اسان پنهنجي ملڪ جي سياسي ۽ آئيني بحران ۾ اهڙو ته الجهي ويا آهيون جو اسان کي پنهنجي آس پاس ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. جڏهن ته نظر کڻي نهارڻ سان گهڻو ڪجهه ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿو. ٻيو ته اڄ ڪلهه جيڪو ڪجهه ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي، اسان کي ان جي مذمت ته ڪرڻ ماڳ پر ان طرف تڪڻ جي به فرصت ناهي. جڏهن ته ڀارت ۾ وڌندڙ هندو انتهاپسنديءَ ۾ ڀارت جي مسڪين مسلمانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن ڀيري به دليءَ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو تمام گهڻو شرمناڪ آهي. ڀارت جي هندو انتظاميا سچو الاءِ ڪوڙو؟ اهو الزام هنيو ته جنهن وقت هندو هنومان جو ميڙ ڪڍي ”جئه رام“ جا نعرا پئي هڻندا ويا، ان وقت مسلمان گهرن مان انهن مٿان ڪجهه پٿر وسيا. جيڪڏهن اهو ٿيو ته چڱو نه ٿيو. پر ان عمل جي سلسلي ۾ ڪا تحقيق ٿيڻ بدران ٻئي ڏينهن هندو حڪمرانن ننڊ پيل مسلمانن جي گهرن مٿان بلوڊزرن سان چڙهائي ڪري پوري ويڙهي کي پٿرن جو ڍير بڻائي ڇڏيو. جڏهن انهن کان ميڊيا پڇيو ته انهن اهو جواب ڏنو ته جنهن گهر مان پٿر ايندا ته ان گهر کي پٿرن جي ڍير ۾ تبديل ڪيو ويندو. ڇا اهڙي قسم جي ٻولي سان ڪو گهڻ مذهبي معاشرو هلي سگهي ٿو؟
ڀارت جي وزيراعظم نريندر موديءَ کي ڀارت جا لبرل حلقا گهڻي وقت کان وٺي هٽلر ڪوٺيندا رهيا آهن. جيڪڏهن اسان ٻي مهاڀاري جنگ کان ڪجهه وقت اڳ جو مطالعو ڪريون ۽ خاص طور تي ان وقت کي ڏسون جنهن وقت ۾ هٽلر طاقت وٺي رهيو هو ۽ ڀرپور سگهه سان اڀري رهيو هو، ان وقت جرمن قومپرست اتان جي يهودين سان ائين ئي پيش ايندا هئا، جيئن ڪافي وقت کان وٺي هندستان جي مسلمانن سان اتان جي هندو حڪومت پيش اچي رهي آهي. جڏهن ته تاريخ انهن جي به آڏو آهي. انهن کي به معلوم آهي ته اهڙن عملن جا ردعمل ڪهڙا هوندا آهن. پر محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته مودي حڪومت کي ڪا پرواهه ناهي. اها پنهنجي ملڪ جي مسلمانن کان تاريخ جا بدلا وٺي رهي آهي. جيڪڏهن تاريخ ۾ مغلن، خلجين ۽ تيمور لنگن هندستان کي ان جي لهوءَ ۾ لوڙهيو ته ان ۾ موجوده مسلمانن جو ڪهڙو ڏوهه؟ انهن کان تاريخ جو بدلو ڇو ٿو ورتو وڃي؟ ڇا ڪنهن به انسان کان مذهب جي فرق تي ايتري نفرت ڪري سگهجي ٿي جو ان کي جيئڻ جو حق به نه ڏنو وڃي؟
