مصر جي اهرامن کان برج الخليفه تائين انسان جو تهذيبي سفر بظاهر اڳتي ويندڙ سفر آهي، ان سفر وچ ۾ انسان نه ڄاڻ ڪيترين اٿلن پٿلن مان گذريو آهي، هن طوفانن سان مهاڏو اٽڪايو، زلزلن کي منهن ڏنو، ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن سان گڏ فطرت جي انڌين قوتن سان وڙهي، هن جڏهن “تهذيب” جي ڏاڪي تي قدم رکيو ته، اهو قدم رڳو انسان جي فطرت کان آزاديءَ ڏانهن هڪ قدم نه هو، پر ان سان گڏوگڏ اهو انسان جو انسان ٿيڻ ڏانهن به قدم هو، دراصل اهو انسان جي تڪميل ڏانهن به هڪ قدم هو، پر هزارين سالن جو ڊگهو سفر ڪرڻ باوجود ماڻهو اڃا پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولها ۾ آهي يا بقول مارڪس “ماڻهو اڃا پنهنجي پاڻ کي نه ڳوليو آهي يا اڳواٽ ئي پاڻ کي ٻيهر وڃائي ڇڏيو اٿس.” (هيگل جي حق جي فلسفي تي تنقيد) پر اهي ٻئي حقيقتون گڏ به ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جو ماڻهو ٿيڻ ڏانهن سفر هڪ لحاظ کان ان جو ڳولها جو سفر آهي، پر ان ڳولها ۾ به انسان، جيڪڏهن ان جي تهذيبي ڏاڪي ۾ داخل ٿيڻ کان شروعات ڪجي ته، هزارين سالن جو سفر طئي ڪيو آهي، يعني هن گهٽ ۾ گهٽ اها سڃاڻپ ته ٺاهي ته هو ماڻهو آهي، پر ماڻهپي جو مسئلو اڃا تائين اڻ نبريل آهي. يعني ماڻهوءَ کي اڃا پنهنجي وڃايل حصي کي ڳولڻو به آهي ته کيس ماڻهو به ٿيڻو آهي. بهرحال، بظاهر تهذيب يافتا ماڻهو اڃا تائين حقيقي تهذيب جي منزل تي نه پهچي سگهيو آهي. شايد ان کي ڏسندي، روسو سماج، تهذيب، سائنس ۽ آرٽ کي ماڻهوءَ جي ڪرپٽ هئڻ جو بنياد قرار ڏيندي، کيس پنهنجي اصل حالت (فطرت) ڏانهن موٽڻ جي دعوت ڏني هئي. يقينن، اهو روسو جهڙي مفڪر جي حساس دل جو ماتم ۽ احتجاج هو پر حل نه هو. ڇاڪاڻ ته روسو ان معمي کي نه سمجهي سگهيو ته، سماجي مسئلن جو حل سدائين سماج اندر ئي موجود هوندو آهي، نڪي ان کان ٻاهر.
جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته، ماڻهوءَ کي اڃا ماڻهو ٿيڻو آهي ته، ان جا کوڙ سارا سبب ٿي سگهن ٿا پر هڪ سبب سماج جي ٻارن ڏانهن مجموعي روش به آهي. جڏهن هڪ ٻار ڪنهن درنده صفت جي جنسي هٻڇ جو بک بڻجي ٿو ته، ان جو مقصد اهو ئي آهي ته، ماڻهوءَ جو ماڻهپي ڏانهن سفر اڃا تڪميل تائين نه پهتو آهي. پر تڪميل ته ڇا اڃا تائين بانبڙا پائڻ واري مرحلي تي به نه رسي سگهيو آهي. مارڪس سان منسوب هڪ قول ته، عورت کي مليل رتبو ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جو پئمانو آهي. پر اها ڳالهه اڻپوري آهي، ڏسڻ اهو گهرجي ته، مجموعي طور اسان جو سماج جي ڪمزور ۽ مظلوم پرتن ڏانهن رويو ڪيئن آهي، جنهن ۾ عورت به اچي وڃي ٿي ته، ٻار وغيره به. اڃا به ايئن کڻي چئجي ته، ڪنهن به سماج جي تهذيب ۽ تمدن ٻار ڏانهن سندس رويي ۾ اوتجي ايندي آهي. تنهنڪري، ٻار سان روا رکيل مجموعي رويو ئي ڪنهن به سماج جي ثقافتي ۽ تهذيبي اوسر جو حقيقي عڪس ٿي سگهي ٿو. ٻارن سان ڪنهن به سماج جو رويو ان جي اسريل هئڻ جي ڪسوٽي هئڻ گهرجي. ان اصول کي جيڪڏهن مجموعي طور انساني سماج، جنهن ۾ اولهه ۽ اوڀر سميت سمورا سماج اچي وڃن ٿا، تي لاڳو ڪجي ته، انساني سماج جي بدتهذيبي، بدنمائي ۽ بڇڙي شڪل کلي سامهون اچي ٿي. جڏهن دنيا جي مختلف خطن اندر ٻار رڳو ان لاءِ مرندا هجن ته، انهن لاءِ مناسب غذا ميسر ڪونهي ته، اهو سماج هڪ بدتهذيب ۽ بڇڙو سماج آهي، ان سماج کان جيتري نفرت ڪجي اها گهٽ آهي، ان سماج سان جيتري به حقارت ڪجي اها گهٽ آهي.
