پاڪستان تحريڪِ انصاف جي حڪمراني ختم ٿي. ميان شهباز شريف جي سربراهيءَ ۾ اتحادي ڌرين جي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي. ڪجهه ماڻهن کي لڳي ٿو ته هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي. هاڻي ملڪ ترقيءَ جي منزل ڏانهن روان دوان ٿي چڪو آهي. معيشت بهتريءَ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ سمورا مسئلا چپٽي وڄائڻ سان حل ٿي ويندا. حالانڪه حقيقت ان جي بنهه ابتڙ آهي. ملڪي معيشت ايتري خراب صورتحال ۾ آهي جو وزيرِ اعظم ميان شهباز شريف کي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن وڌائڻ واري بيان تان ڦرڻو پئجي ويو ۽ نئين حڪومت جي اقتدار جي پهرئين هفتي دوران ئي بجليءَ جو اگهه وڌايو ويو. ڊپ آهي ته جلد ئي پيٽرول جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويندو.
پاڪستان ۾ سياست هڪ اهڙو لفظ آهي جنهن کي ٻين گھڻن لفظن وانگر غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن بنيادي ۽ ڪلاسيڪل وصف کي نظر انداز به ڪري ڇڏجي تڏهن به اڄ جي دور ۾ دنيا اندر سياست جو مطلب سمجهيو ويندو آهي ملڪي ۽ بين الاقوامي معاملن تي هڪڙي راءِ جوڙڻ لاءِ ملڪي سياست دانن جو گڏجي ويهڻ. صلاح مشورو ڪري مختلف معاملن کي اڪلائڻ ۽ پنهنجي ملڪ کي سڌي رستي تي هلائڻ جنهن ۾ سڀني جو ڀلو ٿئي. پر ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ سياست جو مطلب ان اتحاد ۽ صلاح مشوري واري ماحول کي خراب ڪرڻ هوندو آهي. سمورو زور ان تي ڏنو ويندو آهي ته حڪومت کي ناڪام بڻائجي. آئين ۾ پارليامينٽ ۽ حڪومت کي مليل اختيارن کي نه مڃڻ. انهن جو آئيني مدو پورو ٿيڻ کان روڪڻ ۽ سموري راند کي بگاڙي ڇڏڻ.
پاڪستان هن وقت اندروني طور تي تمام گھڻي تقسيم جو شڪار آهي. نه رڳو سياسي ميدان پر هر شعبي ۽ سماج جي هر حصي کي ٻئي سان وڙهيل، نفرت ڪندي، ڇڄندي ڏسي پسي سگهجي ٿو. هر هڪ پاسي نفرت ۽ دُوري ئي نظر اچي رهي آهي جنهن کي خاص ڪري سوشل ميڊيا اڃان وڌيڪ تيز ڪري رهي آهي. هتي سوشل ميڊيا کي ڀولي جي ان پاڪيءَ جيان سمجهڻ گھرجي جيڪا ڪڏهن پرائو ته ڪڏهن پنهنجو سر چٽ ڪرڻ لاءِ هميشه هڪڙو خطرناڪ هٿيار هوندي آهي. سوشل ميڊيا جو استعمال ڪرڻ لاءِ جنهن تعليم، تربيت ۽ اخلاق جي ضرورت آهي اهو عام طور تي اڻ لڀ آهي. خاص ڪري سياسي ميدان ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف گاريل برگيڊ ٺاهي جنهن طوفانِ بدتميزيءَ کي جنم ڏنو آهي تنهن سان پراڻي زماني جا “ڏنگا ٻارَ” ٽڪر کائين ته کائين باقي ٻئي ڪنهن ۾ اهڙي مجال نه آهي. مطلب ته ملڪ انتهائي تفريق جو شڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾ نئين حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ اڳتي ايندڙ ڏينهن اڃان وڌيڪ سخت ٿيڻا آهن. ملڪ کي متحد رکندي حڪومت ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو ڏاڍو ڏکيو پر انتهائي ضروري بڻجي پيو آهي. ميان شهباز شريف جهڙو وزيرِ اعظم اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهندو يا نه؟ اهو هڪڙو اهم سوال آهي.
