ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين حڪومت جي جوڙجڪ ۽ عمران خان جي ڀل

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

ٻارھين اپريل تي مون سوشل ميڊيا تي ھڪ پوسٽ ۾ لکيو ته، اسان جو ملڪ ڪيڏو نه بد نصيب آهي جو ذري گهٽ 200 قومي اسيمبلي جي ميمبرن منجهان پي ڊي ايم وارن کي ڪو ھڪڙو به ديانتدار ۽ محمد خان جوڻيجي جھڙو بي داغ اميدوار وزير اعظم جي عهدي لاءِ نه ملي سگهيو جو اربين روپين جي ڪرپشن ڪيسن ۾ ضمانت تي آزاد ڪيل جوابدار شھباز شريف کي پاڪستان جو نئون وزير اعظم چونڊيو اٿن! ٽن ڏينهن کان پوءِ وري پنجاب ۾ سندس پٽ حمزه شهباز کي وزير اعليٰ چونڊي ڄڻ دنيا کي اھو باور ڪرايو ويو آهي ته اسان به پنهنجن عرب سڳورن جي پيروي ڪندي خانداني حڪمرانيءَ جو بنياد وڌو آهي، اوهان کي وڻي يا نه وڻي. سون تي سهاڳو وري وزيرن جي لانڍ آهي جنهن ۾ ٻه چار نوان چھرا اھڙا ڏسجن ٿا جن کي اڳ ۾ ڪڏهن به وزارت جي ڪرسي نه ملي سگهي. ظاهر آهي اسيمبلي ۾ جيڪو وکر ھوندو اھو ئي ماڻهن جي مٿي ۾ ھڻندا. پاڪ پوتر، ڌوتل پوتل ۽ صاف سٿرا وزير آسمان مان ته ڪونه نازل ٿيندا.
بھرحال، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس جماعت تحريڪ انصاف جي اسپيڪر توڙي ڊپٽي اسپيڪر پاران ھرھڪ موڙ تي کڙيون ڪيل رڪاوٽون اورانگهي وزير اعظم شھباز شريف پنھنجي 37 رڪني ڪابينه اڱاري تي ٺاهي ڇڏي آهي جنهن ۾ پنهنجي پارٽي مسلم ليگ ن کي سڀ کان وڌيڪ 14 وزارتون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي 11 ڏنيون اٿس. اخباري اطلاعن ۽ ٽي وي چئنلز تي ٿيندڙ تبصرن مطابق پيپلز پارٽي وزير اعظم شھباز شريف پاران ڪيل وزارتن جي ورڇ مان به خوش ناهي ۽ پ پ اڳواڻ جيڪي ٻيا شرط رکيا، تن بابت مسلم ليگ جو مثبت فيصلو نه اچڻ ڪري بلاول ڀٽو زرداري ڪا به وزارت نه ورتي آهي. کيس پرڏيهي وزير جو عهدو آفر ڪيو ويو ھو جيڪو محترمه حنا رباني کر حوالي ڪيو ويو آهي. حنا رباني کر سينئر سياستدان غلام مصطفي کر جي ڀاءُ غلام رباني کر جي ڌيءَ آهي ۽ پرڏيهي مامرن جي گھڻي سمجھه ۽ تجربو رکي ٿي. پ پ حڪومت جي گذريل دور ۾ شاھه محمود قريشيءَ جي استعيفا کان پوءِ تڏھوڪي صدر آصف علي زرداري حنا رباني کر کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ھو. (وزير اعظم شھباز شريف پاران ڪابينه جي اعلان کانپوءِ بلاول جو اوچتو لنڊن روانو ٿيڻ ۽ ميان نواز شريف سان ملاقات جو اشارو ڏيڻ مان صاف ظاهر آهي ته پ پ جي قيادت انھن 11 وزارتن مان مطمئن نه ٿي سگهي آهي. ھنن کي اڃا به گھڻو ڪجھه کپي ٿو جنهن بابت تجزيو ڪندڙن چيو ته آصف زرداري ٻيھر ملڪ جو صدر ٿيڻ جو خواهشمند آهي. ھن شھباز شريف کي حلف کڻائڻ کان اڳواٽ اھي مطالبا به سندس سامهون رکيا ھئا ته پنجاب جي نئين گورنر ۽ سينيٽ جي چيئرمين وارا ٻه اھم عھدا به پيپلز پارٽيءَ کي ڏيڻ گھرجن جنهن جي جواب ۾ شھباز شريف کين ٻڌايو ته ھنن اھم عھدن بابت فيصلو ڪرڻ سندس اختيار ۾ نه آهي. بھتر اھو ئي ٿيندو ته اوهان مسلم ليگ جي جلاوطن ليڊر ميان نواز شريف سان رابطو ڪريو. شايد اھو ئي ڪارڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري به لنڊن اسھڻ جو اصل مقصد نواز شريف کي پنهنجي والد آصف زرداريءَ جو پيغام پهچائڻ ظاھر ڪيو آهي. آصف زرداري جيئن ته پنجاب ۾ پنهنجي وڃايل ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ آتو آهي، تنھن ڪري ھو اتي پنهنجا پختا پير ڄمائڻ لاءِ ھن اتحادي موقعي مان فائدو وٺڻ خاطر ايترا گھڻا عھدا گھري پيو ته جيئن بارگيننگ ۾ صدر نه به ٿي سگھي ته صدر جو متبادل عھدو چيئرمين سينيٽ ته پيپلز پارٽيءَ وٽ ھجي. پڙھندڙن کي ياد ڏياريان ته سينيٽ اصل ۾ پارليامينٽ جو مٿانھون ادارو آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ اپر هائوس به چيو ويندو آهي. قومي اسيمبلي ۾ حڪومت جيڪو به قانون منظور ڪرائي ٿي، ان جي منظوري بالا ايوان يعني سينيٽ کان وٺڻ لازمي آهي.