اڄ به دنيا ۾ گڏيل قومن پاران ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ڏاڍي ڀلي ڳالهه آهي. هڪ ته خود ٻارن جو عالمي ڏڻ ملهائي انهن جي حقن بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ وارو عمل ان ڳالهه جو دليل آهي ته، ٻارن جي حقن جي وڏي پئماني تي لتاڙ ٿي رهي آهي. تڏهن ئي اهڙا ڏڻ ملهائڻ جي ضرورت پوي ٿي. ٻيو اهو ته، ان گڏيل قومن ۾ ڪير ويٺل آهن؟ دنيا جا “مهذب” ۽ “ترقي يافتا” ملڪ؟ آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ ڪينيڊا وغيره؟ اهي ملڪ ٻارن جي حقن جا علمبردار آهن؟ يا اهڙن ملڪن کي ٻارن جي حقن جو علمبردار قرار ڏئي سگهجي ٿو، جن جي سامراجي جنگي جنون جي ڪري، دنيا جي مختلف خطن اندر جنگين جي نتيجي ۾ لکين ٻار بکن ۽ بيمارين ۾ مرندا رهيا آهن ۽ لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن؟ ڪجهه عرصو اڳ سيو دي چلڊرين نالي هڪ تنظيم جي رپورٽ هئي ته، “تڪرارن جي شڪار ملڪن ۾ 24 ملين ٻارن کي نفسياتي سهائتا جي ضرورت آهي.” هيءُ ڪهڙو سماج آهي، هيءَ ڪهڙي دنيا آهي، جتي معصوم ۽ نفيس وجودن کي “نفسياتي سهائتا” جي ضرورت پوي ٿي؟ ان جو مطلب اهو ئي آهي ته، دنيا کي ٻارن لاءِ جهنم بڻايو ويو آهي، دنيا اهڙي نه آهي، جتي ٻارن جهڙا پاڪ، معصوم ۽ نفيس وجود رهي سگهن!
يمن ۾ ڇا ٿيندو رهيو آهي؟ يمن تي آمريڪي سامراج جي حمايت سان عرب بادشاهتن جي اتحاد جي جنگ مڙهيل رهي آهي ۽ ان جنگ جو وڌ کان وڌ شڪار به ٻار رهيا آهن. ان صورتحال دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرس پاڻ چيو هو ته، يمن ۾ 80 هزار ٻار بک وگهي مري ويا.!! گوٽيرس اهو به چيو هو: “يمن جي جنگ ٻارن شروع نه ڪئي آهي، پر هو ئي ان جي وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهن. 3 لک 60 هزار ٻارن لاءِ غذا جي کوٽ آهي، اهي هر ڏينهن پنهنجي زندگين لاءِ وڙهي رهيا آهن.” اها صورتحال انهن سامراجي ملڪن جي منهن تي چماٽ آهي، جيڪي ٻارن جا عالمي ڏينهن به ملهائين ٿا ۽ انهن جي حقن جي “بحاليءَ” لاءِ مختلف تنظيمون قائم ڪري، کين “فنڊنگ” به ڪن ٿا ته جيئن هو اهو ثابت ڪري سگهن ته کين انسانيت ۽ ٻارن جو وڏو “اونو” آهي!! اهو خود انسانيت سان وڏي ۾ وڏو مذاق آهي! خود ماڻهوءَ تي وڏي ٺٺول آهي! آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس وچ اوڀر جي رجعت پرست عرب بادشاهتن کي جيڪي هٿيار وڪرو ڪري رهيا آهن، اهي ئي هٿيار يمن جنگ کان ويندي شام ۽ ٻين ملڪن ۾ استعمال ڪيا پئي ويا آهن. يمن تي جيڪا بارود جي باهه وسائي پئي وئي، اهو بارود سامراجي ملڪن جو ئي ڏنل آهي. جنهن جنگ بابت گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل چئي ٿو ته، اها ٻارن شروع نه ڪئي آهي پر هو ئي ان جي ڳري قيمت ادا ڪري رهيا آهن.
ساڳي وقت پاڪستان به ٻارن لاءِ جهنم بڻيل آهي. جتي سندن ريپ کان ويندي، سندن بنيادي انساني حقن جي لتاڙ معمول بڻيل آهي. اڄ به 40 لک ٻار گند جي ڍير تان ڪچرو ميڙڻ ۽ ٻيو جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن. باقي ملڪن جا انگ اکر گڏ ڪجن ته، انهن جي صورتحال به ڄاڻايل صورتحال کان ڪا مختلف ڪو نه هوندي. هن بدتهذيب ۽ بڇڙي سرمائيداراڻي/طبقاتي سماج جي انقلابي ڪاياپلٽ تائين اهو ٻارن کان ويندي، سڀني ڪمزور سماجي پرتن-عورتن، هارين نارين ۽ مزدورن لاءِ ايئن ئي جهنم بڻيل رهندو.
ماڻهو اڃا آزاد نه ٿيو آهي، ماڻهو اڃا زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. ماڻهو اڃا فطرت جي غلاميءَ مان مس نجات ماڻي ته، جلد ئي طبقاتي سماج جي بيرحم غلاميءَ ۾ جڪڙجي ويو. اهڙي نموني ماڻهوءَ کي جيڪڏهن آزاد ۽ مڪمل ٿيڻو آهي ته، کيس سماج جي نئين سري سان انقلابي اڏاوت ڪرڻي پوندي.