ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ جو سياسي مونجھارو

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

عمران خان ۽ سندس پارٽي پي ٽي آءِ جنهن سياسي امتحان مان گذري پئي ڇا انهيءَ جي لاءِ هو دوران اقتدار تيار هيا. ڇا عمران خان ۽ سندس پارٽي اهو سوچيو هيو ته هو بي اعتمادي رٿ جو مقابلو اڪيلي سر ڪندا ۽ سندن واهر لاءِ ڪو به حمايتي (يعني ڪا سگھاري قوت) اڳتي وڌي نه ايندو ۽ اسيمبلي جي اندر جيڪا ڪشمڪش يا آئيني بحران هنن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هو اهو نٿي سمجھي سگھيا ته انهيءَ جو انت ڪهڙو ٿيندو. ڇا هو سياست جي دنيا ۾ اڃان تجربا ڪري رهيا آهن يا هنن کي آخري وقت تائين اها اميد هئي ته ڪٿان نه ڪٿان ڪا طاقت مداخلت ڪندي ۽ هو متحده اپوزيشن کي ڪو سرپرائيز ڏئي هڪ اهڙي پوزيشن تي اچي ويندا، جنهن ۾ هنن کي ڪا به رسوائي نه کڻڻي پوندي ۽ هو آخري وقت ۾ پنهنجي حڪومت بچائي ويندا ۽ جي حڪومت نٿي بچي ته صورتحال اهڙي پيدا ڪندا جو هو جلد کان جلد اليڪشن ۾ ويندي، انتظامي ۽ سياسي ماحول پنهنجي حق ۾ ڪري ويندا، آخري لمحي تائين جڏهن هو اهو سڀ ڪجھه نه ڪري سگھيا ۽ پوءِ ٻڏتر ۾ فيصلو ڪندي شاھه محمود قريشي کي وزير اعظم جي مقابلي جي لاءِ فارم ڀرائڻ کان پوءِ وزير اعظم جي چونڊ واري ڏينهن تمام وڏي گھل گنداڻ ڪرڻ کان پوءِ آخر قوم اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائن جو اعلان ڪري هليا ويا پر هنن ڪي پي ڪي جي حڪومت کي برقرار رکندي گڏوگڏ پنجاب ۾ به چوڌري پرويز الاهي جي حمايت جاري رکي. انهيءَ سان گڏ سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي سيٽون ايم پي اي جون پي ٽي آءِ جون آهن انهن تان به استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ۽ نه هڪ اڌ سيٽ جيڪا بلوچستان ۾ کين گفٽ ٿيل آهي انهيءَ لاءِ ڪو فيصلو ڪيو اٿئون.
وفاقي سرڪار جي بحران ۾ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي يار محمد رند ان وقت ئي آصف علي زرداري سان نه رڳو ملاقاتون ڪيون پر پنهنجي اڻ سڌي اتحاد جو کليو اشارو به ڏنو پر وفاقي سرڪار ۽ ان وقت موجود وزيراعظم عمران خان ان جو ڪو به نوٽيس نه ورتو هو نه وري هاڻي تائين صوبائي اسيمبلين تان استعيفائن جو فيصلو ڪيو اٿئون، صوبن ۾ مقرر گورنر ته وڏي طمطراق سان وزير اعظم شهباز شريف تي تنقيد جي پوائنٽ اسڪورنگ ڪندي استعيفائون ڏنيون ڇو ته کين خبر هئي ته گورنر وزير اعظم جي ريڪمڊيشن سان ئي مقرر ٿيندا يا هلي سگھن ٿا تنهن ڪري چوندا آهن ته “لڙهيا گدرا ناني جي نيت” تڏهن استعيفيٰ ڏيندڙ گورنر پنهنجي بااصولي ۽ پارٽي وفاداريءَ جو ڀرم رکي ويا پر باقي سڄي صورتحال ساڳي پوزيشن تي آهي پر اسان کي هي به نه وسارڻ گھرجي ته پشاور جي جلسي ۾ عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪ جي جڳاڙي ليڊر شيخ رشيد تقرير ڪندي چيو ته هاڻي اسان جي صدر جو مواخذو ڪندا ۽ اسان ڪنهن به صورت ۾ هنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جو انتهائي پيارو چونڊرايل عارف علوي جنهن وفا جو ڪردار نڀائيندي آئيني ۽ قانوني جوابداري نڀائڻ کان معذرت ڪندي بيمار ۽ معذور هجڻ جو سبب ٻڌايو. تنهن ڪري وزير اعظم کي حلف سينيٽ چيئرمين کي کڻائڻو پيو پر هن وقت تائين صدر جي طرفان اهو اعلان ناهي ٿيو ته هو هن نئين سيٽ اپ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري نه سگھندو.
ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي وزير اعظم به پنهنجي ئي پي ٽي آءِ ميمبرن جي ناراضگي سبب بي اعتمادي جي رٿ اچڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏئي هليو ويو آهي هن پوري منظر نامي کان پوءِ يقينن هي سوال پوري پي ٽي آءِ پارٽِي جي اڳيان وڌيڪ شدت سان اڀري ايندو ته مستقبل جي سياسي حڪمتِ عملي ڪهڙي هوندي ڇا جيڪڏهن موجوده وفاقي حڪومت جيڪا گڏيل اتحاد جي صورت ۾ شهباز شريف کي وزير اعظم ڪري آئي آهي انهيءَ سان پي ٽي آءِ اختلاف رکندي جيڪو اعلان ڪيو آهي ته هو جلسا جلوس ڪڍي دٻاءُ وجھندا ته جلد کان جلد اليڪشن ڪرايون ايترو ئي عمل ڪندا رهندا، باقي پوري سيٽ اپ کي ساڳئي طرح هلائيندا تمام صوبائي اسيمبلين ۾ جيڪڏهن هو پراڻي انداز ۾ ئي هلن ٿا ۽ اڄ پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٿيندڙ وزير اعليٰ جي اليڪشن جا جيڪڏهن منشا مطابق نتيجا نٿا ملن چوڌري پرويز الاهي وزيراعليٰ چونڊجي نٿو سگھي ٿو ته پوءِ هو اپوزيشن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اندر ويهندا يا تمام صوبائي سيٽن تان استعيفائون ڏئي هڪڙي صورتحال پيدا ڪندا يا وري انهيءَ کان اڳتي وڌندي ڪي پي ڪي جي حڪومت کي به داءُ تي لڳائيندا. (جيڪو تمام گھڻو مشڪل ٿو لڳي) ته پوءِ ان سڄي صورتحال ۾ خود پي ٽي آءِ جا قومي اسيمبلي جا ميمبر عمران خان کان اهو سوال ڪندا ته اسان جي استعيفائن سان ڪهڙو فرق پوندو پر جي هو عمران خان جي دٻاءَ ۾ اچي يا پنهنجي ئي غصي ۾ رهندي استعيفائون ڏئي ٿا ڇڏين ته پوءِ مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جي اندر پوري پي ٽي آءِ ڪٿي بيٺل ٿي نظر اچي؟
ڇا پي ٽي آءِ جا سياسي ڪارڪن ۽ ايليٽ ڪلاس جا سياسي مفاد هڪجھڙا آهن، رولنگ ڪلاس اقتدار کان ٻاهر ڪيترو وقت صبر ڪري سگھي ٿو، انهيءَ کي سمجھڻ ڏکيو ناهي اقتدار جي انتظار ۾ رولنگ ڪلاس جا ڪردار ڪجھه سال انتظار ڪري سگھن ٿا پر جڏهن مايوسيون هڪ اونداهي غار جيان اڻ کٽ نظر اچن انهن جو انتظار برقرار نٿو رهي سگھي يقينن هو پنهنجي سياسي مستقبل جو الڳ فيصلو ڪندا ڇو ته هن وقت پي ٽي آءِ هڪ اهڙي سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي آهي، جنهن مان نڪرڻ جي لاءِ هن کي ڪنهن ٻاهرين مدد جي ئي ضرورت آهي جي اها مدد کيس نٿي ملي ته پوءِ باقي پارٽي صرف ۽ صرف هڪڙي ننڍڙي گروھه جي صورت ۾ بچي سگھي ٿي هن وقت پي ٽي آءِ جي بحران جو سبب صرف اهو ناهي ته پي ٽي آءِ اقتدار کان الڳ ٿي آهي پر هن جو سياسي مستقبل ان ڪري وڌيڪ بحران جو شڪار ٿي ويو آهي ته هن وڏين سياسي جماعتن سان بري طريقي سان ورتاءُ ڪندي هڪ ايڏو وڏو گيپ پيدا ڪيو آهي جنهن جي ڀرجڻ ۾ تمام ڊگھو وقت لڳندو ساڳئي وقت هي سوال به شدت سان اڀري آيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان جيڪو نفاق پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ونگ پيدا ڪيو آهي ۽ جيترا الزام اسٽيبلشمينٽ تي لڳايا آهن، جو انهيءَ لاءِ آءِ ايس پي آر جي ڊي جي کي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي ۽ ريٽائرڊ جنرلن سخت تنقيد ڪندي پنهنجو موقف ميڊيا تي ڏنو آهي.
