ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ميخائيل باختين: ادب ۾ مڪالمانگاريءَ جو تصور I-

Editorial-Article-DrMubarak Lashari

ادب ۾ مختلف تصورن تمام ڊگھو سفر ڪيو آھي، جيڪو سفر گھڻي ڀاڱي سڦل بھ ٿيو آھي تھ ڪجھه تصور وقت جي دز ۾ لٽجي بھ ويا آھن. ڪافي نقاد اڀريا بھ آھن تھ ڪافي نقاد اڻ چٽا يا اڻ ڳاتل بھ رھيا آھن، جيڪي فقط اڪيڊيما جي چوديواري اندر رھي ساهه کڻندا رھيا ۽ انھن کي عام پذيرائي بھ ملي آھي يا شايد اڃا اھو وقت نھ آيو آھي جو کين گھربل سڃاڻپ يا پذيرائي ملي ھجي. ادب ۽ لسانيات ۾ اھڙائي ڪافي تصور يا نقاد رھيا آھن، جيڪي پنھنجي پر ۾ ايڏو وڏو ڪم ڪري ويا آھن جنھن جو ڪو ثاني نھ آھي پر ڪن خوش نصيب مفڪرن کي تمام گھڻي پذيرائي بھ ملي تھ عام ماڻھن وٽ بھ ڳايا ويا. جھڙوڪ اڳوڻي ھندستان ڄائي لسانيات جي ماھر پنيني لسانيات جو اھو ماھر سمجھيو ويندو آھي جنھن فرڊيننڊ دي سوسيئر کي ساختياتي لسانيات واري ٿيوري ۽ مطالعي لاءِ اھم بنياد فراھم ڪيا، ايئن اڳتي ھلي سيپيئر، وھورف، جي آر فرٿ، مالينووسڪي، مائيڪل ھيليڊي کان ويندي نوم چومسڪي تائين ڪيترائي اھڙا لساني ماھر آيا جن لسانياتي مطالعي کي ھن منزل تائين پھچايو ۽ اھڙن مفڪرن جي تصور سبب ئي ادبي تنقيدي ٿيوريز اڳتي وڌيون ۽ ھتي پھتيون آھن. فرڊيننڊ دي سوسيئر وري روس ڄائي ميخائيل باختين جھڙي مفڪر لاءِ اھم ذريعو بڻيو جنھن پنھنجو تصورِ گفتگوئيت ڏنو. سوسئير جي آربيٽريري تصور Concept of Arbitrariness اھو بنياد ھو جنھن لسانيات جي مطالعي جا اھم بنياد فراھم ڪيا تھ ڪافي آواز، اکرن جا جُز، اسم يا لفظ آربيٽري تصور ٺاھيا ويا وڃن ٿا، جيڪي پوءِ ٻٽن متضادن ذريعي سڃاتا وڃن ٿا. ميخائين باختين اھڙي تصور کي رد ڪندي ٻڌايو تھ صوتي آواز، مارفيم، اکر يا لفظن اڪيلا يا لڳ نٿا سمجھي سگھجن پر انھن کي ڪنھن تعلق سان پڙھي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. مطلب تھ لسانيات جي مطالعي ۾ ننڍي مان ننڍو عنصر بھ ڪنھن تعلق کان خالي نھ ھوندو آھي، ھر تصور ڪنھن ٻئي تصور سان ڪنھن نھ ڪنھن طريقي سان مڪالمي ۾ ھوندو آھي. ان ڪري انھن لساني عنصرن کي ڇڙوڇڙ ڪري نٿو ڏسي سگھجي. اھڙي طريقي ميخائيل باختين ناول جي فن کي بھ انھي گفتگوئيت يا مڪالمھ نگاريءَ جو ھڪڙو نمونو سمجھيو.