شھباز شريف پاران ڪيل وزارتن جي ورڇ مان مولانا فضل الرحمان جي جمعيت علما اسلام کي 4، متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي 2 ۽ جمھوري وطن پارٽي کي ھڪ وزارت ڏني ويئي آهي. شھباز شريف ايم ڪيو ايم وارن کي اھو به چيو آهي ته سنڌ جي گورنر واسطي ٽي نالا اماڻين جن جي سيڪيورٽي ڪليئرنس وٺڻ بعد انهن مان ھڪ کي گورنر مقرر ڪيو ويندو.
ڏسجي پيو ته ھي تنظيم به گورنر سنڌ جي مقرريءَ تي اختلافن جو شڪار آهي. الطاف حسين طرفان خفيه نموني سنڌ جي اڳوڻي وزير داخلا وسيم اختر لاءِ زور ڀريو ويو آهي، جڏهن ته عامر خان چاھي ٿو ته اھو عھدو کيس ملڻ کپي. ڏسون ته نتيجو ڇا ٿو نڪري! ٻئي پاسي اھي خبرون به ٻڌجن پيون ته واعدي مطابق مولانا فضل الرحمان کي ملڪ جو صدر ٺاهڻ ۾ جيڪا گھل ڪئي ويئي آهي ان تان مولانا صاحب ڪاوڙيل آهي. ڪاوڙ وچان ئي ھن پي ڊي ايم جي وزير اعظم شھباز شريف کان اھو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ته ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏيو ۽ جلد نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تاريخ ڏيو. جڏهن اليڪشن ڪميشن جي سربراهه سڪندر سلطان چئن مهينن اندر تياري مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڏني آهي ته پوءِ چونڊن جي طريقي ۾ سڌارا آڻڻ واسطي حڪومت به اھو ڪم پورو ڪري وٺي.
مولانا فضل الرحمان جو ھي مطالبو تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان کي ضرور وڻيو ھوندو ڇاڪاڻ ته پشاور ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس جلسن کي جيڪا ڀلي موٽ ملي آهي، ان کي ھو پنھنجي يقيني سوڀ سمجھي ٿو. اھا سندس ڀورائيءَ جي ڀل آهي. ڪراچيءَ جي آبادي ٻن ڪروڙن کان مٿي آهي. فرض ڪريو ته پي ٽي آئي واري جلسي ۾ ٻه لک ماڻهو شريڪ ٿيا ته اھو شهر جي ڪل آباديءَ جو ھڪ سيڪڙو ٿئي ٿو. يعني 99 سيڪڙو جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي. ٻه لک به مون وڌائي لکيا آهن. ان کان گھٽ ماڻھو ھئا جن ۾ نابالغ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو به چڱو تعداد ھو. انھن جا ووٽ تڏهن داخل ٿي سگهندا جڏهن ھو 18 سالن جا ٿيندا. ھڪڙي حقيقت مون ڪراچيءَ واري جلسي ۾ ڏٺي ته پٺاڻن سان گڏوگڏ مھاجر به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا ھئا. کانئن جڏهن صحافين سوال پڇيا ته ڇا اوھان ايم ڪيو ايم جي حمايت تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي؟ ته ورنديءَ ۾ مھاجر مردن توڙي زالن وڏي واڪ چيو ته الطاف حسين پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ ڀارتي وزيراعظم موديءَ کان مدد گهري، اسان جي دلين کي ڏکوئي وڌو آهي. ايم ڪيو ايم اسان جي ٻارن کان ڪتاب کسي، کين ھٿيار ڏيئي مھاجرن جا ٽي نسل برباد ڪيا آهن. ان ڪري اسان عمران خان کي ووٽ ڏينداسون جيڪو صاف صاف چوي ٿو ته ڪراچيءَ تي سنڌ جي ٻھراڙين وارا ناجائز حڪومت ڪندا رهيا آهن. ھن جلسي ۾ لياري جا بلوچ ۽ شهر جي مختلف علائقن مان آيل سنڌي جوان ۽ نياڻيون به چڱي تعداد ۾ شريڪ ٿيونِ. عمران خان جي اھا سوچ ئي غير آئيني آهي ته سنڌي ماڻهو سنڌ جي گاديءَ واري شهر تي حڪومت ڇو ٿا ڪن. کانئس پڇان ٿو ته پنجاب جي گادي لاھور تي ھو پاڻ ڇو ھڪ ڏورانهين سرائيڪي پشتو گاڏڙ شهر ديرہ غازي خان مان عثمان بوزدار نالي ھڪ غير لاھوري کي وزير اعليٰ جي ڪرسيءَ تي چئن سالن تائين ويهاريو ويٺو ھو؟ ايئن ته سڀاڻي اھو سوال به ڪر کڻندو ته پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد تي رڳو مقامي ماڻهو ئي حڪومت ڪرڻ جا حقدار ھوندا.
عمران خان پنهنجي ھر جلسي ۾ آمريڪا جي ھڪ سفارتڪار جو خط ڏيکاري ماڻهن کي بيوقوف ٺاهي پيو. جواب ۾ سندس پوئلڳ اڀ ڦاڙ نعرا هڻي چون ٿا ته، آمريڪا ڪا جو يار ھئہ غدار ھئہ غدار ھئہ!
جيڪڏهن عمران خان ۾ جرئت آهي ته پاڻ پنهنجي تقرير ۾ اھو ساڳيو نعرو رڳو ھڪ دفعو ھڻي ڏيکاري ته آئون مڃانس ھمراھه سچو ۽ دلير آهي. ان کان به سولو شرط رکان ٿو ته اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني آڏو جلسو ڪري، ان ۾ ماڻهن کان آمريڪا مخالف نعرا هڻائي ته دنيا کيس داد ڏيندي ته وڏو بھادر ليڊر آهي. پر کيس خبر آهي ته خط ۾ ڪجھه به ڪونهي. رڳو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ هو ڪنھن مداري جي ڊگڊگي وانگر اھو خط استعمال ڪري رهيو آهي. ٻي اھم ڳالهه ھي به آهي ته جلد اليڪشن ڪرايو جو سندس مطالبو پڻ پرڏيهي ڏوڪڙن (فارين فنڊنگ) واري ڪيس جي فيصلي کي روڪڻ جي ٽل آهي. جيڪڏهن سڀاڻي عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ته تحريڪ انصاف جا اميدوار ملڪ جي ھر شھر ۽ ڳوٺ مان فارم ڀرائي اليڪشن لڙڻ لاءِ ميدان ۾ ڪاھي پوندا ۽ فارين فنڊنگ ڪيس جو عيد کان پوءِ ايندڙ فيصلو به ملتوي ڪرائڻ جي عمراني سازش ڪامياب ٿي ويندي. عام پڙهندڙن کي اها ڄاڻ ئي نه آهي ته انھيءَ ڪيس جي فيصلي مطابق اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نه رڳو عمران خان کي آئين جي آرٽيڪل 63-A موجب سياسي طور تي نا اھل قرار ڏيئي سگهي ٿي پر ان سان گڏ وگڏ سندس پارٽي تحريڪ انصاف تي به ھميشه واسطي پابندي مڙهي، عمران خان، اسد قيصر، شھزاد اڪبر، ذلفي بخاري ۽ سندن ٻين ڪيترن ئي ساٿين کي گرفتار ڪري کانئن ھندستان ۽ اسرائيل کان الطاف حسين وانگر ڪروڙين ڊالر وٺڻ جي ڏوهه ۾ عدالتن کان سخت سزائون به ڏياري سگهي ٿي. عمران خان جي سڄي تڪڙ فارين فنڊنگ ڪيس کان بچڻ واسطي آهي. سندس سادن سودن پوئلڳن کي اها خبر ئي ناهي ته عمران خان ڪيڏو وڏو قومي مجرم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button