اسٽيبلشمينٽ سان اهو اختلاف رڳو هيٺين سطح ۾ صرف پيدا نه ٿيو پر پي ٽي آءِ جي قيادت يعني عمران خان ان سڄي گروهھ کي قانوني مدد ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حمايتي وڪيلن کي چيو آهي ته هو انهن گرفتار ڪارڪنن جي مدد ڪن جن کي ايف آءِ اي مٿين ڏوهن ۾ گرفتار ڪيو آهي يعني ٻين لفظن ۾ عمران خان خود هي تسليم پيو ڪري ته جيڪو ڪجهھ ٿيو آهي ۽ هنن ڪيو آهي اهو ان جي مرضي جي خلاف ناهي ٿيو هڪ اهڙي پارٽي جنهن جي سياسي تنظيم هارين ۽ مزدورن ۾ يا پورهيت طبقي کان سواءِ هيٺين سطح جي مڊل ڪلاس ۾ نه هجي اپر مڊل ڪلاس جي ۽ اپر ڪلاس جي نمائندگي ڪندڙ پارٽي ڪيترو وقت اقتدار کان سواءِ جي سگھي ٿي ۽ ڪيترو وقت هو گھڻ رخي مخالفت کڻي اڳتي وڌي سگھي ٿي ۽ جيڪو بيانيو خط اسڪينڊل بڻايو ويو آهي يا جيڪو آمريڪي سازش جو شور ڪيو وڃي ٿو ڇا اڄ جي جديد دور ۾ اهڙا بهتان ۽ الزام هلي سگھن ٿا؟ اڄ کان اڌ صدي يا صدي پهريان الزام تراشيون تڏهن هلي وينديون هيون جڏهن هنن لاءِ عوامي نفسيات هڪ ڪروڌ رکندي هئي ان ڪروڌ کي هٽلر يا ميسولني بنياد بڻائي سياسي مخالفت کي غداري جا الزام هڻي دٻايو پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ صورتحال هنن جي حق ۾ نه رهي سچ ۽ ڪوڙ حالتن جي وهندڙ وهڪرن عوام جي آڏو بيهاري ڇڏيو، اڄ جي ميڊيائي وهڪرن ۾ ڪوڙا الزام ۽ بهتان هڪ عارضي ماحول ته پيدا ڪري سگھن ٿا پر انهن جو خاتمو ايترو جلدي ٿو ٿي وڃي جيئن پاڻي جا بلبلا هجن عمران خان جيڪو پنهنجي انا ۽ خود غرض روين جي ڪري تمام وڏي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي ڇا هو موجوده تضادن ۾ پارٽي جي سڄي انبوهھ کي پاڻ سان رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، ڇا هو اليٽ ڪلاس جي گروھه کي هڪ ڊگھي عرصي تائين پاڻ سان هلائي سگھندو يا ايندڙ اليڪشن جو جھٽڪو هن پارٽي جي لاءِ پن ڇڻ جھولو ثابت ٿيندو ۽ پي ٽي آءِ پوري پنهنجي سياسي ٻڏتر ۾ عمران خان سان بيهي سگھندي هڪ اهڙي ليڊر سان جنهن جي شعور، انا ۽ حڪومتي گورننس تي ڪيترائي سوال کيس وڪوڙي بيٺا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button