چون ٿا تھ جيڪڏھن ميخائيل باختين ناول جي صنف کي پنھنجي فلسفياني تشريح يا تصور جو سھارو نھ ڏئي ھا تھ شايد ناول انھي اوج تي ايترو جلدي نھ پھچي ھا. ناول جھڙي صنف مختصر ڪھاڻي يا شاعريءَ جي مڃيل ھڪ اوج کي ڪراس ڪري اڄ ھتي پھتي آھي تھ انھي ھڪ ڊگھو علمي ۽ عملي سفر طئي ڪيو آھي. ميخائل باختين دوستووسڪيءَ کان ويندي ٻين ڪيترن ناول نگارن جي ناول جي ٿيوري Theory of Novel تي ڳالھايو ۽ ناول جو سماجي پاسو نروار ڪيو نھ فقط ناول جو پر جنرلي ادب جو سماجي پسمنظر واضح ڪيو. ان ڪري باختين جي تصورن جھڙِوڪ Discourse in the Novel ۾ ناول جي ٻولي ۽ اسٽائيل تي گھڻو فني طرح ڳالھايو جنھن جي تصور ۾ شايد روسي ھيئت پسندن جو ھيئت پسنديءَ جو تصور ھو جنھن کي ھن ھڪ طرح رد ڪري ان جو ٻيو پاسو ٿي ڏيکاريو. ان پسمنظر ۾ سندن ڪم The Problem of Dostovsky’s Poetics اھم ڳڻيو ويندو آھي، جنھن گفتگوئيت يا مڪالمانگاري Dialogism, آھي جنھن مطابق ناول جھڙي صنف ڪنھن سان سماجي گفتگو جو نمونو آھي. جڏھن تھ شاعري پاڻ سان مڪالمي وانگر آھي، انھن تصورن تي اڳتي تفصيل سان اينداسين. ان ڏس ۾ گھڻن آوزن جھڙوڪ Polyphony جنھن مطابق ٻوليءَ ۾ گھڻا ئي آواز يعني ڳالھائيندڙ آھن. جڏھن ٻين تصورن ۾ Heteroglossia ۽ Carnivalism شامل آھن جيڪي ھڪ نئون ادبي جھان کڻي آيا. چون ٿا تھ باختين ويھين صديءَ جي تمام وڏن نقادن مان ھڪ اھم نقاد آھي. جنھن جا ٻھ وڏا ڪم لسانياتي تصور ۽ تنقيد سان گڏ ناول جي صنف تي ڪم آھي ۽ ناول ۾ اھم پاسو سندن سماجي پاسو آھي.
باختين روس جو اھم نقاد 1895ع ۾ ڄائو پر لکڻ جو عرصو روس جو انتھائي نازڪ صورتحال وارو يعني 1917ع وارو جنھن ۾ انقلاب، ان کان پوءِ قحط سالي، گهرو ويڙهه ۽ ان کان پوءِ اسٽالن جو سخت ترين دور اچي ٿو. انھن ڏينھن ۾ سندن لکڻ جو دور ڪيڏو ڏکيو ۽ اھم ھوندو اھو تصور ڪري سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ ھو پاڻ ڪڏھن بھ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر نھ رھيو پر سندن لکڻين ۾ مارڪسزم موجود آھي، جيڪو اڻ سڌي ريت روسي ھيئت پسندن کي جواب ھو جنھن ۾ روسي ھيئتي پسندن جو تصور ھو تھ لکڻي ليکڪ جي ذات يا وابستگيءَ کان آزاد يا الڳ ھجڻ گھرجي يا تجزيي وقت لکندڙ جي ذات نھ پر لکڻي کي تجزيي يا تنقيد ھيٺ آڻڻ گھرجي. جيتوڻيڪ باختين ھيئت پسندن کان مختلف تصور رکندڙ ھو پر ھيئت