ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

راڻي راز جو ٿر کان سڌارٿ نگر جو سفر

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

هونءَ ته هر انسان جي زندگيءَ جو سفر پنهنجي پنهنجي انداز وارو رهيو آهي، پر ڊاڪٽر راڻي راز جو، مٺيءَ جي ريگستاني ڌرتيءَ کان، گوتم ٻڌ جي ڄمڻ واري سڌارٿ نگر تائين جو سفر، جيترو جستجو، محنت ۽ ڪشالن وارو رهيو آهي، اوترو ئي وري دلچسپ به آهي. دلچسپ ان ڪري ته ڊاڪٽر راڻو هر ڪم بيزاري بدران روح ۽ پيار سان ڪندڙ آهي. ان ڪري کيس اهو ڪم کڻي طب جو هجي، يا لسانياتي تحقيق جو هجي، پر هو اهو ڪم شوق، دلچسپي ۽ جستجو سان ڪري ٿو ۽ نتيجي ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪري ٿو.
تنهن زماني ۾ ٿر جا شاگرد ڪاليجي تعليم لاءِ هالا ۾ پڙهڻ ايندا هئا. ڊاڪٽر راڻو به ٿر جي مٺيءَ مان هالا ايندڙ شاگردن ۾ شامل هو. هو هالا ڪاليج جي هاسٽل ويجهو مائيءَ جي هوٽل تي ماني کائي اوڀاريون لهواريون ڪندڙن سان به شامل هوندو هو ته پنهنجي پڙهائيءَ ۾ گهڻو هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندڙ به هو. تنهن زماني ۾ سندس شاعراڻو تخلص راڻو راز هو. هن ميڊيڪل گريجويشن ڪرڻ کانپوءِ، پنج سال ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ، ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪئي. گهڻو پوءِ اها خبر پئي ته ڊاڪٽر راڻو راز نيپال هليو ويو آهي ۽ اتي رهي پيو. هن اتي پنهنجي پروفيشن وارو ڪم ڪندي به شاعري جاري رکي. سوشل ميڊيا ذريعي سندس شاعري پڙهڻ لاءِ ملندي رهي. هڪ ڀيري هو نيپالي ٻوليءَ ۾ سنڌي ۽ اردو لفظن جي ڳولا وارا تحقيقي ٻه ڪتاب کڻي حيدرآباد ۾ “سنڌ ايڪسپريس” جي آفيس ۾ آيو. اتفاق اهو ٿيو جو ان لمحي ان وقت وارو سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجو پڻ “سنڌ ايڪسپريس” جي آفيس ۾ موجود هو. ان ڪري اهي نيپالي، سنڌي ۽ اردو لسانيات وارا ٻئي ڪتاب اسحاق سميجي صاحب کي سنڌ الاجيءَ جي لائبريريءَ لاءِ ڏنا.
هن نيپال جي مارڪيٽ جي ٻوليءَ کان وٺي پنهنجي ميڊيڪل پروفيشن ۾ ملندڙ ماڻهن وٽان نيپالي ٻوليءَ ۾ سنڌي اچارن وارا ملندڙ جلندڙ اکر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. هن اهڙن 25 سئو سنڌي اچارن وارا اکر گڏ ڪيا. ساڳي ريت ساڳين اچارن وارا اردو اکر به گڏ ڪيا. جنهن تي ٻڌل هن سنڌي، انگريزي، نيپالي ۽ اردو ٻولين ۾ گڏيل ٻه الڳ ڪتاب لکي ورتا. اهڙي ريسرچ واري ڪتاب جي مهورتي تقريب سنڌ الاجي ڄام شورو ۾ ٿي. انهيءَ موقعي تي ٻولي ماهرن، تاريخ جي روشنيءَ ۾ نيپالي ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻولي جي اچارن ۽ لفظن جي شموليت، هن خطي جي قديم ٻولين پالي، سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو پاڻ ۾ سٻنڌ، قديم زماني کان هنگلاج، پامير جي چوٽي، تبت ۽ ٻين مقدس هنڌن تي خطي جي ماڻهن جون گڏيل زيارتون هجڻ، گڏيل واپاري هنڌ ۽ قديم لڏپلاڻن، واريون ڳالهيون بحث ۾ آنديون ويون. پر ان کان به اڳ نيپالي