ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جون دليون ساڙڻ جو ڌنڌو جاري

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

جيتوڻيڪ عمران خان نيازيءَ کي وزيراعظم طور پنھنجي عھدي تان قانوني طور ھٽايو ويو آھي سو کيس گهرجي ھا ته پنھنجون مکيه غلطيون مڃي، عوام ۾ مقبول ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ھا پر لڳي ٿو منجھس بردباريءَ ٽڪوئي ڪونھي. ھونئن به اسان جي ملڪ ۾ ائين ناھي ٿيو ته ملڪ جا سربراهه ھڪ ڀيرو ھٽي ويا ته عوام ۾ اڻ وڻندڙ ٿي ويندا آھن پر اھي ته ڪيترا ڀيرا ملڪ جي سربراهه وارن عھدن تي ٻيھر پھتا آھن. مثال شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ٻه ڀيرا سربراهه ٿيو، شھيد بينظير ڀٽو به ٻه ڀيرا وزيراعظم ٿي ھئي ۽ نواز ليگ جو سربراهه نواز شريف به ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻجي ويو ھو. بھرحال، اھا سچائي آھي ته عمران خان نيازيءَ ۾ دورانديشيءَ جي زوردار کوٽ آھي. ھو رڳو وڻندڙ بيان کوڙ ڏئي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي راضي ڪري، ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويو ھو پر اھو ٻڌائڻ به ضروري آھي ته ھن وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ الٽا کوڙ بيان جاري ڪيا. ڪنھن کانئس ان جو سبب پڇيو ھو ته ھن ان جي ترديد نه ڪئي پر چيو ھئائين ته مون ته “يو ٽرن” اختيار ڪيو آھي.
اھا نوٽ ڪرڻ جي ڳالهھ آھي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازي، سربراهه پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ جي) جي نوڪري، 10 اپريل تي قومي اسيمبليءَ ووٽن ذريعي ختم ڪئي پر سندن پارٽي جي مکيه اڳواڻن ڏينھن رات نفرت جي بيانن جو پراڻو ڪاروبار اڃا وڌائي ڇڏيو آھي. سندس پارٽيءَ جا اڳواڻ جيڪي به اختلافي بيان ڏين ٿا تن جا جائز سبب ٻڌائڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻھو صورتحال سولائيءَ لاءِ سمجهي سگهن ۽ اڳتي ھلي کين ووٽ به ڏين.
عمران خان نيازي پاڪستان جي اٽڪل 75 ورھين جي تاريخ دوران، پھريون وزيراعظم ھو جنھن کي قومي اسيمبليءَ ۾ ووٽن ذريعي ھٽايو ويو پر سندس ڪارڪردگيءَ بابت منھنجي ايمانداريءَ سان راءِ آھي ته وٽس دورانديشي نه ھئڻ برابر آھي، تنھنڪري منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب اھو ممڪن آھي ته اڳتي ھلي اقتدار ۾ ٻيھر ڪونه ايندو. ھونئن به ايندڙ عام اليڪشن ٿلھي ليکي ھڪ سال اندر ٿيڻ واري آھي پر انھن ته ڏينھن رات نفرت جو ڪاروبار جاري رکيو آھي. مثال: عمران خان سرڪار حج تي ويندڙن لاءِ گهربل رقم ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري ڇڏي جيڪو وڏو ظلم ھو. مون پاڻ ڏٺو ته ڪجھه اھڙا به دوست ھئا جن ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ خاطر سعودي عرب حج تي وڃڻ جو پروگرام ختم ڪري ڇڏيو ھو. نه رڳو ايترو پر عمران خان پوڻن چئن سالن جي پنھنجي سرڪار دوران سڄي ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي لاڳيتو آڻي 22 ڪروڙن جي آباديءَ مان گهڻن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو.
اھا ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته سندس پارٽيءَ جا اڳواڻ، سندس سرڪار جون ڳاٽي ٽوڙ غلطيون بلڪل ڪونه ٿا مڃين. ھاڻي رڳو آمريڪا جي مداخلت جو الزام ھڻي ماڻھن جي ھمدردي حاصل ڪرڻ جو ناٽڪ رچائين پيا. کانئن پڇي سگهجي ٿو ته آمريڪا کيس ھٽائڻ لاءِ نيٺ ڇو مداخلت ڪئي. جڏھن ته اوھان جون پنھنجي پوڻن چئن سالن کان پاليسيون عوام دشمن ھيون جن ذريعي عام ماڻھن توڙي ملڪ کي گهڻو نقصان پھتو. ھونئن به جيڪو حڪمران، ملڪ کي مھانگائي، بيروزگاري ۽ غلط پاليسين جي ڪري ڳاٽي ٽوڙ نقصان پھچائيندو آھي ته پوءِ آمريڪا جهڙو ملڪ نيٺ ڇو مداخلت ڪندو؟ اھا سچائي آھي ته پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي، آمريڪا خلاف بلڪل ڪانه ھئي ڇاڪاڻ ته آمريڪا وارا اھو سوچيندا ھوندا ته ملڪ جو حڪمران، اسان جو ڪم پاڻھي پيو ڪري. پوءِ اسان مداخلت ڪري ڇو خوار ٿيون!
