پِهرين ته اسان کي خبر هُئڻ گُهرجي ته ايم پي اي کان ويندي سي ايم ۽ پرائم منسٽر تائين سَڀ جا سڀ عوام جا نوڪر آهن، جن کي عوام مِحدود وقت لاءِ پنهنجي سماجي حقن جو مُحافِظ بنائي جمهوري طور اقتدار ۾ آڻيندو آهي. اِن عمل کان اڳ جاني توڙي مالي حقن جي حفاظت هَر اُن انفرادي فرد جي ذميواري آهي جيڪو هِن ڌرتي تي جنميو آهي. ڇا اسان اِنفرادي طور اُن لائق آهيون؟ ڇا اسان ڪالهه واري ننڊ مان سُجاڳ ٿيا آهيون؟
حڪومت ۾ ايندڙ سموريون تنظيمون عوامي تنظيمون آهن جن جو ڪم جمهوريت جي نقط نگاهه سان عوام کي ترقي ڏانهن ڪاهي هلڻ پر ڇا پيپلز پارٽي ان قابل آهي؟
پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي؟ پيپلز پارٽي جو بُنياد جاگيرداري نظام تي آهي. شاهنواز ڀُٽي کي خدمتن عيوض مِليل سر جو لقب ۽ جاگيرون انگريزن ان کان پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو ٿورو ٿنڀو آهي. اهوئي جاگيرداري نظام جنهن کي ڀُٽي صاحب ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي پر پنهنجي جاگير ۽ من پسند ماڻهن جي جاگيرن کي ڇڏي ڏنو. عوامي پارٽي سدائين عوام سان گَڏ هوندي آهي. پيپلز پارٽي ڪڏهن عوام سان گڏ بيٺي آهي؟ پارٽي ۾ موجود ويندي ايم اين اي کان وٺي چيئرمين تائين سڀ ڳوٺ جا رئيس، مير، شاه، پير، زميندار، جاگيردار ۽ سرمائيدار آهن، جن جو هيٺئين طبقي سان ۽ اُنهن جي تڪليفن سان سندن ڪو واسطو ناهي.
پپيلز پارٽي شروعات کان ئي عوام دُشمن پارٽي رهي آهي ۽ اُن منشور تحت هلي آهي ته عوام سان تيستائين هڏ ڏوکي بڻجو جيستائين اقتدار مِلي پوءِ “جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ”. ذُوالفقار علي ڀُٽي، هيڏانهن سنڌ ۾ ون يونٽ جي باهه ٻريل هُئي، هوڏانهن ايوب خان کي پاڪستان جو لنڪن، لينن اتاترڪ، صلاح الدين جا لقب ڏئي رهيو هو. هي اُهوئي جرنيل هو جنهن پٺاڻ لوڌ کي ڪراچي ۾ اچي مُستقل طور رهايو. جڏهن اوڀر پاڪستان ڳري اڪثريت سان اليڪشن کٽي جنهن جو مُخالف ڌر ۾ ڀُٽو هو تِڏهن ڀٽي، جنهن بنگال جي 7 ڊسمبر 1969ع تي اليڪشن جي اعلان وقت عوامي ليڊر طور اهي بيان پئي ڏنا ته بنگال سان ظُلم بند ڪيا وڃن ۽ الڪيشن جي نتيجن کان پوءِ جڏهن مجيب کي وزيراعظم ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويو جنهن جي هِن مُخالفت ڪئي
پيپلز پارٽي هڪ ٻيو ٿورو جيڪو 73ع جو آئين ڏئي صوبائي خودمختياري کي ختم ڪري سنڌ جي وسيلن کي سنڌ کان کسي وفاق کي ڏئي ڇڏيو. اها پيپلز پارٽي ئي هُئي. هڪ ٻيو ڪارنامو پيپلز پارٽي جو ڀُٽي جي دور ۾ “تعليمي ڪميشن” کي جوڙي اردو ٻولي کي هتي مڙهيو ويو، جيڪا اسان جي ٻولي سان وڏي ۽ تاريخي ويساهه گهاتي هُئي. پيپلز پارٽي 1973ع جي آئين کي متفقه بنائڻ خاطر تربيلا ڊيم جي بجلي ڪي پي ڪي کي ڏئي ڇڏي. اُن کانپوءِ 5 هزار پنجابين کي پوليس ۾ ڀرتي ڪري سنڌ ۾ رهايو ويو. ڀٽي صاحب جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي 13 سئو آفيسرن کي برطرف ڪري اُتي پنهنجا ماڻهو رکي اُنهن کان قانوني توڙي غيرقانوني ڪم ورتا ويا. ساڳي روايت کي برقرار رکندي هن وقت پارٽي جي قيادت ڏسندا ته فرق ذرو به نه آهي. سنڌ مان ميرٽ جو موت ۽ بيروزگاري جو ڪارڻ به اهي ئي آهن، جيڪي من پسند ماڻهن کي عُهدن تي ويهاريو ويٺا آهن.
تڪ جي ايم اين اي هُجي يا ايم پي اُن جي خاص ماڻهن عزيزن ۽ مائٽن کي ڏسندا ته سمورا ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري پوسٽ تي هوندا. اهليت ڪيتري آهي اُهو الڳ سوال آهي. پيپلز پارٽي ڪالا باغ ڊيم جي پهرين مُخالفت ڪئي پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اُن منصوبي کي فائديمند قرار ڏنو. اهو ڪارنامو بينظير سرانجام ڏنو. اهائي پيپلز پارٽي هُئي جنهن 1989ع ۾ ڪيئن ٻاهرين لوڌ بهارين کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو ۽ سنڌين کي اتان بي دخل ڪيو ويو.
