ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

فريد آباد واقعو: پڇون آخر پڇون ڪنهن کان؟

Editorial-Article-Shahid Rajper

چوندا آهن ته جت باهه ٻري اها جا جلي، جنهن کي چوٽ لڳي اها اک روئي. سنڌ واسي هون ئي اذيتن ۾ زندگي گهاري رهيا آھن پر فريد آباد واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ جي کي جهورڻ واري واقعي طور پيش آيو آھي ۽ ڀلاري مهيني رمضان المبارڪ دوران ڏکوئيندڙ واقعي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.
ٻه ڏينهن اڳ ميهڙ فريد آباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو درياڻي ۾ هڪ گهر کي باهه لڳي وئي جنهن ڏسندي ڏسندي 70 کان مٿي گهرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 9 ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جن ۾ 6 ورهين جي سويرا سندس ڀيڻ 7 ورهين جي سڪينه، رستم درياڻي جي 5 ورهين جي ڌي تهمينه، امام الدين چانڊيو جو 5 ورهين جو پٽ عالم، عبدالرشيد، مور، نرگس، عبدالرسول ۽ زمان چانڊيو شامل هئا. جڏهن ته 150 کان مٿي ڍور به باهه جي شعلن جي ور چڙھي سڙي مري ويا. سڙي فوت ٿيل ڳوٺاڻن جا لاش ميھڙ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي کان پو وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته زخمي عورت موتان خاتون ۽ سندس ٻن پٽن 5 سالن جي حسين ۽ 12 سالن جي جمن چانڊيو کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته ٻه راتيون اڳ باهه ھڪ گهر کي لڳي وئي جنهن جو اطلاع ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ دادو انتظاميا کي ڏنو ويو پر انتظاميا ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 70 گھرن کان مٿي گهرن کي باهه پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو سڙي فوت ٿيا ۽ لکين روپين جي ماليت جو سامان سڙي ويو. ڳوٺاڻن سڄي رات باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر تيز هوا سبب صبح تائين باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو ۽ نه وري باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائربرگيڊ جون گاڏيون واقعي واري ھنڌ وقت تي پھتيون نه ئي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن مان ڪير به وٽن لڙي آيو.
ساڳي ئي ڏينهن تي ٺاروشاهه، وارهه، مدئجي، سيتا روڊ، شھداد پور، راڌڻ ۽ ٻين علائقن ۾ باهه واقعا پيش آيا آهن، پر ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ ته قيامت برپا ٿي وئي ۽ آسمان ڪاري دونهين ۾ ڄڻ ته غائب ٿي ويو پر افسوس سان چوڻو پيو پوي ته هزارين ماڻهن جي سڙڻ جي خدشي باوجود نه فائربرگيڊ گاڏيون نه پهتيون ۽ نه ئي پراڻي روايت موجب ايمبولينس پهتيون جو زخمين کي علاج لاءِ بروقت اسپتال تائين پهچايو وڃي ها ته شايد ايترو جاني ۽ مالي نقصان نه ٿئي ها.
ٺاروشاهه، وارهه، مدئجي، سيتا روڊ، شھدادپور، راڌڻ ۽ ٻين علائقن ۾ لڳل باهه تي به پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺاڻن باهه تي ضابطو آندو پر راڌڻ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ ضابطو نه اچڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان گهڻو ٿي ويو.
