ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

احتجاج، اخلاق ۽ سياست

Editorial-Article-Umer Qazi

عمران خان سان اختلاف ٿي سگهن ٿا. عمران خان جي مخالفت ڪري سگهجي ٿي. عمران خان خلاف جلوس نڪري سگهن ٿا. عمران خان خلاف احتجاج ٿي سگهن ٿا. پر هن جي اڳوڻي گهرواريءَ جو ڪهڙو قصور آهي؟ هن جي گهر آڏو احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ مان ڇا ثابت ٿئي ٿو؟ ان مان ته صرف اهو ثابت ٿئي ٿو ته عمران خان جا مخالف هاڻي نه فقط بوکلائجي ويا آهن پر انهن اخلاق ۽ تميز جون سموريون حدون ٽوڙي ڇڏيون آهن. اهو ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته ڪنهن شخص کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ان قسم جا حربا هلايا وڃن. عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ۽ هن جي خاندان جي خلاف احتجاج ڪرڻ مان ڇا ثابت ٿئي ٿو؟ ان مان فقط اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته عمران خان جا مخالف نه ٿا چاهين ته ميان نواز شريف جي لنڊن واري گهر جي آڏو عمران خان جا حامي مظاهرا ڪن. ان سلسلي ۾ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته چڱا خاصا اينڪر ۽ بظاهر فضيلت وارا ماڻهو به اهو چون ٿا ته جيڪڏهن عمران خان جا حامي ميان نواز شريف جي گهر آڏو مظاهرا ڪندا ته عمران خان جا مخالف ۽ ميان نواز شريف جا حامي به جمائما ۽ عمران خان جي اولاد خلاف هن جي گهر آڏو مظاهرا ڪندا. ان ڪري عمران خان کي گهرجي ته هو پنهنجن حامين کي روڪي ته ميان نواز شريف جي گهر آڏو مظاهرا نه ڪيا وڃن. اها ڳالهه حقيقت آهي ته جڏهن کان وٺي ميان نواز شريف لنڊن ۾ علاج ڪرائڻ جي عذر سان وڃي ترسي پيو آهي، تڏهن کان وٺي تحريڪ انصاف جا لنڊن ۾ مقيم حامي ميان نواز شريف جي خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اهو به سچ آهي ته ميان نواز شريف ان ڪارروائي سبب تمام گهڻو پريشان آهي. ڇو ته هو جتي رهي ٿو، اتان جا انگريز ميان نواز شريف جي خلاف مسلسل شڪايتون ڪري رهيا آهن ته ميان نواز شريف جي گهر آڏو پاڪستاني بيهي وڏي آواز سان “چور چور” جون رڙيون ڪن ٿا، جنهن جي ڪري انهن جي ننڊ حرام ٿي ويل آهي. ان عذاب کان بچڻ لاءِ ميان نواز شريف وارن اهو حل ڪڍيو آهي ته هو به جمائما گولڊ سمٿ جي گهر آڏو احتجاج ڪن ته جيئن عمران خان جي مٿان به پريشر پوي ۽ اهڙي ريت انهن جي جان آجي ٿي سگهي. اهو هڪ تمام غلط قسم جو عمل آهي.
