پنڊي ۽ پشاور جي وچ ۾ ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ ويڙهه جو کاڄ ٿي ويل عمران خان جا پير زمين تي کپي نه رهيا آهن. ملڪ ۾ آيل سياسي يا حڪومتي تبديليءَ کانپوءِ عمران خان ۽ سموريون سويلين پارٽيون، بلڪل هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن. عمران خان حڪومت کان الڳ ٿيڻ وقت جيڪو ورتاءُ ڪيو، ان تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن. ان ڳالهه تي اتفاق نظر اچي پيو ته ڪو سياسي ذهن گهٽ ۾ گهٽ ائين ڪري نٿو سگهي، جيڪڏهن هن اهو سمجهيو پئي ته هو پارليامينٽ ۾ اڪثريت وڃائي چڪو آهي يا اهي قوتون جن کيس ميمبر ميڙي چونڊي ڏنا هئا، انهن جي هٿ پوئتي ڇڪي وٺڻ کانپوءِ عمران خان کي گريس فل هجڻ جو ثبوت ڏيڻ گهربو هو. هن پنهنجي حڪومت کي بچائڻ لاءِ جيڪو Narrative ظاهر ڪيو، ان جو ڪٿي به کُر پير نه ملي رهيو آهي، ان ڪري هو هڪ وقت سياسي طور Rootless آهي ته ٻئي پاسي هو اسٽيبلشمينٽ جي Good book مان نڪري ويو آهي. ان سان عمران خان جو سياسي مستقبل به اونداهو ٿي ويو آهي. سياسي پنڊت چون ٿا ته جيڪڏهن عمران خان اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيو اختيار ڪرڻ گهريو ٿي ته هن کي عوامي اشوز جي باري ۾ سوچڻ گهربو هو. جيڪڏهن هو چئي ها ته ملڪ ۾ اڪثر وسيلا دفاعي خرچن جي حوالي ٿي وڃن ٿا، جيڪڏهن خزاني ۾ ڪجهه نه بچندو ته عوام تي ڇا خرچ ٿيندو، ان ڪري هاڻ دفاع تي جيڪو خرچ ٿيندو، ان جي آڊيٽرز ذريعي آڊٽ ڪرائڻ ضروري هجڻ گهرجي. ان سان گڏ عوامي اشوز يا اهي ڌريون جيڪي سندس ووٽرز آهن، انهن جي اشوز کي هاءِ لائيٽ ڪري ها، تڏهن به هو پير کوڙي پنهنجي طاقت مڃرائي سگهيو پئي، پر هن جي سوچ مڪمل طور غير عوامي ۽ خيالي نظر اچي پئي. ان ڪري هو ڪيترو وقت ميدان ۾ رهي سگهندو؟ اهوئي اهم سوال آهي.
عمران خان کي سياسي ميدان کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سياسي ڪارڊز به کيڏيا ۽ ان سان گڏ طاقت به استعمال ڪئي. شايد اهڙي صورتحال ان ڪري پيدا ٿي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ايليٽ ڪلاس جي نمائندگي ڪندڙ عدليا ۽ سياسي قوتن وٽ عمران خان سموريون همدرديون وڃائي ڇڏيون. اهڙي صورتحال ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جيڪڏهن پي ٽي آءِ سياسي فورس طور رهڻ چاهي ٿي ته ان کي پنهنجي حڪمت عملي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. مستقبل قريب ۾ پي ٽي آءِ جي سياسي پارٽي طور رهڻ جا امڪان آهستي آهستي گهٽجي رهيا آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو عمران خان، پي ٽي آءِ جي مقابلي ۾ متبادل سياسي پارٽي جوڙڻ تي ويچارڻ شروع ڪيو آهي. ائين جيئن پيپلز پارٽيءَ جي موجودگي، پ پ پارليامينٽرينز قائم ڪري ان جا عهديدار به چونڊيا ويا. ڪراچيءَ جي جلسي ۾ عمران خان ان ڳالهه جو اشارو ڪيو ته فارين فنڊنگ ڪيس ذريعي سندس پارٽيءَ کي سياسي ميدان کان ٻاهر ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. اها حقيقت به آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ انتهائي سنجيده نوعيت جا الزام ۽ حقيقتون سامهون آيون آهن. عمران خان جا وڪيل سمجهن ٿا ته اليڪشن ڪميشن ڪوبه اهڙو فيصلو ڪري سگهي ٿي، جنهن سان پي ٽي آءِ تي پابندي لڳي سگهي ٿي، ان پارٽيءَ جا وڪيل به چئي چڪا آهن ته پارٽيءَ کي هندو يا سکن فنڊز ڏنا، پر اهي پاڪستان سان واسطو رکن ٿا. ان مان هي اشارو مليو ته فنڊ ڏيندڙ رڳو هندو ۽ سک ئي ناهن، پر اهي ٻٽي شهرت به رکن ٿا. ان سان گڏ لنڊن ذريعي جيڪا فنڊ مهم هلائي وئي، ان ۾ ڪيترائي يهودي به فنڊ ڏيندڙ آهن. انهن جي شهريت ڪهڙي آهي، اهو سڀ ڪجهه سامهون اچڻو آهي. فارين فنڊنگ جي اها ڳالهه مخالف وري وري ڪري رهيا آهن، ڪنهن به ڪمپنيءَ کان فنڊ وٺي نٿو سگهجي، پر آمريڪا ۾ عمران خان جو دوست جيڪو مني لانڊرنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ کي لکين ڊالرن جو فنڊ ڏيڻ جو اعتراف ڪيو آهي. هي صاحب ڪنهن عالمي ڪمپنيءَ جو سربراهه آهي ۽ ان جي ڪمپني وٽ ڪي اليڪٽرڪ به آهي.
عمران خان جو سياسي تڪ اولهه جا متاثر مراعت يافتا طبقي جا امير آهن، يا وري اهي جيڪي ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکن ٿا. انهن مان اڪثر لبرل زندگي گذارين ٿا. هڪڙو حصو اهڙو به هو، جيڪو وچولي يا هيٺئين وچولي طبقي سان لاڳاپيل رهيو آهي، جن کي ڪاروباري دنيا سان دلچسپي هئي. سرڪاري ملازمن جو جوڳو تعداد پي ٽي آءِ جي ويجهو رهيو. ان جي ابتڙ عمران خان مذهبي Narrative کي اختيار ڪيو. هو لڳاتار مديني جي رياست ۽ اهڙا مذهبي استعارا استعمال ڪندو رهيو، جيڪو ان جي سياسي constancy جي سوچ جي ابتڙ رهيو. ان سان گڏ عمران خان اولهه جي خلاف، خاص ڪري اينٽي آمريڪي سوچ کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪئي. اولهه جا ملڪ، خاص ڪري آمريڪا، جيڪي ڪاروباري دنيا ۾ پاڪستان جا اهم پارٽنر آهن، ان سان گڏ دفاعي ميدان ۾ آمريڪا، پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ گهڻو اهم آهي. يورپ به اهم واپاري بلاڪ آهي، جنهن کي پاڪستان ڇڏي نٿو سگهي. عمران خان جي اولهه مخالف سوچ هڪ طرف هن جي سياسي حامين کي پريشان ڪيو، ته ٻئي پاسي فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مفادن کي داءُ تي لڳايو. هي ٻئي ڌريون آهستي آهستي عمران خان کان پرڀريون ٿي رهيون هيون. دفاعي فورسز ۽ اولهه کان متاثر مراعت يافتا طبقي به عمران خان کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهيو. ان ڪري انهن متبادل جي ڳولا شروع ڪئي. هي جنرل ضياءَ جي دور جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ ناهي، جيڪا مذهبي سوچ کي اپنائيندي هجي، هينئر اسٽيبلشمنيٽ لبرل سوچ کي اپنائي ٿي. ان جا مفاد به مذهبي سوچ کي اپنائڻ کان پاسو ڪن ٿا. عمران خان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، يا هن ڄاڻي واڻي اهڙو ورتاءُ ڪيو، جو هڪ طرف مراعت يافتا طبقو ۽ ٻئي پاسي وري سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ تنگ اچي وئي. عمران خان جي ضد ۽ Self Righteous رويي به ان کي ماريو.