عمران خان نيازيءَ کي سکڻن بيانن کانسواءِ، ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام سان ڪا خاص ھمدردي ڪونه ھئي. ٻئي طرف، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاھد آفريديءَ جي چواڻي: عمران خان کي رستي تي نڪرڻ نه کپي، عمران وٽ اھڙي ٽيم نه ھئي جيڪا ان جي نظرئي تي درست عمل ڪري ھا. سندس انھيءَ اچرج واري بيان کي ڏسي اھو سوچي سگهجي ٿو ته ڀلا، عمران خان نيازيءَ وٽ اھل ٽيم ڪونه ھئي ته اھا سندس نااھليت ئي ھوندي ھونئن به ھر وزيراعظم جو ڪم ھوندو آھي ته اھڙي اھل ٽيم ساٿ کڻي جيڪا سندس سڄي ملڪ جي ڀلائيءَ وارين رٿائن کي باقاعدي عملي جامو پھرائي. جيڪڏھن عمران جي ساٿين به ائين نه ڪيو ته اھا سربراهه جي نااھليت ھئي. انھيءَ کانسواءِ تازو جيو نيوز ٽي وي تي اھو بيان ڏنو آھي ته عمران خان 50 لک گهرن ٺاھڻ جو وعدو ڪيو ھو پر رڳو 17 ھزار يونٽ ٺاھيا يعني سندن چواڻي رڳو ھڪ سيڪڙو وعدو پورو ڪيو پر ڪنھن کي به گهر اڃا تائين نه مليو آھي. اھا به خاص ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته عمران جي حامين فيسبوڪ تي سنڌ جي نالي ۾ ڪوڙا پيج گهڻي وقت کان ٺاھيا آھن، جيئن “سنڌ جي سونھن” وغيره نالي ۾. ڀلا، عمران جا حامي ٻڌائين ته لاڙڪاڻي جون پراڻيون ۽ مقبول پي آءِ اي اڏامون ڇو مڪمل بند ڪيون ويون؟ مون ان خلاف سنڌ ايڪسپريس ۾ ڪالم به لکيو ھو. پر عمران جا حامي اھڙين زيادتين جو جواب نٿا ڏين.
عمران خان کي وزيراعظم جي اھم عھدي تان ته قومي اسيمبليءَ، ووٽن ذريعي 10 اپريل تي ھٽايو آھي پر سندس اھم ساٿي ۽ اڳوڻي پرڏيھي وزير شاهه محمود قريشي تازو جيڪو بيان ڏنو آھي تنھن تي ڳنڀير ويچار جي ضرورت آھي. ميڊيا ۾ ڇپيل بيان موجب عمران جي ڪٽر حامي شاهه محمود قريشي چواڻي: “سنڌ” “ڪراچيءَ” جا حق غصب ڪري رهي آھي. مان کانئس پڇان ٿو ته ڇا ھو چوندو: اسلام آباد ۽ پاڪستان، لاهور ۽ پنجاب، پشاور ۽ ڪي پي ڪي، ڪوئيٽا ۽ بلوچستان؟ جيڪڏھن ائين نه سڏيندو ته پوءِ “سنڌ ۽ ڪراچي” ڇو سڏيائين؟ نه رڳو ايترو پر ھن اھو بدديانتيءَ تي ٻڌل بيان ڏنو آھي ته: سنڌ، ڪراچيءَ جا حق غصب ڪري رھي آھي. کيس اھا خبر ڪانھي ته “رھيل سنڌ” جي ڀيٽ ۾ ڪراچيءَ کي وڌيڪ ترقي ڏنل آھي ۽ اھا ڳالهھ مختلف سياسي پارٽين به مڃي آھي. پر لڳي ٿو ته ھن رڳو پنھنجي سربراهه عمران خان وانگيان رڳو نفرت جو ڪاروبار جاري رکيو آھي. ھتي اھو ٻڌائڻ به ضروري آھي ته شاهه محمود قريشي، ڪجهه وقت اڳ ٿرپارڪر مان قومي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙھيو ھو، تن ڏينھن ۾ ارباب رحيم سنڌ جو وڏو وزير ھو (جنرل مشرف جي دور ۾). قريشي ته اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو پر مون پاڻ ميڊيا ۾ پڙھيو ھو ته کيس، مقرر ڪيل ڪل ووٽن کان به”وڌيڪ ووٽ” ڏنا ويا. اھو نوٽ ڪرڻ گهرجي. پر جيئن ته قريشي پنجاب مان به قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو ھو سو ٿرپارڪر تان استعيفيٰ ڏني ھئائين.
