀائي رهيا آهن. منهنجي سمجهھ موجب راڄوڻي ڪٺ انصاف ۽ حق وٺڻ لاءِ مقامي انداز واري جدوجهد جو هڪ اهڙو اثرائتو فورم آهي، جنهن جي نه فقط ٿر بلڪ سنڌ جي هر انهي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي، جتي ڪنهن به قسم جي ناانصافي ٿي رهي آهي. اهڙي ڪٺ جي اهميت ان ڪري به آهي جو هي جدوجهد جو هڪ آزمايل انداز ۽ طريقو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ڳوٺ جي هر ننڍي ۽ وڏي کي ٻُڌو وڃي ٿو ۽ ان کي اهميت ملي ٿي. ٿر ۾ ٿيندڙ راڄوڻي ڪٺ جو جيڪو اڃان به قابل ذڪر پاسو آهي، سو اهو آهي ته ان ڪٺ ۾ عورتن جي پڻ چڱي ڀلي شرڪت ٿيڻ لڳي آهي ۽ ان شرڪت جو دائرو لڳاتار وڌي رهيو آهي. جنهن ۾ خاص طور تي اهڙين برادرين جون عورتون شريڪ ٿي رهيون آهن جيڪي اقليتن جي آڙ ۾ سالن کان پيڙجي رهيون آهن. پوءِ اهي ڪولهي هجن، ڀِيل هجن يا ڪجھه اهڙيون ٻيون برادريون. بهرحال اڄ انهن برادرين جا مرد توڙي عورتون جنهن همت ۽ حوصلي سان راڄوڻي ڪٺ ۾ پنهنجو موقف رکن ٿا/رکن ٿيون سا جاري دور توڙي ايندڙ وقت لاءِ تمام وڏي اميد جي نويد آهي. هاڻ ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته سموري سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين، سجاڳ فردن ۽ خاص طور تي ميڊيا کي ٿرڪول کان متاثر آبادي جي انهي ڪٺ ۾ پنهنجو ڀرپور حصو ڳڻائڻ گهرجي ته جيئن دنيا جهان کي اها بنيادي آگاهي ملي سگهي ته ٿر جو عوام ٿرڪول رٿا کي ڪيئن ڏسي ٿو ۽ انهي رٿا جا ٿر جي ماحول، مقامي زندگي توڙي معيشت، صحت ۽ انساني نفسيات تي ڪيترا نه ھاڃيڪار اثر پيا آهن.