ٻوليءَ ۾ اردوءَ جي اچارن واري ڪتاب جي نيپال ۾ پاڪستاني سفارت خاني ۾ مهورتي تقريب ٿي. اهڙي تحقيق جي نتيجي ۾ نيپالي اڪيڊمي، پاڪستان جي ليٽرس اڪيڊمي پاران کيس مڃتا وارا ليٽر به ڏنا ويا آهن. هن جي شاعريءَ جي ٽن اي بوڪز وارن ڪتابن جي مهورت پنهنجي گهر واري شريمتي درگا جي هٿان سندس سالگره جي موقعي تي ٿي. هن وقت تائين ڊاڪٽر راڻي پنج ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ٽي شاعريءَ جا ڪتاب آهن. شاعري جي ڪتابن ۾ هڪ سڄو سارو ڪتاب ڪورونا جو زمانو، جي نالي سان ڪورونا واري وبا تي ڪيل شاعريءَ جو ڪتاب آهي. ان ڪتاب ۾ انگريزي، سنڌي ۽ نيپالي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي صحت واري اداري ڊبليو ايڇ او، ڪورونا کي 11 مارچ 2020ع تي (pandemic) پينڊمڪ قرار ڏنو هو. پر راڻي راز پنهنجي شاعري ۾ ڪورونا کي 8 مارچ 2020ع تي ايمرجنسي طور قرار ڏئي پينڊمڪ جو لفظ پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو هو. جيتوڻيڪ ڪورونا هڪ وبائي بيماري هئڻ ڪري ميڊيڪل جي اصلاحن سان وڏي بحث ۾ آئي. جنهن ۾ ويڪسين جي مختلف ڊوزن کان وٺي بوسٽر ڊوز، سماجي فاصلا ۽ ماسڪ پڻ بحث ۾ آيو. پر هڪ شاعر جيڪو ساڳئي وقت ڊاڪٽر به آهي. ان ڪري هو ڊاڪٽر هئڻ جي باوجود انهيءَ سماجي وٿيءَ تي ڪيڏي وڏي تڪليف محسوس ڪري ٿو. جيئن ڪورونا بابت سندس هي سنڌي نظم:
عام ماڻهو ۽ ماسڪ
ڪراچي ۾ ماسڪ پائيندڙ
ڪو مشڪل سان ٿو ملي
عرض ڪجي ٿو پائڻ لاءِ
يا ٿو منهن ڦيري يا ٿو کلي
جي ڪو ٿو ملي، ته ماسڪ
ڄاڙي هيٺيان پيو وري ٽلي،
گفتگو مان ته ايئن ٿو لڳي
حقيقت سمجهي ٿو ڪو ورلي
سمجهائڻ سان ته ڪو ڪو
کين وري ڳاٽي مان جهلي
روين مان ايئن ٿو لڳي، هو
دل جو درد ڪنهن سان سلي.
سماجي ۽ معاشي بار بوج
آهي عام ماڻهو جي ڪلهي
بي معنيٰ بي مقصد زندگي
جو گاڏ وعام ماڻهو پيو گهيلي
۽ هو ورلڊ سٽيزن آهي. هو ساڍا سترنهن سال نيپال ۾ رهيو آهي. هن کي اولاد ۾ چار ٻار آهن. جن ۾ هڪ ڌيءُ ڀاونا، جيڪا ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ يورپ جي ملڪ آسٽريا ۾ وڌيڪ اعليٰ تعليم لاءِ ويل آهي. هن جو وڏو پٽ انيل نيپال ۾ انٽر نيشنل سينٽر آف مائونٽين ڊيولپمينٽ واري اداري ۾ ڪم ڪري ٿو. هن جو ٻيو پٽ سنيل پبلڪ هيلٿ واري شعبي ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ ٽيون پٽ راجيش ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس ڪري پيو. هن هڪ ڪتاب فيمنزم جي موضوع تي “ڌيئر آهن ڪيڏيون مهان” Daughters are great نالي وارو ڪتاب لکيو آهي. هن اهو ڪتاب به انگريزي، نيپالي ۽ اردو ٻولين ۾ لکيو. اهو ڪتاب موهن جي دڙي جي ڪنگ پريسٽ جي نالي واري اداري سان جاري ٿيل آهي. هن نيپال ۾ ڪلينڪ ميٿڊ تي انگريزي ۾ ڪتاب لکيو. جنهن ۾ “مختلف بيمارين جي مريضن جي چڪاس ۽ معائنو ڪيئن ڪجي.” ان ڪتاب جا هن وقت تائين ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. هن جا ٻه سئو کان وڌيڪ ميڊيڪل تي ريسرچ آرٽيڪل، نيشنل ۽ انٽرنيشنل جرنلز به ڇپجي چڪا آهن.
