ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ جي فاشسٽ سوچ

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

پي ٽي آءِ کان اڳ اهو تاثر عام هو ته ايم ڪيو ايم نه رڳو هڪ لساني پر فاشسٽ تنظيم آهي، پر هاڻ پي ٽي آءِ لاءِ اهو تصور عام ٿي رهيو آهي ته اها هڪ فاشسٽ سوچ رکندڙ تنظيم آهي، جنهن کي سماج ۾ جائز قرار ڏيڻ لاءِ جواز پيدا ڪيا پيا وڃن. آمريڪا خلاف هڪ خاص نيريٽو پيدا ڪري، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته واقعي عمران خان نيازيءَ جي حڪومت هٽائڻ لاءِ ڪا وڏي سازش ڪئي وئي آهي. پهرين ان لاءِ سازش جو لفظ استعمال ڪيو ويو، ان کان پوءِ ان کي مداخلت چيو پيو وڃي. پر جڏهن ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ هن پريس ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏيو ته ڪٿي به سازش جو لفظ استعمال نه ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪابه معلومات جيڪا حساس هجي، ان جي پهرين خبر ملڪ جي ڳجهن ادارن کي پوندي آهي، جنهن کان پوءِ ان معاملي جي جاچ ڪئي ويندي آهي پر هتي ته اهڙي ڪنهن به سازش جو ذڪر نه پيو اچي ۽ نه فوج ۽ نه ئي آءِ ايس آءِ ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار آهن.
هاڻ جڏهن عمران خان نيازي اقتدار ۾ نه رهيو آهي ته هو پنهنجن جلسن ۾ جنهن نيريٽو کي هٿي ڏئي رهيو آهي، ڇا اهو اڳيان هلي هن جي سياسي مستقبل لاءِ خطرناڪ نٿو ٿي سگهي. عمران خان نيازي پنهنجو پاڻ کي ڪنن جو ڪچو به ثابت ڪيو آهي. هو پنهنجي پارٽيءَ جي ڪن گمراه ڪندڙ ماڻهن جي ور چڙهي ويو، جن سندس اقتدار وڃايو آهي. پر ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته هن کي سياسي معاملن کي حل ڪرڻ جو ڪوبه ڏانءُ نه اٿس. ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪا لچڪ ناهي. هو پنهنجي اقتداري مدي ۾ رڳو اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو، جنهن جي ڪري هو پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي ڌيان نه ڏئي سگهيو.
اڄ جڏهن هو وڏن وڏن جلسن کي خطاب ڪري رهيو آهي ته اهي جلسا ان ڳالهه جي ضمانت نه آهن ته هو وري اقتدار ۾ اچي ويندو ۽ هو چوي ٿو ته هاڻ هو 2/3 اڪثريت کڻي اقتدار ۾ ايندو. جڏهن ته اها ڳالهه ڪرڻ وقت کان اڳ آهي. پر ڇا ٿي پوندو، جيڪڏهن هن وٽ 2/3 اڪثريت اچي به وئي. اها ساڳي اڪثريت نواز شريف وٽ به هئي پر جڏهن کيس اقتدار تان لاهڻ جو وقت آيو ته ڪئين رستا نڪري آيا. اڄ عمران خان نيازي عدالتن کي ڏوراپا ڏئي رهيو آهي ته رات جو 12 وڳي عدالت لڳائي وئي. پر اهو وساري ويٺو آهي ته انهي رات هن آئين کي به پائمال ڪيو هو. نواز شريف کي سزا ڏيارڻ لاءِ هو پاڻ ڪوٽ پائي عدالت جا ڦيرا پيو ڏيندو هو ۽ جڏهن عدالت جو فيصلو آيو ته سڀ کان پهرين هن آجيان ڪئي هئي. اهڙي ريت هاڻ جڏهن عدالت سندس غيرآئيني ڪيل ڪمن خلاف فيصلو ڏنو آهي ته هو ان کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي. ڪنهن به ماڻهوءَ جوِ ان کان وڏو ڏوهه نٿو ٿي سگهي ته هو پنهنجي ملڪ جي آئين کي پائمال ڪري. عمران خان نيازي نه رڳو آئين کي پائمال ڪيو پر پنهنجن ساٿين کي به اهو چيو ته اهي عدالت جو حڪم نه مڃين ۽ آئين جي پائمالي ڪرڻ کان نه ڪيٻائين.
هو انهن خدشن جو اظهار به ڪري رهيو آهي، جيڪي مستقبل ۾ هن لاءِ سياسي ڏکيائين کي وڌائي ڇڏيندا. جيئن ڪراچيءَ جي جلسي ۾ هن ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ سندس پارٽيءَ کي ختم ڪيو ويندو. فارين فنڊنگ ڪيس ڪو هن مهيني جو ڪيس ناهي بلڪه اهو ته 2014ع کان هلي رهيو آهي. اهو ڪيس اڪبر ايس بابر جي درخواست تي داخل ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دور ۾ ان ڪيس کي روڪرائيندي رهي، ڪيترائي بهانا گهڙي اها ان ڪيس کان ڀڄندي رهي پر نيٺ اسلام آباد هائيڪورٽ ان ڪيس لاءِ حڪم جاري ڪيو ته ان جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ڪئي وڃي ته جيئن ان کي جلدي اڪلايو وڃي. جيڪڏهن ان ڪيس جو فيصلو پي ٽي آءِ جي خلاف اچي ٿو ۽ ان جي ميمبرن کي سزا اچي ٿي ته پوءِ پي ٽي آءِ جي تڏا ويڙهه يقيني آهي.
