ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ تي ٿيل ڪاهون

Editorial-Article-Nirma Talpur

اٺين صدي عيسوي انھي دور ۾ شامل آھي، جڏھن رياست ۽ سلطنت جا رتبا ڪنھن عالمي قانون جا پابند نـه ھئا، “جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري ڳالھه تڏھن عام ھئي. قومون يا تـه طاقتور سلطنت جي اطاعت قبول ڪنديون ھيون يا جنگين لاءِ تيار رھنديون ھيون.
اٺين صدي عيسوي دوران اموي سلطنت کي ھڪ سپرپاور جو درجو حاصل ھو. ان جون سرحدون هاڻوڪي بلوچستان جي علائقي مڪران تائين پکڙيل ھيون، پر اھي سنڌ تي حملي لاءِ راضي نـه ھئا. ان جو بنيادي سبب اھو ھو ته سنڌ اموي سلطنت جي مرڪزي شھر دمشق کان ڪافي پري ھئي ۽ اھي ايترو پري پنھنجا وسيلا خرچ ڪرڻ کان لھرائيندا ھئاـ
اٺين صدي دوران سنڌ ۾ راجا ڏاھر جي حڪومت ھئي. راجا ڏاھر کان اڳ سنڌ تي 14 ڀيرا حملو ٿي چڪو ھو. راجا ڏاھر سان جنگ جو سبب چچ نامي ۾ اھو ٻڌايو ٿو وڃي تـه ھو سريلنڪا مان تحفي طور ايندڙ جھازن جي ڦر ۾ سامونڊي ڦوروئن (قزاقن) سان گڏ ھو، اها ڳالهھ عراق جي گورنر حجاج بن يوسف کي پسند ڪانه هئي پر تاريخ ۾ ڪٿي بـه ان ڳالھه جو ثبوت موجود ناھي.
حجاج اموي سلطنت جي خليفي وليد بن عبدالمالڪ کي يقين ڏياريو تـه سنڌ تي حملي لاءِ جيترو خرچ ٿيندو، ھو ان کان ٽي ڀيرا وڌيڪ فائدو وٺي ڏيندو جنھن تي وليد سنڌ تي حملي لاءِ حامي ڀري ڇڏي. حجاج بن يوسف ھڪ بي رحم ۽ سفاڪ انسان ھو، جنھن جي ابتڙ مھاراجا ڏاھر پنھنجي دشمنن سان بـه حسنِ سلوڪ وارو رويو رکندو ھو.
حجاج پنھنجي ٻن سپھه سالارن عبدالله بن نحبان ۽ بديل بن تحافـه کي ديبل تي حملي لاءِ موڪليو پر اھي حملا ناڪام ويا ۽ سندس ٻئي سالار ان حملي ۾ مارجي ويا. انھن جي موت ڄڻ ته حجاج کي وڌيڪ ڪاوڙائي ڇڏيو ۽ ھن مھاراجا ڏاھر کان بدلي جو پڪو پھه ڪري ورتو.
ان سلسلي ۾ حجاج ننڍي عمر جي پنهنجي هڪ مائٽ محمد بن قاسم جي چونڊ ڪئي ۽ فوجي تربيت لاءِ کيس عراق جي شھر شيراز موڪلي ڇڏيو، جتان ٦ مھينن جي تربيت کان پوءِ کيس ٦٠٠٠ گھوڙي سوارن ۽ ٣٠٠٠ اٺن سميت ديبل ڏانھن روانو ٿيڻ جو حڪم مليو. ٧١١ع دوران محمد بن قاسم مڪران اچي پھتو، جتي ھن کي اتان جي گورنر محمد بن ھارون طرفان فوجي امداد فراھم ڪئي وئي. ديبل جي وچ ۾ ٻڌ ڌرم جو ١٢٠ فٽ اوچو مندر قائم ھو. جنهن جي گنبذ جي ھيٺ ڪمرا ٺھيل ھئا، جنھن ۾ مورتيون رکيل ھيون. جنھن ۾ سڀ کان وڏي مورتي مھاتما ٻڌ جي ھئي. مندر جي مٿي چئن پٽين وارو ڳاڙھو جھنڊو لھرائي رھيو ھو، جنھن جي ھيٺ ھڪ تعويذ لڙڪيل ھوندو ھو ۽ اتان جي ماڻھن موجب اھو انھن جي حفاظت ڪندو ھو. عرب لشڪر جا پھريان حملا ناڪام ويا پر ان تعويذ کي لاهڻ کان پوءِ انھن ھار مڃي قلعي جا دروازا دشمنن لاءِ کولي ڇڏيا ۽ ائين عرب حاڪمن کي سنڌ ۾ پير ڄمائڻ جو موقعو ملي ويو ۽ ھن ديبل کانپوءِ راڻي ڪوٽ (هاڻوڪو حيدرآباد) ڏانھن رخ ڪيو. ھتي موجود قلعي وارن محمد بن قاسم جي ديبل پھچڻ کان اڳ ڳجهي نموني سان حجاج کي خط موڪلي اطاعت جو پيغام موڪلي ڇڏيو ھو، ۽ اتان جا دروازا محمد بن قاسم لاءِ کليل رھيا. ديبل ۽ راڻي پور جي فتح کانپوءِ سنڌ جا گھڻا سردار پنھنجي جان مال بچائڻ لاءِ انھن جي اطاعت ڪرڻ لڳا.
ان علائقي جا ٻڌ ڌرم وارا راجا ڏاھر کان ناراض ھئا ڇو تـه ھن ٻڌ ڌرم وارن کان حڪومت ۽ بادشاھت کسي ھئي ۽ سندن ئي مذھب جا ڪجھه اختلاف رکندڙ بـه مهاراجا ڏاهر جي خلاف ٿي ويا. ان جو وڏو سبب اهو هو تـه راجا ھندو رسمن جي خلاف وڃي پنھنجي ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئي، ان جو سبب اهو هو ته ھڪ نجومي راجا ڏاھر کي ٻڌايو هو تـه تنھنجي ڀيڻ سان جيڪو راجا شادي ڪندو اھو سڄي ڀارت تي حڪومت ڪندو، اھو ٻڌي راجا پنھنجي ئي ڀيڻ سان رسمي شادي ڪري ڇڏي. ائين ڪندي محمد بن قاسم سنڌ جو ڪافي حصو پنھنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو پر ھن جي اڃان راجا ڏاھر سان روبرو جنگ ڪانـه ٿي ھئي.
مهاراجا ڏاھر ان وقت سنڌو درياهه جي اوڀر ڪناري تي برهمڻ آباد (هاڻوڪو شھدادپور جي ويجھو) جي قلعي ۾ موجود ھو. جڏھن تـه محمد بن قاسم جو لشڪر سنڌو درياهه جي اولھه واري ڪناري يعني حيدرآباد ۾ ٽڪيل ھو. محمد بن قاسم حجاج جي حڪم سان رات پيٽ ۾ راڻي پور کان برهمڻ آباد ڏانھن سنڌو درياهه تي ٻيڙين جي پل ٺاھي پار ڪيو. درياهه پار ڪرڻ جي ڪافي ڏينھن تائين جنگ ڪانـه ٿي ڇو تـه قاسم حجاج جي حڪم جي انتظار ۾ ھو. راجا ڏاھر پنھنجي پٽ جيسينا سميت وقفي وقفي سان لشڪرن کي موڪليندو رھيو پر انھن سڀني کي شڪست ملي، اھا خبر جڏھن وزير کي پئي تـه ھن مھاراجا کي چيو تـه اسان کي ٻي ڪنھن راجا کان مدد گھرڻ کپي جنھن تي راجا ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو تـه: “جي آئون جنگ کٽي ٿو وڃان تـه ھڪ طاقتور بادشاهه ٿيندس ۽ جي شھيد ٿي ويس تـه سنڌ ۽ عرب جي ڪتابن ۾ اھو لکيو ويندو تـه سنڌ جي راجا پنھنجي ملڪ خاطر پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي.”