هو نيپال ۾ گذاريل يادگيرين تي پڻ ڪتاب لکڻ چاهي ٿو. هن پنهنجا سمورا ڪتاب اي بوڪ طور آن لائين رکيا آهن. هن ڪمرشل طور پنهنجو ڪو به ڪتاب قيمت تي وڪڻڻ لاءِ نه رکيو آهي. هن جي شاعريءَ تي نامياري اديب ولي رام ولڀ لکيو آهي ته: چوندا آهن ته شاعر حساس ٿيندا آهن ۽ هو زندگيءَ جي حسن ۽ تلخين کي پنهنجي اندر ۾ سموئي انهن کي لفظن جو روپ ڏيندا آهن. ڊاڪٽر راڻي جي شاعري جا موضوع ۽ لفظ سندس شخصيت وانگر سادا ۽ سولا آهن. هن جيئن محسوس ڪيو، تيئن لکي ڇڏيو آهي. سندس شاعريءَ جا ڪردار ۽ انهن سان لاڳاپيل سندن ڀاونائون، اسان جي معاشري جي هر گهر، ۽ هر فرد جا ڪردار ۽ ڀاونائون آهن. راڻي پنهنجي شاعريءَ ۾ امڙ جي مامتا کي به ساراهيو آهي، ته ڌيئرن جي مهانتا کي به ڳايو آهي. هن استادن جي عظمت کي به شرڌان جلي ڏني آهي، ته پنهنجي سنڌ، ثقافتي ڏهاڙي ۽ ٿر جي سونهن کي به اجاگر ڪيو آهي. راڻي جي شاعري نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعرن لاءِ اتساهه جو سبب آهي. ڇو جو سندس ڪيترائي نظم پنهنجي طور تي مڪمل ڪهاڻيون آهن.”
هن گوتم ٻڌ جي ڄمڻ واري نيپال جي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان ساڍا سترنهن سال ميڊيل ڊاڪٽر طور گذاريا آهن. هو اپريل 2003ع ۾ سارڪ جي هڪ پراجيڪٽ تي نيپال ويو ۽ پوءِ وڌيڪ عرصو رهي پيو. جتي ميڊيڪل جي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو. هو هر وقت ڪم ڪندي نظر ايندڙ آهي. هو هن وقت مخدوم بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ درس تدريس جو ڪم ڪندڙ آهي. هو جڏهن وڏي عرصي کان پوءِ پاڪستان پهتو ته ڪورونا جي ور چڙهي ويو ۽ ڪيتروئي عرصو آءِ سي يو واري انتهائي نگهداشت ۾ رهيو. هن جو چوڻ آهي ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي ادارن کي اون ڪرڻ گهرجي. هو چئي ٿو جيڪو هر وقت اپ ڊيٽ رهڻ لاءِ جديد کان جديد علم پڙهندو رهي ٿو، اهو ڀلي کڻي 80 سالن جي ڄمار وارو هجي، پر ان کي پوڙهو نٿو چئي سگهجي. البت 20 سالن وارو ڀلي نوجوان هجي، پر جديد علم کان اپ ڊيٽ نه آهي، ان کي پوڙهو سڏي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button