ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اتحادين جي حڪومت ۽ بتن جي بغاوت

Editorial-Article- Ali Mohmmad Memon

وفاق ۽ صوبن ۾حڪومتن جي تبديلي ۽ اقتدار جي منتقلي وارو عمل تيزيءَ سان جاري آهي، اڳوڻي سونامي سرڪار جي خاتمي کان پوءِ ملڪ ۾ قائم ٿيل اتحادين جي حڪومت کي اقتدار جي منتقلي وارو عمل پڻ پنهنجي هڪ رفتار سان جاري آهي. اڳوڻي حڪومت جي پارليامان تي ڪيل آپگهاتي حملن کان پوءِ حالتون آهستي آهستي بهتر ٿي رهيون آهن ۽ اتحادي جماعتن واري گڏيل حڪومت کي پنهنجو توازن سنڀالڻ ۽ وري پنهنجي پيرن تي بيهارڻ واريون ڪاوشون ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي، وفاق ۾ حڪمران سياسي جماعتن جي اتحاد طرفان مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف کي وزير اعظم چونڊن ۽ هن طرفان پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ کان پوءِ ملڪ جي باقي عهدن تي چونڊن ۽ وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ وارو سلسلو پڻ جاري آهي. حڪمران اتحادين ۾ شامل، هڪ اهم ۽ ٻئي وڏي اتحادي جماعت، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اسپيڪر قومي اسيمبلي وارو ٻيو وڏو عهدو حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن تي اڳوڻو وزير اعظم راجا پرويز اشرف بنا مقابلي اسپيڪر قومي اسيمبلي چونڊجڻ کان پوءِ پنهنجو عهدو سنڀالي چڪو آهي. اهڙي ريت، ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جي پارليمان جي مٿئين ايوان سينيٽ آف پاڪستان جو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين پڻ تبديل ٿيڻ وارا آهن. چيئرمين سينيٽ جي عهدي لاءِ سينيٽ جي سڀ کان وڏي جماعت پاڪستان پيپلز پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار، اڳوڻي وزير اعظم سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني کي چيئرمين سينيٽ طور چونڊرائڻ ۽ صادق سنجراڻي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آڻڻ جون تياريون هلي رهيون آهن، اهڙي ريت صدر مملڪت وارو وڏو آئيني عهدو پڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ڏيڻ لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي اتفاق ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.
هوڏانهن، حڪمران اتحادي ڌرين طرفان وفاق ۾ حڪومت سازي جا مرحلا مڪمل ڪرڻ واري مرحلي ۾ساڳي وقت ۾صوبن ۾ حڪومتون حاصل ڪرڻ، حڪومت سازي ڪرڻ وارا وزنائتا قدم پڻ وقت سر کنيا پيا وڃن. پنجاب صوبو سڀ کان پهرين اقتدار جي منتقلي واري عمل ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جنهن موجب، گورنر پنجاب جي عهدي تي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڏکڻ پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي گورنر مخدوم محمود احمد کي نامزد ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت، ٻين صوبن ۾ گورنرن جي مقرري ۽ صوبائي حڪومت ۾ پڻ تبديلي وارا مرحلا تيزيءَ سان مڪمل ڪيا پيا وڃن. بلوچستان صوبي ۾گورنر جو عهدو بي اين پي مينگل جي حوالي ڪرڻ ۽ خيبرپختونخواهه جو گورنر جو عهدو جميعت علماءِ اسلام کي ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ گورنر جو عهدو ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ وارن فيصلن واريون خبرون منظر عام تي اچي چڪيون آهن. جڏهن وفاقي ڪابينا ۾ وزارتن جي ورهاست پڻ پارليامان ۾ ميمبر جي انگ ۽ اتحاد ۾ ٿيل معاهدن جي حساب سان هڪ فارمولا تحت ٿيڻ وڃي رهي آهي. وفاقي ڪابينا جي ورهاست جي حوالي سان اتحادي حڪومت ۾ سڀ کان گهڻو بحث هيٺ ايندڙ عهدو پرڏيهي وزير لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ وارو سامهون اچي رهيو آهي، جنهن تي وزير اعظم شهباز شريف زور جي باوجود پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ڪاميٽي ۾پنهنجي چيئرمين کي پاڻ کان پري ڪرڻ ۽ حڪومتي ڪمن ۾ مصروف ڪرڻ تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.
