شوبز

حريم شاهه جي ايف آئي اي خلاف درخواست رد

پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي اڪائونٽ منجمند ڪرڻ تي ايف آئي اي خلاف درخواست کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سنڌ هائي ڪورٽ حريم شاهه جي لاڳيتو پيش نھ ٿيڻ تي درخواست رد ڪئي آهي. جڏهن تھ حريم شاهه اڪائونٽ منجمند ڪرڻ خلاف درخواست ڏني، پر پاڻ ٻڌڻي تي نھ آئي، جنهن تي عدالت درخواست رد ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو تھ، درخواستگذار عدالتي حڪم باوجود پيش ڇو نھ ٿي آهي، جنهن تي حريم شاهه جي وڪيل ٻڌايو تھ اها عمرو ڪرڻ ويل آهي. عدالت قرار ڏنو تھ حريم شاهه جڏهن بھ واپس اچي تھ نئين درخواست داخل ڪري سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button