ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٿيل تماشو

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

پنجاب اسيمبليءَ ۾ ڪالهه لاھور ھاءِ ڪورٽ جي حڪم مطابق وزيراعليٰ پنجاب جي چونڊ ٿيڻي هئي. پر اهو سڄو اجلاس بدنظميءَ جي ور چڙهي ويو. جنهن جي ڪري وقت سر اجلاس جي ڪارروائي نه هلي سگهي. عدالت جي حڪم جي نه رڳو تذليل ڪئي وئي آهي پر اسيمبليءَ جي ايوان ۾ تحريڪ انصاف جي مردن توڙي عورت ميمبرن اداڪار سلطان راهي جي مار ڌاڙ واري فلم ھلائي ڇڏي. عمران خان ۽ سندس پوئلڳن جي غير قانوني طريقي سان بار بار ورجايل عدالتن جي اھا بي حرمتي ۽ غنڊاگردي پارلياماني جمهوريت جي اڀري سڀري سرشتي کي جيڪو ڇيھو رسايو آهي، سو تاريخ جو هڪ ڪارو باب بڻجي ويو آهي. خود عمران خان جي اڄڪلھه وارن جلسن ۾ ٿيندڙ سياسي تماشن ذريعي عسڪري قيادت کي بدنام ڪرڻ خاطر انھن تي سازش سٽڻ جھڙن بي بنياد الزامن سان ڀرپور سندس تقريرن تي پابنديءَ جي واٽ پاڻ عمران خان ھموار ڪري رهيو آهي. بلڪل ايئن جيئن متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين جي تقريرن سندس بڇڙو حشر ڪيو.
وزير اعليٰ پنجاب جي عھدي جا ٻه اميدوار آهن. ھڪ مسلم ليگ نواز جو حمزه شهباز ۽ ٻيو تحريڪ انصاف جو چوڌري پرويز الاهي، جيڪو پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر واري سيٽ تان استعيفا ڏيئي چڪو آهي. سندس جاءِ خالي ٿيڻ سان ظاهر آهي ته ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاريءَ کي اھا ذميواري آئيني طور تي سنڀالڻي پئجي ويئي آهي. جمعي ڏينهن لاھور ھاءِ ڪورٽ به پنهنجي حڪم ذريعي ٻنھي ڌرين کي پابند ڪيو ھو ته ڇنڇر تي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي پولنگ ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي اسپيڪر مزاريءَ کي اختيار حاصل آهي. ڪنھن به افراتفري کان سواءِ پرامن نموني سمورن صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي مرضيءَ سان ووٽ ڏيڻ ۾ ڪابه رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي. عدالت جي انھيءَ فيصلي جي تحريڪ انصاف جي ميمبرن جيڪا مٽي پليت ڪئي آهي سا ٽي وي چئنلز تان سڄي دنيا جي ماڻهن ڏٺي ته عمران خان جو اميدوار چوڌري پرويز الاهي زوريءَ زبردستي پنهنجي حق ۾ ووٽ داخل ڪرائڻ لاءِ اسيمبلي جي مقدس ايوان کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي.
تحريڪ انصاف جون ميمبر عورتون پاڻ سان گڏ سٺ ستر لوٽا کڻي آيون ۽ اڃا ڪنهن ھڪ ميمبر به ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو ھو ته اھڙن ميمبرن جي منھن تي لوٽا ڦيرائڻ شروع ڪيائون جن تي پارٽي پاليسيءَ کان باغي ٿيڻ جو شڪ ھئن. لوٽا، لوٽا جي زوردار نعرن پنجاب اسيمبليءَ کي مڇي مارڪيٽ کان به گندو ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف جو اميدوار چوڌري پرويز الاهي بجاءِ پنهنجن ميمبرن ۽ ميمبرياڻين تي ڪنٽرول ڪرڻ جي کين ھشي ڏيندو رهيو ته ھنن باغي ميمبرن کي ايترو ذليل ڪري ڇڏيو ته جيئن ووٽ وجھڻ بدران گھر موٽي وڃن.