آھي ڪو فائر برگيڊ جي ڪامورن کان ڪروڙين روپين جون بجيٽون ڪاغذي ڪاررواين ۾ پوريون ڪري هڙپ ڪندڙن ۽ ايمبولينسن جي سار سنڀال ۽ تيل جي استعمال کاڌل پئسا وصول ڪرڻ وارو.
بقول انتظاميا جي ته ميهڙ جي فائربرگيڊ خراب هئي، جيڪڏهن ايمرجنسي دوران ميهڙ جي فائر برگيڊ گاڏي خراب هئي ته واقعي تي ڪنٽرول لاءِ لاڙڪاڻي ۽ دادو مان فائر برگيڊ جون گاڏيون هنگامي بنيادن تي گهرائي باهه تي جلدي ضابطو آندو وڃي ها ۽ اها باهه يارهن ڪلاڪن بدران ڪجھه ڪلاڪن ۾ ڪنٽرول ٿي وڃي ها پر اسان جي علائقن جي انتظاميا پنهنجي روايتن کي برقرار رکندي سست رفتاريءَ جي مظاهري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان قاصر آھن. باقي علائقي جي سار سنڀال لاءِ مختص ٿيل بجيٽ ائين جعلي وچرن ذريعي هڙپ ڪندا جيئن هنن جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت هجي.
لاڙڪاڻي ۽ دادو جون گاڏيون فعال هجڻ باوجود واقعي واري هنڌ نه پهچڻ سبب باهه تقريبن يارهن ڪلاڪ ٻرندي رهي ۽ 10 جانيون اجل جو شڪار ٿي ويون. 20 کان مٿي ماڻهو سڙي زخمي ٿيا ۽ 70 جي لڳ ڀڳ گهر سڙي رک ۾ تبديل ٿي ويا. پر اهڙي هانءُ ڏاريندڙ واقعي دوران ضلعي ۽ ڊويزنل انتظاميا سميت سنڌ حڪومت ۽ سندس تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪٿي هئا؟ اها ڪا به خبر نه آھي ۽ ائين محسوس پيو ٿئي سنڌ غريبن لاءِ مقتل گاهه بڻجي وئي آھي ۽ ڪوبه مسيحا اچڻ ته پري جي ڳالھه پر نظر به نه پيو اچي.
اهو ڏٺو پيو وڃي ته واقعي جي ذميوار اتان جي انتظاميا ئي آھي. اسان جي چوڻ جو اهو هرگز مطلب ناهي ته ڪا باهه انتظاميا لڳائي آهي پر باهه کي وسائڻ جا اوزار ته انتظاميا وٽ ئي آھن ۽ جيڪڏهن انتظاميا ٿورو به سنجيدگيءَ سان نوٽيس وٺي ها ته ايترو نقصان ھر گز نه ٿئي ها. پر ان ڳالهھ کي به سوچڻ جي ضرورت آھي ته باهه لڳي ڪيئن ۽ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي برقرار آھي ته باهه ڪيئن لڳي؟
سنڌ حڪومت سميت وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سستي ڪندڙ انتظاميا کان ڀرپور طريقي سان پڇاڻو ڪري ۽ هر جاءِ تي مقرر ٿيل فائربرگيڊ عملي کي پابند بڻايو وڃي ته هر وقت تيار هجڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته مصيبت ڪڏهن به آگاهه ڪري ڪانه ايندي آهي ۽ انتظاميا جو اولين فرض آھي ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هجن ته جيئن ڪٿي غريبن جو ڪو گهڻو نقصان نه ٿئي.
اسان کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪرپشن جي ماهرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي ڪرتوتن جي ڪري ڀوڳڻو سنڌ جي عوام کي ٿو پوي. سنڌ ۾ اڳئي غربت ۽ مهانگائي غريب عوام جي چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي آھي ويتر اهڙن المناڪ حادثن ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آھي. ڪهڙو به ڪامورو غريبن جي ٻڌڻ ته پري ملڻ لاءِ تيار نه آھي. ڳوٺن شھرن جو عوام ڪامورن ڏي ڪا درخواست کڻي ٿو وڃي ته صاحب گڏجاڻين ۾ مصروف آھن. جڏهن ته انهن ڪامورن کي گڏجاڻيون پاڻ ۾ نه پر عوام ۽ عوامي نمائندن سان بند ڪمرن ۾ نه پر آئوٽ ڊور ڪرڻ گهرجن پر افسوس آھي جو اسان جا ڪامورا پنهنجي ٿڌين آرام گاهن کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن ۽ اسان پڇون ته آخر پڇون ڪنهن کان اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button