ملڪ ۾ پاڻيءَ جا منصوبا سدائين تڪراري رهيا آهن، ان جو اهم ترين سبب اهو به آهي ته پاڻيءَ جي رٿائن بابت ڪڏهن به وفاق ۽ پنجاب ٻين صوبن کي اعتماد ۾ ڪونه ورتو آهي. پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين جيڪي به ڊيم سنڌو درياهه تي اڏيا ويا آهن، انهن تي سدائين اعتراض ٿيندا رهيا آهن. ان کان سواءِ جڏهن به ڪو ڊيم ٺاهيو ويو آهي ته ان جو مقصد ظاهري طور ته پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ هوندو آهي پر انهن مان ڪئنال ڪڍيا ويندا آهن ۽ ان کان پوءِ پنجاب پنهنجون بنجر ٿيل زمينون آباد پيو ڪندو آهي. سنڌ جا ماڻهو ڏهاڪن کان وٺي سنڌو درياهه تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جي مخالفت ڪندا رهيا آهن، ان کان سواءِ اهي لاڳيتو جدوجهد ۾ پڻ آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ واسين کي خبر آهي ته جيڪڏهن سنڌو درياهه تي رڳو ڊيم اڏيا ويندا يا ڪئنال ڪڍيا ويندا ته پوءِ سنڌ لاءِ پاڻي لپ به ڪانه رهندي. تنهنڪري سنڌ واسين جا اعتراض نه رڳو جائز آهن پر اهي اعتراض حقيقتن تي آڌاريل آهن. سنڌ جا پاڻي ماهر پاڻيءَ جو ڪيس انگن اکرن وسيلي وڙهندا رهيا آهن. هن وقت سڄي ملڪ جو دارومدار رڳو سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي آهي. پنجاب پنهنجا درياهه وڪڻي سنڌو درياهه مان پاڻي کڻت ڪندو رهيو آهي. ان کان پوءِ به ملڪ ۾ نوان ڊيم ٺاهڻ تي زور پيو ڏنو وڃي. جنهن جي ڪري اڳيان هلي ملڪ ۾ پاڻي تڪرار وڌي سگهي ٿو. عمران خان جي حڪومت ۾ به پاڻي رٿائون جلدي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پئي ويو ۽ تنهن کان سواءِ هن جو زور به ان ڳالهه تي هو ته ديامير ڀاشا ڊيم ٺاهيو وڃي. پر سنڌ کي ديامير ڀاشا ڊيم به قبول ناهي ڇاڪاڻ ته اهو پاڻي روڪڻ جو هڪ ذريعو ٿي ويندو، جنهن جي ڪري سنڌ کي اهو پاڻي به نه ملي سگهندو، جيڪو هن وقت ملي رهيو آهي. هڪ ڀيرو وري وزير اعظم شهباز شريف به ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم ترت اڏيو وڃي.
وزيراعظم ايف ڊبليو او ۽ واپڊا کي ديامير ڀاشا ڊيم 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آھي. ديامير ڀاشا ڊئم جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هتي پاور هائوس شروع ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي. هي ڊيم ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪندو، اِن کان وڏي نااهلي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو ججهي مقدار ۾ تيل آهي ۽ نه ئي گئس، ان جون حقيقتون قوم اڳيان پيش ڪندس. وزير اعظم کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پاڻيءَ جي حوالي سان ملڪ ۾ جيڪي به منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، انهن ۾ سنڌ جي مرضي شامل ڪانهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ کان انهن منصوبن جي حوالي سان پڇيو ئي ڪونه ويندو آهي ۽ هڪ طرفو فيصلو ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو ان سان غلط فهميون پيدا ٿين ٿيون پر سنڌ جي پاڻي ڪيس کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿي ڪئي وڃي. ان کان سواءِ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ جيڪي پاڻي ٺاهه ٿيل آهن، انهن کي به مانُ نٿو ڏنو وڃي. انهن تي ڪوبه عملدرآمد ناهي. جيڪڏهن اسين رڳو 91ع واري پاڻي ٺاهه جي ڳالهه ڪريو ته خبر پوندي ته ان تي عمل نه ڪري نه رڳو سنڌ جي زرعي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي پر انڊس ڊيلٽا کي پڻ تباهه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڻي ٺاهه موجب گهربل مقدار ۾ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ ڇڏڻ لازمي آهي. پر افسوس آهي ته ارسا جهڙو ادارو به ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي ڇاڪاڻ ته اهو پنجاب جي ڌر بڻيل آهي. تنهنڪري اهو سدائين پنجاب جو پاڻي ڪيس پيش ڪندو رهندو آهي. اهڙي ريت سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي لڳڻ جو سلسلو ڏهاڪن کان جاري آهي.
وزير اعظم شهباز شريف کي پاڻي منصوبن تي ڪنهن به اٻهرائي کان ڪم نه وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ جي حوالي سان سنڌ جو ماڻهو گهڻو حساس آهي ۽ ان معاملي جي نوعيت کي سمجهڻ لازمي آهي. پر هن وقت تائين ڪنهن به حڪمران ان پاسي ڌيان ناهي ڏنو. جيڪڏهن ديامير ڀاشا ڊيم ٺهي ٿو وڃي ته هن وقت جيڪو سنڌ جي شاخن ۾ پاڻي اچي رهيو آهي، سو به ڪونه اچي سگهندو. تنهنڪري ڪنهن به تڪراري منصوبي کي ڪنهن به ريت عمل ۾ نه آڻڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ پوڇڙي وارو صوبو آهي، پوڇڙي واري صوبي جو پاڻيءَ تي پهريون حق هوندو آهي. اهو هڪ عالمي طور مڃيل اصول آهي پر هن وقت تائين نه ته پنجاب ان اصول کي مڃڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي وفاق ان کي قبولڻ لاءِ تيار آهي. جنهن جي ڪري اڄ سنڌ جي شاخن ۾ واريءَ اڏامي رهي آهي پر پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪوبه ڊيم غير قانوني آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن سنڌ کي پاڻي ئي ڪونه پيو ملي ته پوءِ ان کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ڪيئن ٿو ٺاهي سگهجي. جيڪڏهن پاڻي گهڻي مقدار ۾ هجي ته پوءِ ڊيم جي ڳالهه ٺهي ٿي. پر هاڻي دنيا ۾ درياهن کي ڊيمن کان آجو پيو ڪيو وڃي ته جيئن انهن جو ڊيلٽا بحال ٿي سگهي. تنهنڪري ديامير ڀاشا جو تڪرار منصوبو ترت بند ڪيو وڃي.