وڏي ڳالهھ ته چوڌري پرويز الاهي پنهنجي انھيءَ غيرقانوني حرڪت کي ايوان ۾ موجود ميڊيا جي نمائندن ۽ سندن ڪئميرائن کان لڪائڻ جي به ڪوشش نه ڪئي. جڏهن پرڏيهي چئنلز وارن کانئس سوال پڇيا ته ايتري غنڊاگردي ڇو پيا ڪرايو ته وڏي ديده دليريءَ سان ھن وراڻيو، “ھنن مان ڪيترا اھڙا ميمبر آهن جن عمران خان جي ڏنل ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ کٽيو ۽ ھاڻي تحريڪ انصاف جي اميدوار خلاف پئسن عيوض ووٽ ڏيڻ لاءِ آيا آهن. انهن کي برداشت نه ڪنداسين ۽ نه ئي جھانگير ترين جھڙي اتحادي جا ووٽ مخالف اميدوار جي حق ۾ وجھڻ جي اجازت ڏينداسين”
اھا ته سڌي سنئين فاشزم آهي ته چونڊيل ميمبرن کان آزاديءَ سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق کسيو ۽ عدالتي فيصلي جي به ڀڃڪڙي ڪري ڊپٽي اسپيڪر تي باقاعدي اھڙو ڀوائتو حملو ڪرايو جو پوليس گارڊ اچي سندس جان بچائين! ھيءَ چوڌري جيڪي جنرل ضياءَ جي مارشل لا ۾ پاليا تاتيا ويا هئا، تن آخرڪار پنهنجي اصليت ظاهر ڪري ڇڏي. ڪمال اھو آھي ته پرويز الاهي فقط ڏهه ڏينهن اڳ آصف زرداريءَ سان سنڌ ھائوس اسلام آباد ۾ قول قرار ڪري مٺائي کائي ۽ ورھائي، آڌيءَ رات کان پوءِ گھر روانو ٿيو ھو. سو ٻئي ڏينهن صبح ساڻ پنهنجي واعدي تان ڦري ويو ۽ عمران خان جي سڏ تي وٽس ويو. عمران خان چوڌريءَ جي منھن تي تڏهوڪي وزير اعليٰ محمد عثمان بوزدار کي فون ڪري چيو ته ٻن منٽن اندر استعيفا لکي، مون کي فيڪس ڪر ته جيئن پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير مقرر ڪيون. بوزدار ته ٻڌو ٻانهو ھو تنھن پنهنجي آقا جي حڪم جي بروقت پيروي ڪئي ۽ فيڪس اسلام آباد پھتو جتي پرويز الاهي جھمر پائڻ لڳو. مطلب ته جيڪڏهن چوڌري صاحب پاڻ پي ڊي ايم جو به اميدوار ٿئي ته به ٺيڪ ۽ جي انھن کي دوکو ڏيئي عمران خان جو وزير اعليٰ بڻجي ته ان مھل وفاداري مٽائڻ ۽ لوٽو ٿيڻ ڪار ناھي پر جيڪڏهن ٻيا اسيمبلي ميمبر ساڳيو فيصلو ڪن ته ھو لوٽا ٿي ويا ۽ بيعزتيءَ جا حقدار؟
ڇا مملڪت خداداد پاڪستان ۾ لوٽا ڪريسي ذريعي وفاداري مٽائڻ جو ھيءَ پهريون لقاءُ آهي يا پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ان ڏينهن تائين سگھارن ھٿن باقاعدي انھيءَ ٺگيءَ جي ٺاهه جي پاڻ پالنا ڪئي آهي؟ ھنن ميمبرن مان اڪثريت اھڙن ئي ھمراھن جي آھي جن ھيستائين ٽي ٽي چار چار سياسي جماعتون بدلايون آهن. جيتوڻيڪ پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس ھلندڙ آھي پر ڊپٽي اسپيڪر مزاريءَ کي تحريڪ انصاف وارا ووٽنگ ڪرائڻ کان روڪي بيٺا آهن. جيڪا مارڪٽ ڪئي وئي آهي ان ۾ مزاريءَ کي سڀ کان گھڻا ڌڪ لڳا آهن پر ھن لاھور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ووٽنگ ڪرائڻ خاطر وسان ڪين گهٽايو آهي.
ھاڻ ٽي وي چئنلز تان خبرن ۾ ڏيکارين پيا ته تحريڪ انصاف جي اميدوار پرويز الاهي جي ٻانھن ھن مارڪٽ ۾ ٽوڙي ڇڏي اٿن. ھو ملم پٽي ڪرائي، روئڻھارڪو منهن کڻي اخباري نمائندن جي سامھون شام ڇھين وڳي اچي بيٺو ته ڏسو مون کي ميان شهباز شريف جي غنڊن ڪيڏو نه ماريو آهي. آئون حيران آھيان ته جنهن مھل کيس ڌڪ لڳا ۽ سندس ٻانھن ڀڳي ويئي، ته ان وقت چوڌري اخباري نمائندن جي ڪئميرائن آڏو اچي کين پنهنجي ڦٽيل ٻانھن ۽ ٻيا ڦٽ ڇو ڪونه ڏيکاريا؟ انھيءَ منجھان ظاهر ٿئي ٿو ته ھيءَ سڄو ناٽڪ وزير اعليٰ جي چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي نيت سان رچايو ويو آهي. دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ھيءَ ڪوشش به ناڪام ٿيندي. ايترو ضرور آهي ته غنڊاگرديءَ کان بچڻ لاءِ پي ٽي آءِ جا گھڻا باغي ميمبر اسيمبلي مان ٻاهر نڪري ويا آهن ۽ نڄاڻ اھي حمزه شهباز کي ووٽ ڏيندا يا نه؟ بھرحال ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر اھو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته مسلم ليگ نواز جو اميدوار حمزه شهباز 197 ووٽ کڻي پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. يقين ڪريو ته پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪنهن به ھنڌ تي اھڙو گند مون نه ڏٺو آهي جھڙو عمران خان جي پنجاب اسيمبلي ميمبرن اڄ ڪيو آهي. ڇا رڳو وڏا جلسا ۽ اسيمبلين ۾ بدمعاشي ڪري عمران خان پنهنجي ساک کي وڌائي رهيو آهي يا پاڻ کي دنيا جي نظرن ۾ خوار خراب پيو ڪري؟
مون ته اھو به پڙھيو آھي ته ھو پنھنجن جلسن جلوسن ۾ عوامي طاقت جو نماءُ ڪري پي ڊي ايم وارن کي نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ گھري ٿو. آئون دعويٰ سان ٿو چوان ته ڏينهن ٻن ۾ ميان نواز شريف جلاوطني ختم ڪري جڏهن وطن واپس ورندو ۽ لاھور ايئرپورٽ تي لھندو ته عمران خان جي سمورن جلسن جي ڀيٽ ۾ سندس استقبال لاءِ ايندڙ ماڻهن جو سمنڊ ڏسي عمران خان ۽ سندس ساٿي ڏندڻجي پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button