پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ لاءِ ته بحراني دور هو پر هتان جي عوام لاءِ به هڪ سخت بحرانن جو دور هو. ان وقت جي حڪومت بحرانن کي حل ڪرڻ بدران ويتر انهن جي واڌارو ڪيو ۽ ان کان سواءِ جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت کان سوال ڪيو ويندو هو ته اها مسئلن کي حل نٿ ڪري ته ان جو جواب اهو ئي هوندو هو ته اڳوڻين حڪومت مسئلا پيدا ڪيا آهن، اهي انهن جا پيدا ڪيل مسئلا آهن، پر حڪومت ڪڏهن به اهو ڪونه چيو ته ڪنهن به حڪومت مسئلا پيدا ڪيا هجن پر پي ٽي آءِ حڪومت انهن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪم ڪندي رهندي. پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جتي معاشي بحران رهيو، جتي ملڪ ۾ بيروزگاريءَ ۾ واڌ ٿي، اتي توانائي بحران به شدت اختيار ڪري ويو هو. توانائي بحران کي نواز ليگ ڪافي حد تائين حل ڪيو هو پر ان کان پوءِ جهڙِي ريت پي ٽي آءِ حڪومت جهڙي ريت بحران کي جاري رکيو ان سان عوام لاءِ پريشانين ۾ اضافو ٿيندو رهيو. هاڻ جڏهن نئين حڪومت ۾ نوان انگ اکر آيا آهن، انهن موجب توانائي بحران ايترو ڪونه هو پر اها نا اهلي هئي، جنهن جي ڪري ان کي توانائي بحران ڪري پيش ڪيو پئي ويو.
ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ تي اجلاس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. اجلاس ۾ توانائي ڊويزن وزيراعظم کي بريفنگ دوران اڳوڻي حڪومت جي نااهليءَ جي چارج شيٽ پيش ڪري ڇڏي. ذريعن موجب اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته ملڪ ۾ بجليءَ جي کوٽ ناهي پر ٻارڻ نه هجڻ ۽ فني خرابين سبب ڪارخانا بند پيا آهن. ملڪ ۾ 18 پاور پلانٽن جا مختلف غير فعال يونٽ فني نقصن سبب هڪ سال کان بند آهن. 18 پاور پلانٽن ۾ بيلٽ ٽٽڻ، تارون خراب هجڻ جهڙا مسئلا سامهون آيا، ڪيترائي پاور پلانٽ ٻارڻ نه هجڻ سبب بند آهن. بندش جو شڪار 18 پاور پلانٽن ۾ پورٽ قاسم، گدو، مظفر ڳڙهه ڪيپڪو، ڄامشورو ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪا 5 هزار 751 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي حڪومت ۾ بجلي گهرن جون فني خرابيون ختم ڪرڻ، وقت تي مرمت ۽ پرزن جي تبديلي تي ڌيان نه ڏنو ويو، گهڻي ڀاڱي انتظامي نوعيت جون ۽ ڪجهه جو واسطو پاليسي فيصلن سان آهي. ٻارڻ نه هجڻ سبب بند پاور پلانٽن ۾ نندي پور، ساهيوال ڪول جهڙا سستي بجلي ٺاهڻ وارا ڪارخانا شامل آهن. 9 پاور پلانٽ ڊسمبر 2021ع کان بلن جي عدم ادائيگي ۽ ٻارڻ خريدڻ جا پئسا نه هجڻ سبب بند پيا آهن، جيڪي مجموعي طور تي 3 هزار 535 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف صورتحال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نقص ۽ خرابيون فوري طور ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ ورتل آهي، خدارا احساس ڪيو، اهڙي غفلت برداشت جوڳي ناهي، تڪڙا قدم کنيا وڃن. ذريعن موجب آفيسرن انڪشاف ڪيو ته نيب جي خوف سبب ڪجهه نٿا ڪري سگهون.
هن صورتحال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڳوڻي حڪومت توانائي جهڙي اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي سنجيدگي نه ڏيکاري. مثال طور جيڪي پاور پلانٽس ڪنهن فني خرابيءَ جي ڪري ڪم نه ڪري رهيا هئا، انهن کي ٺيڪ ڪرڻ ته حڪومت جي وس ۾ هو. انهن پاور پلانٽن جو انگ 18 ٻڌايو پيو وڃي. جن جي ٺيڪ ٿيڻ سان وڏي مقدار ۾ بجلي پيدا ٿي پئي سگهي. پر حڪومت ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ اڄ عوام ڪارين راتين ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. اسين هاڻوڪي حڪومت کي اهو عرض ڪرڻ ٿا چاهيون ته حڪومت لاءِ اڳوڻي حڪومت وڏا چيلينج ڇڏي وئي آهي، جنهن کي حل ڪرڻ ايترو سولو ڪونهي. پر جيترو ترت ٿي سگهي، حڪومت توانائي بحران کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن عوام کي وقت سر بجلي فراهم ٿي سگهي. عوام هونئن به مهانگي بجلي ٻارڻ تي مجبور آهي ۽ هڪ ڀيرو وري نئين حڪومت بجليءَ جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن، جنهن سان عوام جي کيسي تي وڌيڪ بار پوندو.