جيستائين وزيراعظم طور عمران خان نيازيءَ جو واسطو ھو ته ھن پوڻن چئن سالن ۾ لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي آڻي ۽ بيروزگاري ڪري ڪروڙن عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو. سنڌ لاءِ چيو هئائين منهنجو صوبو ناهي ۽ اھو بيان مون پاڻ ميڊيا ۾ پڙھيو ھو. اصل ۾ سنڌ سان کيس زوردار نفرت هئي. ھڪ ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته اسان اڳ به توڙي پوءِ اھا سچائي لکندا ھئاسون ته عمران پنھنجي دور ۾ لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ بيروزگاري آڻي ڪروڙن انسانن جو جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيو ھو. ٻئي طرف، دنيا ۾ چونڊيل وزيراعظم يا صدر کي ڪٿان گهٽ ووٽ ملن ته پوءِ به پاڻ کي سڄي ملڪ جو سربراهه سمجهندو آھي. اسان وٽ فيسبوڪ تي ڪي پاڳل چون ٿا عمران کي سنڌ مان گھٽ ووٽ مليا سو سنڌ سان سندس نفرت جائز ھئي، اھا بلڪل زيادتي آھي.
اسين عمران خان نيازيءَ جي عوام دشمن پاليسين تي لکون ٿا ته ماڻهو اصل سوال جو بلڪل جواب نه ٿا ڏين ۽ قصو ٽارڻ ۽ غلط فھميءَ کي پيدا ڪرڻ لاءِ رڳو پ پ پ سنڌ سرڪار کي ويٺا گاريون ڏين ٿا. اھڙي ناجائز رويي جي ڪري رڳو نفرت وڌندي رھندي آھي ۽ غلط فھميون به پيدا ٿينديون رھنديون آھن. مطلب آھي ته ڪا اھڙي بھتر پارٽي جيڪا پ پ پ جي ڀيٽ ۾ اقتدار اچي سگهي ته ڀلي ان جي فائدي ۾ پوسٽنگس ڪريو پر سنڌ ۾ اھڙيون پارٽيون به آھن جيڪي ھڪ سيٽ به نٿيون کٽي سگهن تن لاءِ چوندا آھن ته اھي اقتدار ۾ ايندا. ڀلا، اھي اقتدار ۾ ڪيئن ايندا سو ممڪن ناھي. انھن جو ڪاروبار رڳو ھڪ ئي ھوندو آھي يعني نفرت وڌائڻ. زرداريءَ سان اسان کي به شروع ۾ ڪيترا سال اختلاف رھيا آھن پر ھن جا ڪيترا ڪارناما به آھن. جيڪڏھن 18 آئيني ترميم نه آڻي ھا ته عمران خان پنھنجن پراڻن اعلانن موجب سنڌ ٽوڙي ڇڏي ھا ته اسان وٽ ڪيترا سنڌ جا ٺيڪيدار خوشيءَ ۾ ڊانسون ڪن ھا. اصل ڀينگ عمران خان ڪئي پر سنڌ جي ٺيڪيدارن چئن سالن دوران سندس خلاف زوردار مھم نه ھلائي.ڪنھن سچ لکيو ته “زرداري تہ بھانو آ، سنڌ اصل نشانو آ.”
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڏاڍو عجيب بيان ڏنو ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو رات جو 12 بجي عدالتون لڳايون ويون: عمران خان جو عدالتن کان سوال. منھنجو جواب آھي ته اوھان جي اڳوڻي حامي يعني قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري سڄو ڏينھن يعني سپريم ڪورٽ جي آرڊر موجب آخري ڏينهن تي به ووٽنگ ڪرڻ ڪونه ڏني. اھو کليو کلايو ظلم ھو، تنھنڪري سپريم ڪورٽ رات جو دير سان ميٽنگ سڏائي. بھرحال،آخر ۾ ووٽنگ ٿي ۽ مخالف ڌر ڪامياب ٿي. پوءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جنھن جو ڪردار کليو کلايو قانون ۽ ملڪ دشمن ھو تنھن تازو استعيفيٰ ڏني آھي. بھرحال، منھنجي راءِ آھي ته واسطيدار ريٽائرڊ ڊپٽي اسپيڪر سميت اڳوڻي عمران سرڪار جي ريٽائرڊ واسطيدار آفيسرن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪري، انھن خلاف آئين جي ڀڃڪڙيءَ جو مقدمو ھلايو وڃي ته جيئن آئيندي ڪوبه آئين جي ڀڃڪڙي نه ڪري سگهي جنھن ۾ سڄي ملڪ توڙي عوام جو فائدو سمايل ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button