ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان جي حڪومت ملڪ لاءِ هڪ ڏکيو دور هو. سندس حڪومت ۾ نه رڳو ملڪ تي قرضن بار وڌيو پر ملڪي معيشت به تباهه حال رهي، ان کان سواءِ بيروگاري ۽ مهانگائيءَ ۾ پڻ واڌ ٿيندي رهي، ايستائين جو حڪومت سرڪاري ادارن مان به ماڻهن کي ڪڍندي رهي. اهي ماڻهو جيڪي اڳوڻي حڪومتن ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا، انهن کي اهو چئي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو ته اهي ادارن تي بار آهن، جڏهن ته عمران خان پنهنجي ڪابينه جو انگ بنهه گهڻو رکيو. هن وقت به ملڪ جي عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي. ڪجهه وقت اڳ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان پيٽرول جي اگهن ۾ ڏهه روپيا گهٽتائي ڪئي، جنهن لاءِ چيو ويو ته حڪومت سبسڊي ڏئي رهي آهي. پر هاڻوڪي حڪومت ان سبسڊي کي برقرار نٿي رکڻ چاهي ۽ هڪ ڀيرو وري پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جو سوچيو پيو وڃي، جنهن سان عوام جي کيسي بار پوندو ۽ مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيندو.
اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس بريفنگ ۾ مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته عمران خان بارودي سرنگهه لڳائي ويو آهي، ڊيزل ۽ پيٽرول تي ٽيڪس نه ورتو. عمران خان شهباز شريف جي حڪومت کي ڏچي ۾ وڌو آهي، پيٽرول سستو ڪرڻ ڪا مهرباني نه هئي ڇو ته عوام جا ئي پيسا هوندا آهن. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته 52 رپيا ڊيزل تي سبسڊي آهي ۽ 21 رپيا پيٽرول تي آهي. اپريل ۾ سبسڊي جي مد ۾ 68 ارب رپيا خرچ ٿيو آهي ۽ اوگرا موجب مئي ۽ جون ۾ 96 ارب رپين تائين خرچ ٿيو. ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هڪ خط ڏيکاري رهيو آهيان جيڪو پي ٽي آءِ جي نااهلي ۽ بدعنواني بيان ڪري ٿو. خط ڏيکاريندس ۽ لڪائي کڻي نه ويندس، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پريس بريفنگ دوران خط لهرايو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وارا 5575 ارب رپين جو خسارو ڇڏي ويا آهن، ن ليگ جي دور ۾ بجيٽ خسارو 1660 ارب رپيا هو. عمران خان 4 سالن ۾ 20 هزار ارب کان وڌيڪ قرض ورتو، مسلم ليگ (ن) 2 هزار ارب رپيا قرض وٺندي هئي. عمران خان ساڍا 4 هزار ارب رپين جو ساليانو قرض وٺي رهيو هو، هن هڪ ڊالر به واپس ناهي ڪيو ۽ قرض وٺڻ باوود هڪ سر به ناهي لڳائي. هڪ اسڪول ناهي ٺاهيو، عمران خان ۽ بوزدار رڳو تختيون لڳايون آهن. هن چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمران خان جي حڪومت بدعنوان وڌيڪ هئي يا نااهل، اسان قيمتن ۾ گهٽتائي ڪنداسين، روئينداسين نه. پاڪستان ۾ رپيو مضبوط ڪنداسين، عمران خان جي حڪومت ۾ ٻئي سال ناڪاري ناڻي واڌ جي شرح ناڪاري هئي. عام واهپي جي شين ۾ موجوده وقت ۾ مهانگائي 17 ڏهائي 3 سيڪڙو آهي. ٽيڪس اوڳاڙيون 11 سيڪڙو کان گهٽجي 9 تي اچي ويون آهن. مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان ساليانو قرض 900 سيڪڙو وڌائي ڇڏيو آهي. اڄ هڪ ڪروڙ 35 لک ٻار مفلسي ۾ زندگي گهاري رهيا آهن. ايڪسپورٽ ضرور وڌي پر مهانگائي به وڌي وئي، ايڪسپورٽ کان وڌيڪ امپورٽ وڌي وئي آهي.
عوام کي هر حڪومت انگن اکرن جي راند ۾ منجهائي ماريندي آهي. ملڪ ۾ هن وقت واقعي به معاشي صورتحال ڪا گهڻي بهتر ناهي پر هاڻوڪي حڪومت مان عوام اها اميد رکي ٿو ته اها عوام کي ڪو رليف ڏيندي، اها عوام جي انهن معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي اهڙا پروگرام ضرور شروع ڪندي، جيڪي مسئلا اڳوڻي حڪومت پيدا ڪيا آهن. عمران خان پنهنجي هر تقرير ۽ خطاب ۾ معاشي ماهرن کي چيلينج ڪندو رهندو هو ته هو انهن سان معاشي معاملن تي بحث ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر هاڻ جيڪي حقيقتون سامهون اچي رهيون آهن ته انهن مان اهو ئي ظاهر ٿي رهيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ڪهڙي ريت معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري اڄ عام ماڻهو وڌ کان وڌ ڀوڳي رهيو آهي. ان جي مالي حالت ڏينهون ڏينهن بگڙي رهي آهي، جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت به ساڳيون ڳالهيون ڪندي رهندي ۽ عمل ۾ به عمران خان جي حڪومت وانگر هوندي ته پوءِ حڪومت تبديل ٿيڻ يا چهرا تبديل ٿيڻ سان هڪ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي ڪهڙو اثر پئجي سگهي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي حڪومت کي ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ضرور ڪي اهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن، جيڪي معيشت کي پاڻڀرو ڪري سگهن. ان کان سواءِ هاڻوڪي حڪومت جي ترجيح ان جا وزير مشير نه پر عوام هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن حڪومت جو سڀ کان اولين فرض عوام جي ڀلائي هوندو آهي. حڪومت ماڻڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته جيئن عوام کي خدمت ڪري سگهجي. تنهنڪري نئين آيل حڪومت کي گذارش آهي ته عوام تان مهانگائيءَ جو بار جيترو گهٽ ٿي سگهي گهٽايو وڃي ته جيئن عوام ڪجهه سک جو ساهه ته کڻي سگهي. گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ عوام معاشي ۽ نفسياتي طور بنهه گهڻو ڀوڳيو آهي، تنهنڪري هي حڪومت اهڙُو ڪوبه فيصلو نه ڪري جيڪو عوام دشمن هجي.