عمران خان حڪومت هٿان وڃائڻ باوجود هو ماضي جي احمقن جي جنت ۾ رهڻ کي اوليت ڏئي رهيو آهي. عمران خان جيڪي جلسا جلوس ڪري رهيو آهي، ان ۾ هو رڳو ٻه چار ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هو آمريڪا مخالف چٺيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن مان سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ هوا ڪڍي ڇڏي آهي. رهيل ڪسر به جلد پوري ٿيڻ واري آهي. هو هينئر به عوامي اشوز تي نه ڳالهائي رهيو آهي، هو پٽاٽن ۽ بصرن جي قيمتن تي ڳالهائڻ بدران خيالي دنيا ۾ پيو رهي. ان ڪري هن جي جلسن ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت به ختم ٿي ويندي. هينئر جيڪڏهن توهان عام ماڻهوءَ کان پڇندئو ته ڇا عمران خان کي ٻيهر حڪومت ملڻ گهرجي؟ ته 99 سيڪڙو جو هي خيال آهي ته نه. ان سان گڏ هي خيال به عام آهي ته عمران خان جا جلسا، نه ئي سياسي طبقي، نڪي وري سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪو خطرو آهن. انهن مطابق هي جلسا ايندڙ اليڪشن مهم جو اشارو ضرور ڏين ٿا، پر عام ماڻهوءَ جي مسئلي جي ان ۾ڪابه جهلڪ نظر نٿي اچي.
رڳوسوچ جو مسئلو ناهي، پر جيڪو ورتاءُ پنجاب اسيمبليءَ ۾ سامهون آيو، ان به پي ٽي آءِ کي وڌيڪ وائکو ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جا ويجها دوست ملڪ ڇڏي سنهڙي گهٽيءَ مان فرار ٿي رهيا آهن ۽ باقي ڪسر ملڪ ۾ رهندڙ سندس ساٿين پوري ڪري ڇڏي آهي. شاهه محمود قريشي سميت ڪيترائي اهڙا اڳواڻ آهن، جيڪي افطار پارٽين دوران عمران خان تي تنقيد ڪن ٿا. هو سمجهن ٿا ته انهن پي ٽي آءِ جي چونڊ ڪري وڏي سياسي غلطي ڪئي. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ ٿيل گڏجاڻي دوران متبادل سوچ کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان گڏجاڻي ۾ شهباز گِل کي به سڏايو ويو ته جيئن هو عمران خان کي صورتحال کان آگاهه ڪري سگهي. شهبازگِل ته ايترو ڪاوڙيو، جو افطار پارٽي اڌ ۾ ڇڏي، منهن ڀيلو ڪري نڪري ويو.
عمران خان نه فقط اقتدارن جي ايوانن کان ٻاهر ٿي رهيو آهي، پر هن کي وڏن جلسن جي باوجود Toothless اڳواڻ سمجهيو وڃي ٿو. عوامي حڪمرانيءُ جو ورتاءُ شهباز شريف جي انداز مان لڳي ٿو. هن ايندي ئي عام ماڻهو جي اشوز تي ڳالهائڻ ۽ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جنهن سان عام ماڻهو رليف محسوس ڪرڻو لڳو آهي. موجوده حڪمرانن جو هي انداز ڪيستائين رهي ٿو، اهو به ڏسڻو پوندو، پر انهن اڳيان به ان کانسواءِ ڪوبه رستو ناهي ته هو عوام جي روزي روٽي ۽ روزگار جهڙن مسئلن کي ڏسن. جيستائين هو عوام جي اشوز کي حل ڪندا رهندا، ايستائين کين موٽ به ملندي، جنهن ڏينهن اهي عوامي مسئلن کان پرڀرا ٿيا، ان ڏينهن وري نئين سياسي قوت سامهون ايندي. واڳ ڌڻي به اهو ئي چاهيندا ته ملڪ ۾ اهڙي ڪابه قوت سامهون نه اچي، جيڪا پاپولر هجي ۽ وڌيڪ ووٽ وٺي ايوانن ۾ پهچي.