2007ع ۾ ايم ڪيو ايم جيڪا سنڌ ۾ واحد پارٽي آهي جنهن جو منشور غنڊا گردي ۽ لٽ مار تي آهي تنهن سان پيپلز پارٽي طرفان 59 نقطن تي راضپو ڏيکاري سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو ۽ وري هاڻي 2022ع ۾ ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ڪري ان جا مُطالبا مڃيا پيا وڃن جيڪو سراسر سنڌ سان ۽ سنڌ جي نسلن سان دوکو آهي جنهن لاءِ عوام کي مضبوط حڪمت عملي جوڙي اڳيان اچي اهڙن ڪُڌن ڪرتوتن خلاف سجاڳ ٿيڻو پوندو.
پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڪو فرق نه آهي. ٻئي نج عوام دُشمن پارٽيون رهيون آهن. ايم ڪيو ايم کي گهٽ ۾ گهٽ پارٽي نٿو چئي سگهجي اها هڪ مخصوص گروهه جي گينگ آهي.
سنڌو درياهه ۾ ايندڙ پاڻي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ ڪهڙي قانون تحت؟ نوابشاهه ۾ 5 پورهيتن جا هڪ ئي هنڌ قتل ڪو به اپا نٿو ورتو وڃي يا بيان نه ڏنو ويو ڇو؟ مُرتضى ڀُٽي جي قتل ۾ ڪير ملوث هو. ارشاد رانجهاڻي ۽ نظام جوکيو جي قتل تي پوري سنڌ سراپا احتجاج هُئي پيپلز پارٽي جي قيادت ڪو به قدم نه کنيو ڇو؟ نمرتا، نوشين ۽ نائلا رند جي قتل ۾ ملوث قوتن کي ڪنهن جي حمايت حاصل آهي؟ ڇا ڪنهن به پيپلز پارٽي جي حُڪمران جو ٻار پاڪستان ۾ زير تعليم آهي؟
ڇا سنڌي عوام کي سنڌ بابت ڪو به فيصلو ڪري سگھڻ جو ڪو به اصولي، اخلاقي، تاريخي ۽ ثقافتي حق مليل آهي؟ يا سنڌي عوام جي سوچ غُلام بڻجي چُڪي آهي؟ ٿورائيءَ جو غلام ٿي وڃڻ خراب آهي، پر اهو انتهائي خراب آهي جو گھڻائيءَ جو غلام ٿي وڃجي. اسن ٿورائي ۾ پيپلز پارٽي جا غُلام بڻيل آهيون ۽ گهڻائي ۾ اسٽيبلشمينٽ جا، اُن ۾ به پ پ سڌو سنئون هٿ آهي. ڇا پيپلز پارٽي پاڻ کي عوام ڏانهن جوابدار سمجھي ٿي؟ جي نه ته پو عوام اهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻي ئي ڇو اسان کي ته اهڙي پارٽي گُهرجي، جيڪا اسان جي جوابدار هُجي. مُلڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ايم ڪيو ايم، لساني طور سنڌ جي ورهاڱي جا شروع کان ئي حامي رهيا آهن. ورهاڱي وقت ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق جي ماتحت ڪيو ويو ۽ بهارين کي ڌوم ڌام سان آباد ڪيو ويو ڄڻ ڪراچي سندن جاگير هُئي. جتي ڏکڻ ايشيا جو بهترين هوائي اڏو، سامونڊي اڏو، ريلوي نظام ۽ ٻيو انفرا اسٽرڪچر موجود هو. جڏهن ڪراچي ٻيهر سنڌ جو حصو بڻجي وئي ته وفاق سان گڏ ايم ڪيو ايم جهڙا ڌڙا مخالف ڌُر طور سامهون آيا، جن پهرئين ڏينهن کان ڪراچيءَ کي هڪ الڳ خِطي طور پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو ۽ پيپلز پارٽي سندن گهڻي ڀاڱي ٻانهن ٻيلي ٿيندي رهي آهي.
سنڌ ۾ هن وقت ڪافي پارٽيون پيپلز پارٽي جي ٽڪر ۾ آهن پر ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي کي اسٽيبلشمينٽ جو به هٿ رهيو آهي. هيڏانهن ايم ڪيو سان ٺاهه ڪرڻ سان گهڻن ڌُرين کي فائدو رسندو. ڪراچي کي صوبو بنائڻ ۽ ٻين صوبن جي گهر ڪرڻ هڪ مقصد اهو به آهي ته سنڌين کي آساني سان قتل ڪري سگهجي. گڏيل طور تي هن وقت انساني حقن جي ڊپ ۽ سوشل ميڊيا جي زور وٺڻ جي ڪري سنڌي عوام جا چچريل لاش موڪلڻ ڏُکيو ٿي پيو آهي. صوبن کي ٽوڙڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته ٻَڌي کي ٽوڙي پنهنجي حرڪتن کي سرانجام ڏنو وڃي.
انقلاب جا حامي ۽ انقلاب آڻيندڙ هاري ٿي سگهن ٿا ۽ جڏهن به ڪنهن ظلم، ڏاڍ، جبر جي خلاف آواز اٿاريو آهي ته انتهاپسند سوچ رکندڙ سياستدانن انهن جي وچ ۾ رهي انهن جا حوصلا پت ڪيا آهن. پاڪستان ۾ به ٽراٽسڪائي سوچ جا پوئلڳ آهن جنهن جو واضح مثال پيپلز پارٽي آهي.
پيپلز پارٽي وٽ ڪهن به قسم جي عوامي ايجنڊا ناهي، جنهن تحت هُو عوام جي ڀرپور حمايت حاصل ڪن. هنن جو مقصد فقط اقتدار حاصل ڪرڻ رهيو آهي ۽ سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪرڻ اولين ترجيح رهي آهي.