هاڻوڪن ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ سان واڳيل ماڻهو پرڏيهه فرار ٿي رهيا آهن، جيڪي عمران خان نيازيءَ جي جلسن ۾ بيهي وڏي واڪي چوندا هئا ته اسين توهان سان آخري گهڙين تائين گڏ آهيون ۽ چورن کي ڪونه ڇڏينداسين. پر جڏهن اقتدار جو محل ڊهندو آهي ته ان مان هر ڪو پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ ڀڄڻ جي ڪندو آهي. تنهنڪري هن وقت بچي اهو ئي سگهي ٿو، جيڪو عمران خان نيازيءَ کان پاڻ کي پاسيرو ڪندو. هو جمهوريت جي ڳالهه ڪري ٿو پر ڇا جمهوريت جو مطلب اهو آهي ته ڪوبه چونڊيل ماڻهو آئين کي ان ڪري پائمال ڪندو جو هن کان اقتدار وڃي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن پرامن ۽ جمهوري طريقي سان ڪنهن ٻئي کي اقتدار ملي ٿو ته ان کي هو قبول نه ڪندو.
جمهوري عمل وسيلي چونڊجي اچڻ هڪ الڳ معاملو آهي پر ان عمل وسيلي آئين کي پائمال ڪرڻ ۽ سويلين آمر ٿي ويهي رهڻ ڪنهن به ريت قبول نٿو ڪري سگهجي. جرمنيءَ جو هٽلر به جمهوري طريقي سان چونڊجي آيو هو. هن ڪنهن به غير جمهوري عمل کي قبول نه ڪيو هو. ايستائين جو هن ان وقت جي صدر پال هيڊنبرگ کان به جمهوري طريقي سان اقتدار کسيو هو. پر پوءِ ڇا ٿو، جمهوري طريقي سان چونڊيل هڪ ماڻهو آمر بڻجي ويو، جنهن سڄي دنيا لاءِ ڏچو پيدا ڪري ڇڏيو. تنهنڪري جمهوريت ۾ اها اجازت ته ڏئي سگهجي ٿي ته اها ڀلي ڪنهن ماڻهوءَ کي اقتدار تي ويهاري پر اها ان ڳالهه جي اجازت نٿي ڏئي ته اهو ملڪ جي آئين کي پائمال ڪري رڳو ان کي قانون سمجهي جيڪو هن جي واتان نڪري ٿو. عمران خان نيازي به ان ماڊل کي پنهنجي لاءِ بهتر سمجهي ٿو. هو پنهنجن سياسي مخالفن کي چٿڻ چاهي ٿو. ان لاءِ هو هر ناجائز حربو استعمال ڪرڻ کان نٿو ڪيٻائي.
ملڪ جي سياسي صورتحال هن وقت اهڙي آهي جو ڪجهه عرصي لاءِ نواز ليگ کي اقتدار ته ملي ويو آهي پر پي ٽي آءِ اهڙي ڀينگ ڪري وئي آهي جو ان اقتدار کي سنڀالڻ رسي تي هلڻ برابر آهي. عمران خان نيازي اڄ به مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هو جنهن غلاميءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اها غلامي سويلين جي نه پر آمرن جي آندل آهي، جيڪي آمريڪا سان هر سطح جا لاڳاپا قائم ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا هئا. هو ڪنهن به فوجي آمر جو نالو کڻي ڪونه ٿو چوي ته ان ملڪ کي ڪيترو نقصان پهچايو. هو نواز شريف يا زرداري حڪومتن جي ڪن به چڱن ڪمن کي نٿو ساراهي. هن کي پنهنجن سياسي مخالفن کان ايتري نفرت آهي جو هو ان نفرت ۾ پنهنجو پاڻ سڙڻ لاءِ به تيار آهي.
اڄ ملڪ جو نوجوان نسل جيڪو هن کي ڀٽو ثاني سمجهيو ويٺو آهي، ان نسل کي ايتري سڌ ناهي ته عمران خان نيازي انهن کي فاشزم ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. انهن جي نفرت جو محور نه رڳو مخالف ڌر جي سياست آهي پر ملڪ جا ادارا به آهن. في الحال هو کلي ڪونه پيو ڳالهائي پر ٿي سگهي ٿو ته هو اڳيان هلي ملڪي ادارن کي به پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائي.
جڏهن سماج ۾ هائبرڊ حڪومت جو تجربو ڪجي، ميڊيا جي وات تي تالو هڻي ڇڏجي، مخالف جي راءِ ٻڌڻ شرط ان کي غدار قرار ڏجي ۽ حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي دشمن جو ايجنٽ قرار ڏجي ته پوءِ اتي عمران خان نيازي جهڙا ئي سياسي اڳواڻ پيدا ٿي سگهن ٿا، جيڪي قوم جي نوجوان نسل کي ڪوڙ ٻڌائي ان کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن ته سچ فقط اهو ئي آهي جيڪو انهن جو ليڊر بيان ڪري رهيو آهي.
هن وقت ته هو جلسن کي خطاب ڪري رهيو آهي، ماڻهو به سندس جلسن ۾ نڪري رهيا آهن پر اهو سلسلو گهڻي وقت تائين ان ڪري به نه هلندو جو سندس حڪومت خلاف ٿيل سازش کي ثابت ڪرڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه به ناهي. تنهنڪري پي ٽي آءِ کي عوامي معاملن ڏانهن موٽ کائڻي پوندي نه ته ان پارٽيءَ کي به ٻي (ق) ليگ ٿيڻ کان ڪوبه بچائي نٿو سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button