ڀارت ۾ مسلمان آبادي آهستي آهستي ته گوشت کائڻ تان به هٿ کڻي رهي آهي. اهو وقت گذري ويو جڏهن هندستان جا مسلمان پنهنجي مرضيءَ سان بيف جا ڪباب کائيندا هئا. هن وقت ته انهن جي مٽن برياني پچائڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. انهن کي هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن طرح سان نه رڳو تنگ ڪيو وڃي ٿو ته پر انهن سان اهڙو سلوڪ اختيار ٿي رهيو آهي، جهڙو انهن جنگي قيدين سان هوندو آهي، جن کي فاتح فوج پيرن ۾ ڪيرائي کين تلوارن سان للڪاريندي آهي. مودي حڪومت جا تيور ڏسي هن وقت پوليس توڙي عدل ۽ انصاف جا ادارا به مسلمانن سان اهڙو سلوڪ اختيار ڪري رهيا آهن، جهڙو ڪنهن دور ۾ ڀارت جي اندر انهن شودرن سان اختيار ڪيو ويندو هو، جن جي حقن لاءِ بابا اميڊڪر پوري قوت سان اٿيو هو ۽ هن ڀارت جي شودرن کي دلت جو درجو ڏئي انهن جي انساني حيثيت بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
سچ اهو آهي ته هن وقت ڀارت جا مسلمان به پنهنجي لاءِ اهڙي ليڊرشپ جو خواب ڏسي رهيا آهن، جيڪا انهن جي جمهوري ۽ آئيني حقن جو تحفظ ڪري. اسان هن وقت ڪشمير جي ڳالهه نه ٿا ڪريون. ڇو ته ڪشمير ته اهڙي لهوءَ جي وير ۾ لڙهي ٿو، جنهن کي هٿ ڏئي اٿارڻ جي قوت ڪنهن ۾ به نه رهي آهي. ڪو وقت هو جڏهن پاڪستان انهن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو هو ۽ ان گناهه تي هو هڪ طرح جو فخر محسوس ڪندو هو پر اهو وقت واءُ ۾ اڏامي ويو ۽ هن مهل اها صورتحال آهي جو ڪشميرين کي مسلمانن جي حوالي سان سڳورا ملڪ ڪو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ ته ڇا پر دنيا جا جمهوري ملڪ کيس انسانن واري حيثيت ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن. اهڙي طرح ڀارت ۾ مسلمان هجڻ هڪ ڏوهه ٿي چڪو آهي.
هڪ اوقت اهڙو به هو جڏهن ڀارت جي مسلمانن جي حمايت ۾ ڪي ليک پڙهندا هئاسين ته اسان کي ان مان تعصب جي بوءِ ايندي هئي ۽ ممڪن آهي ته ان وقت اهڙيون حالتون هجن به سهي پر هاڻي اهو ناهي. هاڻي ته اسان پاڻ محسوس ڪري رهيا آهيون ته ڀارتي مسلمانن سان جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو انسانيت جي خلاف هڪ وڏو ڏوهه آهي. ان قسم جي سوچ جو اظهار صرف اسان نه پيا ڪريون پر ڀارت جا اهي اديب ۽ ليکڪ جيڪي عملي طور تي ته ڇا پر فڪري طور تي ڪنهن به مذهب سان واسطو نه ٿا رکن. جيڪي لامذهب جي طور تي سڃاتا وڃن ٿا. جيڪي وڏي اعتماد سان چون ٿا ته ”مذهب منهنجو ماڻهپو“ جي ها! ارون ڌتي راءِ جهڙا اديب به گهڻي وقت کان وٺي ڀارت ۾ بي جي پي جي پاليسين کي نفرت ڦهلائيندڙ بيماريءَ جي طور تي پيش ڪن ٿا. انهن جي لفظن مان اهي لڙڪ وهن ٿا، جيڪي هندستان ۾ مسلمانن جي اکين مان ڳڙن ٿا. انهن کي جيئڻ جو حق نه ڏئي ڀارت سرڪار نه صرف پنهنجي آئين ۽ پنهنجي قانون جي توهين ڪئي آهي پر ڀارت جو هندو انتهاپسنديءَ وارو فڪر ۽ عمل ان طرح سان پنهنجي خلاف هڪ قسم جي سازش ڪري رهيو آهي. ڇو ته ڪو به معاشرو ايتري گهڻي نفرت ۽ ايتري گهڻي تعصب کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي. جڏهن به ڪو نه ڪو موڙ اچي ٿو، تڏهن ان سوچ ۽ ان عمل جي خلاف تمام گهڻي ردعمل واري راءِ عامه جڙي ٿي.