ميان نواز شريف جو ڪيس جمائما جي ڪيس کان بنهه مختلف آهي. ميان نواز شريف جي مٿان تحريڪ پاڪستان وارن جو اهو الزام آهي ته هو تمام گهڻا پئسا ڪرپشن جي ذريعي پاڪستان مان ڪڍي لنڊن ۾ رکي ويٺو آهي ۽ ان پئسي مان هو اتي جائيدادون ٺاهي ويٺو آهي. ان صورت ۾ تحريڪ انصاف وارا اهو حق سمجهن ٿا ته جنهن شخص کي هو قوم جو چور سمجهن ٿا، ان جي خلاف احتجاج ڪن. جڏهن ته جمائما جو ڪيس بنهه مختلف آهي. هڪ ته جمائما پاڪستان مان پئسا کڻي لنڊن ۾ جائيدادون وٺي نه ويٺي آهي. جيڪڏهن جمائما پاڪستان جا پئسا کڻي لنڊن ۾ لڪي ويهي ها ته پاڪستان جي ماڻهن کي ڪو به روڪي نه سگهي ها ته هو هن جي خلاف احتجاج نه ڪن. ٻيو ته جيڪڏهن هن جي مٿان اهو الزام به لڳل هجي ها ته ٻي ڳالهه هئي. ان حوالي سان ته ڪجهه به ناهي. پاڪستان مان جمائما پئسو کڻي لنڊن نه وئي آهي ۽ نه وري هن تي ڪو الزام لڳو آهي ۽ ٽين سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جمائما جو عمران خان سان ڪو رشتو ئي ناهي. ان کان سواءِ هن جي ٻارن جو به عمران خان جي سياست سان ڪو به تعلق ناهي. ڇو ته جڏهن کان وٺي عمران خان وزيراعظم ٿيو هو، تڏهن کان وٺي هن جا ٻار هڪ ڀيرو به پرائيم منسٽر هائوس ۾ نه ترسيا هئا. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن سياست سان تر جيترو تعلق به نه هجي ته پوءِ هن کي پريشان ڪرڻ جو ڪنهن کي به ڪو حق ڪئين ٿو پهچي؟ پاڪستان ۾ ان قسم جي صورتحال عام آهي. جمائما پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو به چيو آهي ته هن کي پنهنجي خلاف ٿيندڙ مخالفت ڏسي اهو وقت ياد اچي ويو آهي جيڪو نوي جي ڏهاڪي جو هو. جنهن ۾ عمران خان کي تنگ ڪرڻ لاءِ هن جي زال کي نشانو بڻايو ويندو هو. هن کي يهودي يهودي سڏيو ويندو هو. جڏهن ته هوءَ يهوديءَ مان مسلمان ٿي هئي. ڇا اسلام اهو درس ڏئي ٿو جيڪو ماڻهو پنهنجو خانداني مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪري ان کي پراڻي مذهب جي حوالي سان تنگ ڪيو وڃي؟ اسلام ته ان قسم جي حرڪت کي سخت ناپسند ڪري ٿو. اسلام ۾ ان انسان جو وڏو رتبو آهي، جيڪو پنهنجو خانداني مذهب ڇڏي ٿو ۽ اسلام کي قبول ڪري ٿو. جڏهن اهو انسان عورت آهي ته ان جو احترام ڪرڻ هر مسلمان جي مٿان فرض آهي پر جمائما کي سياست سبب تنگ ڪيو ويو.
اهو سلسلو هن مهل به جاري آهي. هن وقت به ان عورت کي سڪون سان رهڻ نه ٿو ڏنو وڃي. هن وقت به ان عورت خلاف ڪا نه تنگ ڪرڻ واري ڪوشش جاري آهي. جڏهن ته هن کي تنگ ڪرڻ وارا اهو وساري ويٺا آهن ته هن وقت جمائما پاڪستان ۾ نه ٿي رهي. هن وقت هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ رهي ٿي. چوندا آهن ته پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهن هوندو آهي. جڏهن ته جمائما لنڊن جي تمام امير شخص جي ڌيءَ آهي. هوءَ نه فقط گوري آهي پر هن جو خاندان تمام گهڻو طاقتور آهي. ان حوالي سان هن کي تنگ ڪرڻ وارن کي سمجهڻ گهرجي ته جمائما ايتري بااثر آهي جو هوءَ پنهنجي خلاف حرڪتون ڪرڻ وارن کي تمام سخت سبق سيکاري سگهي ٿي. ان کان سواءِ انگلينڊ ۾ مسلمانن جي حوالي سان هڪ قسم جي سوچ موجود آهي ۽ اها سوچ ان وقت سخت ٿي وڃي ٿي، جڏهن اهو مسلمان اتفاق سان پاڪستاني به هجي. پاڪستاني هجڻ جي سلسلي ۾ لنڊن جي صورتحال تمام مشڪل آهي. ان ڪري جمائما کي تنگ ڪرڻ ۽ اهو به بنا ڏوهه ۽ بنا تعلق جي تنگ ڪرڻ وارا نه ٿا سمجهن ته هو انهن پاڪستانين لاءِ به ماحول خراب ڪري رهيا آهن، جيڪي پاڪستاني جمائما خلاف مظاهرا ڪرڻ جي حق ۾ ناهن. افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته پاڪستان ۾ مفاد پرستيءَ واري سياست ڪرڻ وارن هن وقت تائين اهڙو ڪو به ڪم نه ڇڏيو آهي، جنهن تي افسوس نه ڪري سگهجي. هن وقت جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو اخلاق جون سموريون حدون ٽوڙي رهيو آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين ئي هلندو رهيو ته اسان کي معلوم ناهي ته ان جي حد ڪيستائين پهچندي؟ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته سياست کان دل بري ڪرڻ جا هونءَ به تمام گهڻا سبب آهن. ماڻهو اڳ ۾ ئي سياستدانن جا حال ۽ افعال ڏسي سياست جهڙي انتهائي اهم ۽ ڪارائتي شيءِ کان باغي ٿي ويا آهن. جيڪڏهن سياست کي اڃان وڌيڪ ميرو ڪيو ويو ته ماڻهو ان جو نالو ٻڌي به آپي مان نڪري ويندا. اهڙي ريت ملڪ ۾تمام گهڻي سياست مخالف صورتحال جنم وٺندي ۽ ان قسم جي صورتحال ڪنهن به ريت ڪنهن به ملڪ لاءِ بهتر نه هوندي آهي. ڇو ته ان جي نتيجي ۾ ملڪ جي معاملن کان ماڻهو لاتعلق ٿي ويندا آهن. ان جي آخري حد اها هوندي آهي ته انهن کي اڳتي هلي اها به پرواهه نه هوندي آهي ته انهن جي ملڪ تي ڪنهن جي حڪمراني آهي؟ انهن کي ان جي پرواهه به هوندي آهي ته ملڪ ۾ آمريت آهي يا جمهوريت آهي؟ جڏهن پنهنجي ملڪ کان اتان جو عوام ايترو گهڻو بيگانو بڻجي ويندو آهي ته ان جي نتيجي ۾ تمام گهڻي خراب صورتحال جنم وٺندي آهي. اسان جيڪڏهن سياست جي تاريخ مٿان سرسري نظر به وجهنداسين ته اسان کي اهو معلوم ٿي ويندو ته اهي ملڪ ئي پنهنجو تحفظ ڪري سگهندا آهن، جنهن ملڪ جا ماڻهو تمام گهڻا باشعور هوندا آهن ۽ اهي ماڻهو پنهنجي ملڪ جي تحفظ جي سلسلي ۾ تمام گهڻا حساس هوندا آهن. ملڪ ته عوام سان هوندو آهي. ڪنهن به ملڪ جو عوام جيترو هوشيار ۽ پنهنجي ملڪ جي باري ۾ خبردار هوندو، اهو ملڪ ايتروئي محفوظ هوندو. ان حوالي سان پاڪستان جي مٿان جانثار ڪرڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارن کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سياست مان اخلاق نڪري ويندو ته پوءِ سياست ۽ عوام جي وچ ۾ وٿي وڌي ويندي ۽ اها وڌي اڳتي هلي اهڙي صورت اختيار ڪري وٺندي، جنهن سان آخر ۾ ملڪ کي ئي نقصان پهچندو. پر هن مهل تائين جن ماڻهن پنهنجي ذاتي فائدي جي ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، انهن جي ڪهڙي پرواهه؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button