ٻئي پاسي، پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي پڄاڻي ٿيڻ واري موقعي تي رياستي بتخاني ۾ڪٺ پتلين جي ڪيل بغاوت وارو سلسلو پڻ پنهنجي انجام تي پهچڻ وارو آهي. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ۽ صدر مملڪت عارف علوي طرفان قومي اسيمبليءَ کي تحليل ڪري ڪيل وڏي ڏوهه ۽ ٿيل آئيني بغاوت کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان غلاف آئين قرار ڏئي قومي اسيمبليءَ کي بحال ڪرڻ واري ڏنل فيصلي سان يقينن ملڪ، آئين ۽ جمهوري سرشتو هڪ وڏي حملي ۽ حادثي کان ته خوش قسمتيءَ سان بچي ويو. پر پارليامان ۾ اڪثريت ۽ اعتماد وڃائڻ ۽ پنهنجو اقتدار ڦرائيندڙ ڪپتان جي برپا ڪيل هاڃيڪارين مان اڃا تائين ملڪ نڪري نه سگهيو آهي. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي”سليڪيٽيڊ ۽ ڪٺ پتلي” قرار ڏيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ويڙهاڪ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مشهور ۽ مقبول ٿيل پارليماني خطاب ۽ ڄاڻايل ڪردار ڪپتان خان طرفان نه فقط ملڪ ۽ پارليامان تي حملا ڪيا ويا پر اڳتي هلي پنهنجي جماعت جي پارلياماني طاقت کي پڻ نشانو بڻايو ويو. پارليمان ۾ بي اعتمادي واري رٿ جي ڪامياب ٿيڻ ۽ پنهنجي شڪست کي سموري جماعت جي بدبختيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن کي پڻ قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڏيڻ ۽ مٽي ٿيڻ وارو فيصلو مڙهي ڇڏيو ويو. جماعت جي ميمبرن جي اڪثريت طرفان استعيفائن جي مخالفت ڪرڻ جي باوجود انهن کان استعيفائن جي ڪاغذن تي زبردستي صحيحون ڪرايون ويون ۽ تڪراري ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ تي ڪارروائي شروع ٿيڻ کان اڳ هن طرفان پاڻمرادو اسپيڪر جا اختيار استعمال ڪري 123 ميمبرن جي استعيفائن کي منظور ڪري انهن جو نوٽيفيڪيشن اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو ويو آهي.
دلچسپ خبر موجب، ڪپتان خان ۽ سندس اڙيڪاپ رانديگرن طرفان پنهنجي حڪمراني واري دور ۾ ملڪ سان جيڪا تعدي ڪئي وئي هئي، ان جي حساب ڪتاب جو سلسلو ۽ قدرت واري پڪڙ ۽ احتساب جو عمل پڻ شروع ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪمرانن طرفان ملڪ سان ڪيل ناانصافين جا دستاويز پڻ منظر عام تي اچڻ شروع ٿي ويا آهن جنهن جي پهرين دستاويز موجب، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان توشه خانا مان مليل تحفا 14 ڪروڙ رپين ۾ دبئي ۾ وڪرو ڪيا ويا. وزيراعظم شهباز شريف طرفان وزيراعظم هائوس ۾ سينيئر صحافين سان گڏجاڻي ۾ پيش ڪيل پهرين دستاويز موجب ٻڌايو ويو ته، اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان ملڪ کي مليل سوکڙين واري توشه خاني ۾ دنيا جي مختلف ملڪن طرفان مليل قيمتي تحفن مان ڪيترائي قيمتي تحفا ڀڳڙن مٺ واري قيمت ۾ حاصل ڪري دبئي جي مارڪيٽ ۾14 ڪروڙ رپين ۾وڪرو ڪيا ويا آهن. دبئي ۾ وڪرو ڪيل انهن قيمتي تحفن ۾ ڊائمنڊ جيولرري، بريسليٽ، گهڙيون ۽ ٻيا سيٽ شامل آهن. واهه سائين واهه!
هڪ ٻي ڪارگذاري موجب، ڪپتان طرفان پشاور جي جلسي ۾ تازو ڪيل آپگهاتي خطاب واري بدنامي ڪمائڻ کان پوءِ هاڻي ڪراچي ۾ لٿل آهي. قائد اعظم واري مزار جو هي اهو ئي ميدان آهي جتان پنج سال اڳ هنن پنهنجي جماعت جي سياست ۽ ڪاميابين جو سفر شروع ڪيو هو. افسوس ته، پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ هن جماعت جو خاص مددگارن جي مدد سان ڪاميابين جي عروج تي پهچڻ کان پوءِ چئن سالن جي حڪمرانيءَ ۾ سندن اڇا ۽ ڪارا ڇڻي پوڻ کان پوءِ سندن ڪاميابيون ناڪامين ۾ تبديل ٿي ويون آهن ۽ جمهوري عمل ذريعي پارليامان مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ هاڻي هو پنهنجي وڃايل حڪومت ۽ طاقت کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ دانهون، ڪوڪون ۽ فرياد ڪري رهيا آهن. ملڪ جو عوام ڪپتان عمران خان جي بي عقلي، حسد، ساڙ واري طبيعت ۽ نفرتن سان ڀريل ذهنيت تي افسوس ۽ سندس غير سياسي ۽ غيرجمهوري فاشسٽ ڪردار ۽ عمل تي مايوسيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن. ملڪ هن وقت گذريل سياسي زلزلن کان پوءِ ان جي آخري لوڏن جو شڪار آهي، پارليمان مان بي اعتمادي ذريعي نيڪال ٿيل ڪپتان ۽ سندس جماعت جا آپگهاتي اڳواڻ پارليامان مان استعيفائون ڏيڻ کان پوءِ هن وقت ملڪ جي روڊن ۽ رستن تي احتجاج ۽ مظاهرا ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ وري حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن. بيشڪ! اهڙي صورتحال ۾ اسان جي سهڻي سنڌيءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته،”رب رسي ته مت کسي هڻي ڪين هٿيار!”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button