ننڍي کنڊ جي ماضيءَ ۾ تمام گهڻيون تلخيون آهن. ننڍي کنڊ جي باشعور عوام جو اهو فرض آهي ته هو اهي تلخيون مٽائي ۽ جيڪڏهن مٽائي نه ٿو سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ گهٽائي ته جيئن ايندڙ وقت جو اجرو ۽ نفرت جي نشانن کان پاڪ صاف رستو نروار ٿي سگهي. پر اهڙو ڪجهه نه ٿي رهيو آهي. اهو ڪو پاڪستاني پروپيگنڊا جو نمونو ناهي. ڇو ته اسان کي به معلوم آهي ته جاويد اختر يا شبانا اعظميٰ ۽ خاص طور تي نصيرالدين شاهه جهڙا ڪهڙي سوچ ۽ ڪهڙي ويچار وارا انسان آهن. جڏهن به اهو چوڻ لڳن ته ڀارت جو هندو شائونزم ملڪ کي هڪ گهرو جنگ طرف گهلي رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو ئي آهي ته هو ڪنهن تمام وڏي خطري جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. پر انهن جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ ۽ انهن جي ڳالهين ۾ پيش ڪيل خيالن جو ڇيد ڪرڻ ۽ ممڪن خطرن جو ٽوڙ ڪڍڻ ۽ ڀارت ۾ معاشرتي ۽ جمهوري فضا کي طاقت ۽ توانائي ڏيڻ جي سلسلي ۾ گڏيل ڀائيچاري جي فضا کي بهتر بڻائڻ بدران جڏهن انهن فنڪارن کي پنهنجي هندو برادريءَ طرفان نفرت انگيز قسم جا جواب ملن ۽ انهن کي پاڪستاني ايجنٽ ڪوٺيو وڃي ۽ انهن کي ملڪ ڇڏي وڃڻ جون صلاحون ملن ته ان صورتحال ۾ ته انهن پاران پيش ڪيل صورتحال بلڪ سچ ۽ صحيح محسوس ٿئي ٿي. ڇو ته هو پاڻ اهو چئي رهيا آهن ته انهن جي ملڪ جي هر شعبي کي نفرت ۽ تعصب جڙن کان وٺي کوکلو ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن به وقت ڀارت جو نام نهاد سيڪيولر چهرو ڇڻي هيٺ ڪرندو ۽ ان جي جاءِ تي جيڪو مهانڊو نظر ايندو، اهو تمام گهڻو ڀيانڪ نظر ايندو. مودي ۽ هن جي پارٽي ڀارت ۾ پنهنجي سياسي سگهه کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي معاشري سان جيڪا راند کيڏي رهيا آهن، اها تمام گهڻي مهانگي آهي ۽ ان جا نتيجا پوري ڀارتي سماج کي برداشت ڪرڻا پوندا. جڏهن به ملڪ ۾ آئين ۽ تاريخي روايتن جي مٿان حملو ٿيندو هجي ته انصاف جي ادارن مٿان اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو بنا ڪنهن دير جي مداخلت ڪن ۽ ان روش کي روڪين جيڪا ملڪ ۽ معاشري جي خلاف اهڙي باهه جهڙي آهي، جيڪا باهه اندران ئي اندران سماج کي ساڙيندي ۽ رک ڪندي ويندي آهي. ڇا ان سلسلي ۾ ڀارت جي عدليا پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪيو آهي؟
ڀارت جي عدليا مٿان به اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته اها به موديءَ جي هندو شائونزم سوچ ۽ عمل جي شيئر هولڊر بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن اهو ڪجهه نه هجي ها ته ڇا ڀارت جي جمهوري ۽ سيڪيولر پارٽين پاران ڪشمير جي مٿان ٿيل آئيني حملي جي برخلاف جيڪو ڀارت جي سپريم ڪورٽ ۾ عرض نامو پيش ڪيو ويو، ان کي سرد خاني ۾ اڇلائڻ صحيح هو. ڀارت جي سپريم ڪورٽ ڪشمير جي نالي ماتر آئيني خودمختياري ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪا درخواست داخل ٿي، ان جو هن مهل تائين ڪو اتو پتو ڪونهي. ان جو سبب اهو آهي ته ڀارت جي سپريم ڪورٽ موديءَ کي وقت جي مهلت ڏني هئي ته هو ڪشمير جي صورتحال کي ٺاپر ۾ آڻي. پر سوال اهو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فرض ڪهڙو آهي؟ سپريم ڪورٽ کي آئين جو تحفظ ڪرڻ گهرجي يا سپريم ڪورٽ کي سياست ڪرڻ گهرجي؟ ڪشمير جي سلسلي ۾ ته اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ کي ان سياست جو حصو بڻجندي ڏٺو، جيڪا سياست ننڍي کنڊ کي نفرت جي اوڙاهه ۾ اڇلڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ مصروف آهي.
ڀارت ۾ جنهن شدت سان نفرت جي شعلن کي ڀڙڪايو وڃي ٿو، ان سان ان انتهاپرستيءَ کي فائدو ملندو، جيڪا ڪنهن به وقت ڀارت جي اندر بارودي سرنگهن جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ڀارت جي هندوپرست حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته ڀارت ۾ مسلمان ايترا ناهن، جيترا ميانمار ۾ روهنگيا مسلمان آهن جو انهن جي مٿان تشدد ڪري انهن کي ملڪ بدر ٿيڻ تي مجبور ڪري سگهجي. ڀارت ۾ هن وقت به مسلمان ٻاويهه ڪروڙن کان مٿي آهي. انهن کي تنگ ڪري جنگ لا مجبور ڇو ڪجي؟