پسند جھڙوڪ روم ياڪبسن جھڙا مفڪر سندن سرڪل جو حصو ھئا. ذاتي زندگيءَ ۾ ھن تمام گھڻا ڏکيا ڏينھن ڏٺا جنھن ۾ جيل جي قيد کان ويندي ڄنگھه جي ڪٽجڻ يا تحقيقي ڊگري ڏيڻ کان بھ کيس محروم رکيو ويو. دوستن جي سپورٽ سان پرائيويٽ پڙھائڻ جو ڪم مليو پر تنقيدي، تحقيقي ۽ فلسفياڻي سوچن جو ڪو مٽ نھ آھي. ذاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍو لاپرواهه ۽ ڪم ڪرڻ وارو ماڻھو ھو پر پنھنجي لکڻين کي سنڀالڻ وارو بھ نھ ھو. مارڪسزم جي حق ۾ لکيل لکڻين لاءِ چيو وڃي ٿو تھ اھي لکڻيون ھن فقط پنھنجي وابستگي ظاھر ڪرڻ لاءِ لکيون يا ڪي ٻيون لکڻيون جيڪي ٻين نالن سان ظاھر ٿيون چيو وڃي ٿو تھ اھي لکڻيون سندن لکيل ھيون پر باختين انھن بابت خاموش رھيو. پنھنجي حياتيءَ ۾ رڳو ھڪڙو ڪتاب ڇپيو ھو.
باختين جي شھرت 1970ع کان پوءِ ٻي دنيا جنھن ۾ فرانس، آمريڪا، برطانيا تائين پھتي ۽ پوءِ ھي اھم نقاد ۽ فلسفي طور ڄاتو ويو. سندن ڪتاب ‘The Dialogic Imagination’ ڇپيو جنھن ۾ چار اھم مقالا شامل آھن، جيڪو Michael Holquist and Carlyle Emerson, پاران ترجمو ڪري ايڊٽ ڪري ڇاپيو ويو، جيڪو اڳتي ھلي اھم ڪتاب ثابت ٿيو ۽ مغرب ۾ باختين اھم فلسفي ٿي نروار ٿيو.
باختين جي تصورن ۾ Dialogism and Monologism جا تصور اھم آھن جنھن ãæäæáǐ جو تصور
يڪتائي، ھڪ ڪرو آواز آھي،
اھو تصور (مونلاگزم) مرڪزي طاقت يا مرڪزيت پسندي واري تصور سان جڙيل آھي.
ان تصور کي چيلينج نٿو ڪري سگھجي ڇوتھ اھو ھڪ ڪرو سچ ڪري مڃيو وڃي ٿو ۽ انھي عقيدي کي گفتگو يا مڪالمانگاريءَ ۾ نٿو آڻي سگھجي. اڪيلي پسمنظر ۽ پيش منظر ۽ سچ کي ظاھر ڪري ٿو.
مونولاگ واري تصور ۾ سچ کي ھڪ مخصوص نظام تحت تخليق ڪيو ويندو آھي جيڪو غالب پسمنظر يا ماحول تي ٻڌل ھوندو آھي، ڏاڍي جي لٺ کي ٻھ مٿا. ھر فاعل يا فرد کي انفرداي طور پنھنجي حقيقت ٺاھڻ يا مڃڻ جي دليل کي رد ڪري ٿو.
مونلاگ ھڪ طرح جي ٻئي جي وجود يا آواز جو موت آھي، جيڪو نھ ٻڌو ويندو آھي نھ اھو مڃيو ويندو آھي، جيڪو اڳتي ھلي عوامي تاريخ جي صورت ۾ ظاھر ٿيو يعني ھڪ طرفي حڪمرانن واري تاريخ انھي مونولاگ وارو نمونو ھو.
انفرادي شعور تي ٻڌل آھي مونولاگ، جڏھن تھ ان جو بھترين جواب باختين گفتگوئيت/ مڪالمانگاري Dialogism ذريعي ڏنو آھي جيڪو مونولاگ جو ابتڙ آھي
(ھلندڙ(

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button