وزيرِ اعظم ميان شهباز شريف جي اڳيان ڪو هڪ ٻه نه پر مسئلن جو سمنڊ آهي جنهن منجهان کيس پاڻ کي به پار پوڻو آهي ۽ سموري سٿ کي به ان سمنڊ منجهان اڪيرڻو اٿس. وزيرِ اعظم جي حيثيت ۾ پنهنجي پهرين تقرير دوران هن ڏاڍيون مٺيون ۽ سٺيون ڳالهيون ڪيون هيون پر اها به حقيقت آهي ته جيڪو ڪجهه زبان سان چئجي ٿو ان تي عمل ڪرڻ ايترو آسان نه هوندو آهي جيترو چوڻ.
ميان شهباز شريف جو گھڻو وقت ۽ توانائي ته اتحادين کي گڏ رکڻ تي ئي خرچ ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته هن وقت جي حڪومت ۽ ان جون سموريون اتحادي پارٽيون ظاهر آهي ايندڙ عام چونڊن تائين هڪ ٻئي جي سامهون بيهنديون. هڪ ٻئي جون مخالف بڻجي سامهون اينديون. اهو ئي سبب آهي جو انهن اتحادي پارٽين کي هاڻي کان هڪ ٻئي خلاف هٿيار تيز ڪرڻا پوندا. مولانا فضل الرحمان جي بيان بازيءَ کي به ان تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
ميان شهباز شريف جو سياسي ڪيريئر جيتوڻيڪ تمام پراڻو آهي پر وزيرِ اعظم طور سندس تجربو پهريون ڀيرو آهي. ان ڪري جيڪڏهن هُو سمجهي ٿو ته اتحادين پارٽين کي رڳو مختلف وزارتون ڏئي خوش ۽ اتحادي رکي سگهندو ته غلطي ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن کي وزارت ملندي اهو اڃان وڌيڪ جي اميد ۽ گُهر ڪندو. اقتدار جي ونڊ ورڇ معاملو ئي اهڙو آهي جو جيترو وڌيڪ حصو ملي اوترو گھٽ لڳندو آهي. اتحادين کي پاڻ سان مستقل بنيادن تي بيهارڻ کان علاوه ميان شهباز شريف لاءِ وزيرِ اعظم جي حيثيت ۾ سڀ کان وڏو چيلينج يا مسئلو ملڪ جي خراب معاشي حالت کي سڌارڻ آهي. ملڪي معيشت رڳو بيمار نه پر صحيح معنى ۾ وينٽيليٽر تي آهي. واپاري خسارو ۽ قرض انتها تي پهتل آهي. زرِ مبادله جا ذخيرا تمام گھٽ آهن. روپئي جي قدر ۾ گھٽتائي لڳاتار دٻاءُ پيدا ڪري رهي آهي. مهانگائي تمام گھڻي وڌي وئي آهي جيڪا مستقبل ۾ گهٽجڻ بدران اڃان وڌندي. هن اونهاري ۾ ئي توانائيءَ جو بحران به شدت اختيار ڪري وٺندو. ان سموري معاشي بحران منجهان نجات جو ڪو رستو ڪو مددگار نظر نه ٿو اچي سواءِ آمريڪا جي جيڪو ڀٽائيءَ چواڻي: وڍي جن وڌياس، وري ويڄ ئي سي ٿيا” جيان آهي. ان کان علاوه حڪمران شريف خاندان جا سعوديءَ جي شاهي خاندان سان پراڻا ۽ گهرا لاپاڳا رهيا آهن. ان کان علاوه چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو تجربو به سٺو رهيو آهي ان ڪري ممڪن آهي ته ملڪ جي معيشت کي رستي تي آڻڻ ۽ ٺيڪ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ميان شهباز شريف کي آمريڪا (آئي. ايم. ايف)، چين ۽ عرب ملڪن کان ڪا مدد ملي سگهي. يقينن اهڙي مدد جي قيمت به ادا ڪرڻي پوندي.