راجا ڏاھر عرب ڪيمپ کان ٽن ميلن جي فاصلي تي پنھنجي ڪيمپ لڳائي. فتح نامـه سنڌ موجب ٻنھي ڌرين ۾ ويڙهه رمضان جي ڏھين روزي تي خميس واري ڏينھن ٿي. راجا ڏاھر کي ھاٿي تي مڪمل طرح محفوظ ڪيو ويو ۽ پاڻ سان گڏ مضبوط تير ڪمان ۽ شڪنجي جھڙو گول ھٿيار رکيائين ۽ سپاھين سان گڏ تير جي مدد سان دشمنن کي ماريندو ويو.
راجا ڏاھر جا عظيم حوصلا ڏسي سندس سپاھي وڌيڪ جوش سان جنگ وڙھڻ لڳا. انھن جا جذبا ڏسي عرب سپاھي ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا، جنھن تي محمد بن قاسم تقرير ڪندي سندن حوصلا افزائي ڪئي ۽ عرب لشڪر جو پلڙو ڀاري ٿيڻ لڳو پر جيسين راجا ڏاھر زندهه ھو، ھنن کي شڪست ڏيڻ ناممڪن ھئي، سو محمد بن قاسم جي حڪم تي ان جي سپاھين راجا جي ھاٿي تي باهه وارين تيرن جي برسات ڪري ڇڏي، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ تير بادشاهه جي پالڪي تي لڳو. باهه لڳڻ سبب ھاٿي قابو مان نڪرندي اچي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۾ ويھي رھيو. ان دوران ھڪ تير راجا جي سيني تي بـه اچي لڳو پر اھو تير ھماليا کان اوچا جذبـا رکندڙ مھاراجا کي ڪجھه نـه ڪري سگھيو ۽ ھو زخمي ٿي پالڪيءَ مان ٻاھر وڙھڻ لاءِ نڪري آيو.
ھڪ عرب “عمر بن خالف” بادشاهه جي ويجھو پڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ سندن سر دڙ کان الڳ ڪري ورتو. مھاراجا جي سسي ڪٽي عراق ۾ حجاج بن يوسف کي موڪلي وئي.
پر جنگ اتي ختم ڪانه ٿي سگهي. بادشاهه جا سپاھي واپس برهمڻ آباد جي قلعي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اتي مھاراجا جي ڀيڻ جنھن سان ھن رسم طور شادي ڪئي، سا گھڻا ڏينھن پنھنجو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي پر نيٺ عرب حملي آورن قلعي جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا جنھن تي راڻي ٻائي ٻين راڻين سان گڏ پاڻ کي باهه ڏئي ماري ڇڏيو ۽ مھاراجا جو وڏو پٽ جيسينا چتوڙ ڏانهن نڪري ويو. جنھن کان پوءِ محمد بن قاسم برھمڻ آباد ۽ راجا جي مرڪز جي شھر برهمڻ آباد کي بـه فتح ڪري ورتو. ھو گھڻو عرصو پوءِ سنڌ ۾ ٽڪيل ھو. سنڌ جي فتح کان پوءِ ملتان تي حملو ڪري اتي جو پاڻي بند ڪري ۽ شھر تي قبضو ڪري ورتو. اھا محمد بن قاسم جي آخري فتح ھئي 714ع ۾ حجاج ۽ ٧١5ع ۾ اموي سلطنت جو خليفو وليد بن عبدالمالڪ گذاري ويا. ھنن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ وليد جي ڀاءُ سليمان کي خليفو ڪيو ويو.
سليمان کي وليد جي ڪجھه گورنرن کان سخت نفرت ھئي، جنھن ۾ حجاج بـه شامل ھو. ھو تـ زنده نـه ھو پر سليمان ان جي ڪاوڙ ان جي مائٽ محمد بن قاسم مان ڪڍي. ھن کي تخت تان لاھي يزيد بن ابي حبشـه کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ قاسم کي قيد ڪرائي مٿس طرحين طرحين جا ظلم ڪرايس جنھن سبب ھو ٧١5ع ۾ گذاري ويوـ

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button