سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جا آبادگار هن وقت پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن ۽ اهي احتجاج ڪري رهيا آهن. سنڌ جي پوڇڙي وارن علائقن جي شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي پر پاڻي لپ ناهي. جڏهن به خريف جي مند شروع ٿيندي آهي ته سنڌ جي شاخن ۾ پاڻي بدران واري نظر اچڻ لڳندي آهي، جڏهن ته اهو مسئلو ڪو ناممڪن ڪونهي جو ان کي حل نه ڪري سگهجي. پاڻيءَ جي کوٽ وقت رڳو سنڌ کي ڀوڳڻو پوندو آهي پر پاڻي جڏهن گهڻي مقدار ۾ هوندو آهي ته ان ۾ سنڌ کي ڀاڱي ڀائيوار ڪونه ڪيو ويندو آهي. گذريل ڪيترن سالن کان اهو سلسلو هلندڙ آهي. پر نه ته آبپاشي کاتو آبادگارن جي شڪايتن ۽ احتجاجن کي ڪنهن ليکي ۾ آڻي رهيو آهي نه ئي ارسا جو ان پاسي ڌيان آهن. ڪالهه به سنڌ جي ڪيترن ئي شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. پر چمبڙ ۽ گولاڙچي ۾ ٿيل مظاهرن ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آهي.
رپورٽ موجب چمبڙ ۾ غريب شاخ، زئور شاخ، ميران کوري، چمبڙ ۽ چاڪر شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي آبادگارن ۽ ڪارڪنن ٽنڊوالهيار تائين پيادل مارچ ڪري مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ چمبڙ ۾ غريب شاخ، زئور شاخ، ميران کوري، چمبڙ ۽ چاڪر شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي. عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ آبادگارن صبح جو اٺين وڳي پيادل مارچ ڪيو، مختلف هنڌن تي احتجاج ڪرڻ بعد شام جو مارچ ٽنڊوالهيار پهتو، مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ آبادگارن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سنڌ هاري پورهيت ڪميٽيءَ جي صدر فيض ڪيريو، جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ مقبول لغاري، مولابخش لغاري، امير بخش رند، ارشاد لغاري ۽ ٻين چيو ته ٽن مهينن کان پاڻي ناهي، مال به اڃ مري رهيو آھي. عام ماڻھو جو گذر سفر زراعت تي آھي، پر پاڻيءَ جي کوٽ زراعت جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آھي، غريب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي. سکر بئراج، گڊو بئراج ۽ ٻين بئراجن مان جئين ئي پاڻي نڪري ٿو ته بااثر وڏيرا آبپاشي آفيسرن سان ملي ڪري پاڻي چوري ڪن ٿا، هڪ سال اندر آبپاشي آفيسر اربين رپيا ڪمائين ٿا، اسان جا حق غضب ڪرڻ واري عمل ۾ چونڊيل نمائندا به شامل آهن. شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگارن جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. آبادگارن چيو ته اسان زمين تي پاڻي نه هجڻ ڪري گاهه به پوکي نٿا سگهون، پاڻي جي ڦڙي لا پريشان آهيون، ربيع جو فصل ويو، خريف جو فصل اچي رهيو آهي، بااثر ماڻهو چاهين ٿا ته آبادگار پنهنجون ڪروڙين رپين جون زمينون مجبور ٿي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪن. هنن سپريم ڪورٽ، آرمي چيف، وڏي وزير ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ عيد کانپو چمبڙ کان سوين آبادگار حيدرآباد ۽ پو ڪراچي سي ايم هائوس تائين پيادل مارچ ڪندا. ٻئي پاسي گولاڙچي تعلقي جي امام واهه، سورهڏي، شيرواهه، بهادر واهه، نقرجي سميت ساحلي پٽي جي شاخن ۾ چئن مهينن کان پاڻي نه اچڻ خلاف جسقم اڳواڻ محفوظ نوتڪاڻي، لال بخش چانڊيو، وڪيو ملاح سي اين جي پمپ کان شهيد فاضل راهو چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته تعلقي جي 3 لک کان مٿي آبادي جا رهواسي پيئڻ جي پاڻيءَ لا پريشان آهن، جر جو پاڻي کارو هئڻ سبب علائقي جا رهواسي زهريلو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن. چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن جي ڪن تي جون به نه ٿي سري، پاڻي نه هئڻ سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، انسان ۽ جانور پاڻيءَ لا پريشان آهن. هنن مطالبو ڪيو ته شاخن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ اهم ترين معاملو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لازمي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڪل شاخن ۾ ترت پاڻي پهچايو وڃي ۽ آبپاشي کاتو انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري جيڪي پوڇڙي تائين پاڻي پهچڻ نٿا ڏين.