گذريل ٻن هفتن دوران پاڪستان جي درخواست تي چين 2.4 ارب ڊالر جڏهن ته دبئي پاران 2 ارب ڊالر ري شيڊيول ڪيا ويا. ڪو به ملڪ جيڪڏهن پنهنجو قرض ري شيڊيول ڪرائيندو آهي ته ان جو مطلب هوندو آهي اهو قرض ادا ڪرڻ جهڙو نه رهيو آهي. هن وقت ملڪ جي صورتحال اهڙي بڻيل آهي جو قرض لاهڻ لاءِ به قرض کڻڻو پوي ٿو. هلندڙ مالي سال جي رڳو شروعاتي 9 مهينن دوران ئي پاڪستان جو واپاري فرق 30 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪو آهي يعني جيتري ملهه جو سامان ۽ تيار شيون اسان دنيا جي ٻين ملڪن کي وڪرو ڪريون ٿا ان کان 30 ارب ڊالر وڌيڪ ماليت جو سامان اسان دنيا کان خريد ڪري رهيا آهيون. يعني جيڪڏهن اسان ڪنهن سان واپار ڪريون ٿا ته اسان وٽ کپائڻ لاءِ تمام گھٽ سامان ۽ شيون آهن. ان ريت اسان جا ڏوڪڙ، اسان جو ڪمايل قدر ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيندو رهي ٿو. هڪڙي پاسي درآمدي ڪاروبار جي نتيجي ۾ ته ٻئي پاسي وري غير يقيني صورتحال سبب سيڙپڪارن پاران ملڪ ڇڏي ڀڄڻ يا پنهنجو سرمايو ڪڍي وڃڻ سبب به سڃائي وڌي رهي آهي. رڳو مارچ مهيني ۾ ئي سيڙپڪاري ڪندڙن پنهنجا هڪ ارب روپيا پاڪستان کان ٻاهر منتقل ڪري ڇڏيا آهن.
اوگرا جو خيال آهي ته حڪومت پيٽرول جي قيمتن تي ڏهاڙي 63 ارب روپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي. جيڪا کيس فوري طور روڪڻ گهرجي. پر ان جي نتيجي ۾ پيٽرول جو هڪ ليٽر 213 روپين ۾ وڪامڻ لڳندو ان سان اوگرا جو ڪو واسطو ڪونهي. نه رڳو توانائي جي شعبي ۾ اسان کي عالمي قوتن جي محتاجي آهي بلڪه ڪڻڪ ۽ داليون به ٻاهرين ملڪن کان درآمد ڪرڻيون پونديون ته جيئن ملڪ اندر خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي سگهجي.
حڪومت جي اتحادين جو اوچتو ناراض ٿي پوڻ يا اتحاد منجهان نڪري وڃڻ جو خطرو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي پر ان سان گڏوگڏ سگهاري مخالف ڌر جو ڪردار نڀائيندڙ تحريڪِ انصاف جي سموري سرگرميءَ جو مقصد به سياسي راند کي خراب ڪري وقت کان اڳ چونڊون ڏسڻ ئي آهي. جيتوڻيڪ عمران خان جي وڏن سياسي جلسن ۾ گڏ ٿيل هجوم ووٽرن جو هجوم نه آهي پر ايترو ضرور واضح آهي ته خان صاحب اهڙين سرگرمين ذريعي حڪومت تي وڌ کان وڌ دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو. خاص ڪري فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کان اهو ڊپ موجود آهي ته خان صاحب کي سياست ڪرڻ کان ئي نااهل نه ٿيڻو پئجي وڃي. حالانڪه ان ڊپ جو شڪار ٿي هُو جيڪا اٻهرائي ڪري رهيو آهي اها سگهارن ادارن کي ويتر چيڙائڻ واري آهي. سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ اڻ سڌي ۽ غير ارادي طور تي عوام جو به ڪجهه نه ڪجهه ڀلو ٿي رهيو آهي. مثال طور جيڪڏهن اها مخالفت نه هجي ته نئين حڪومت جهڙي نموني چئن ڏينهن اندر بجليءَ جي اگهه ۾ اضافو ڪري ڇڏيو ائين ئي اها پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ به بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي اضافو ڪري پئي سگهي. ان ڪري حڪمران سياسي پارٽين وچ ۾ ويڙهاند کي ساراهڻ گھرجي.