سنڌ ۾ بدين ضلعو ۽ ٽنڊو الهيار جي چمبڙ تعلقي جي پوڇڙيءَ جي علائقن سان لاڳاپيل ڳوٺن ۾ پاڻي نه پهچڻ جي ڪري اهي علائقا ويران ٿي رڻ پٽ ۾ بدلجي ويا آهن، جيتوڻيڪ سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۽ سکر بينچ جيترا فيصلا پاڻي ڏيارڻ لا ڏنا آهن، ايترا فيصلا ڪنهن ٻئي ايشو تي نه ڏنا آهن. بدين ضلعي جي آخري يوسي غلام شاهه لغاري جي ديهن ۾ جر جو کارو پاڻي ماڻهن جو مقدر بڻجي ويو آهي. ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ٿيڻ لڳا آهن. هڪ ديهه ۾ مٺو پاڻي نه هجڻ جي ڪري ديهه جو نالو ئي کاري پئجي ويو آهي. آئون حيدرآباد ها ڪورٽ جي پاڻي بابت ڏنل فيصلن جا تفصيل پيش ڪندس. ان کان اڳ ماتلي تعلقو ۽ چمبڙ تعلقن جي شاخن ۽ علائقن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جتي جا رهواسي آبادگار ۽ هاري مسلسل روڊن تي نڪتل آهن.
ماتلي سب ڊويزن جي ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ مراد واهه، مراد ڊسٽري، مراد مائينر، مراد واهه ڊائون، نصير ڪئنال جي سرفراز واهه مان نڪرندڙ بڪيراڻي سب ڊويزن، ميران خوري مائينر، زئنور مائينر، چاڪر ڊسٽري بيوٽري، روهڙي ڪئنال جي ٽنڊو محمد سب ڊويزن، عالماڻي واهه مان نڪرندڙ شيخ ڀرڪيو ڊسٽري، سومرڪي مائينر ڦلڪارا ۾ سدائين پاڻيءَ جي کوٽ رهي آهي، جنهن کوٽ کي آبپاشي کاتي ڪڏهن به پورو نه ڪيو آهي، جتي هن وقت ووئنڻ جي پوک لا ٻج ڇٽيو ويو ته پاڻي غائب ٿي ويو. جيڪو ٻج ئي ناڪاره ٿي ويو آهي. ٽماٽي جي فصل پڻ آبادگارن کي وڏو نقصان ڏنو آهي. جنهن ۾ ڀاڄين جي پوکائي به نه ٿي سگهي آهي. ڄاڻايل شاخن جي ڳوٺن ڪالرو موري، دائم خاصخيلي، مبارڪ دستي، نظر محمد ڦلڪارا، ولي محمد لغاري، امير بخش لغاري، بچل ماڇي، سڪندر لغاري، ماڻڪ لغاري، محمد خان زئنور، جلال موري، گلڻ ماڇي، شادمان لغاري، علي خان لغاري، نصير لغاري، پهاڙ لغاري، علي بخش لغاري، حاجي مٺو شاهاڻي، شاهه محمد شاهاڻي. جيئند لغاري، جاني رند، حاجي پير بخش رند، حمزو رند، سائين بخش رند، جان خان ٽالپر جي ڳوٺ پاڻيءَ کان محروم آهن. لکين ايڪڙ زمين برباد آهي. هنن ڳوٺن جو جر مڪمل طور تي کارو ٿي چڪو آهي. اهڙن ڳوٺن ۾ پڙهيل لکيل ۽ نوڪري پيشا ماڻهو، وڪيل، ڊاڪٽر رهندي به آبپاشي کاتي کان پاڻي نه وٺي سگهيا آهن. اهي رڳو عدالتن جي حڪمن تي ئي توهين عدالتن جو درخواستون داخل ڪن ته آبپاشي کاتي وارا پاڻي ڏيڻ سندن زمينن تي پهچي ويندا.
ها ڪورٽ حيدآباد جا پاڻي بابت ڏنل حڪم ناما:
19 جون 2019ع تي سنڌ ها ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد شيخ ڀرڪيو خچر شاخ جي پوڇڙيءَ ۾ آبادگارن کي پاڻي نه ڏيڻ ۽ غيرقانوني واٽرڪورس لڳائڻ خلاف داخل پٽيشن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن حيدرآباد، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياريءَ کي انڪوائريءَ جو حڪم ڏيندي پاڻي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. ماڻڪ لغاري جي وڪيل دوست ايڊووڪيٽ منصور احمد لغاري سپرٽينڊنٽ انجنيئر روهڙي ڪئنال ۽ ايگزيڪٽيو انجنيئر نصير ڊويزن کي آئيني پٽيشن ۾ ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته روهڙي ڪئنال جي نصير ڊويزن مان نڪرندڙ شيخ ڀرڪيو خچر شاخ جي پوڇڙيءَ ۾ آبادگارن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني وارٽر ڪورس ڪڍيا ويا آهن. جيڪي اسان جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، هن عدالت کي استدعا ڪئي ته سنڌ ها ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر جي ڏنل فيصلي جي روشنيءَ ۾ پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد غيرقانوني واٽر ڪورس هٽائڻ لا سکر بينچ جي ڏنل فيصلي 2016/1661 مطابق ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، مٽياري ۽ بدين کي حڪم ڏنو هو ته غيرقانوني واٽر ڪورس هٽائڻ بابت شاخن جا دورا ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، عدالت اهو به حڪم ڏنو ته هن پٽيشن جو آرڊر ۽ سکر بينچ ظفر شاهه ججمينٽ وارو آرڊر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي موڪليو وڃي،
آبپاشي کاتي جي عملدارن کي جيل موڪلڻ وارو حڪم:
سنڌ ها ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد روهڙي ڪئنال جي نصير سب ڊويزن مان نڪرندڙ خچر شاخ ۽ سانگي ڦرهو جي پوڇڙيءَ جي آبادگارن کي ٽن ڏينهن اندر پاڻي نه ڏيڻ جي صورت ۾ سيڪريٽري آبپاشي، چيف انجنيئر روهڙي ڪئنال، ايڪسيئن نصير سب ڊويزن، اي سي نصيرڪئنال، ايس ڊي او خلاف ڪيس داخل ڪري سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو. بدين جي علائقي سانگي ڦرهو جي نصير ڊويزن جي سانگي پرهو مائنر جي پوڇڙيءَ ۾ پاڻي نه پهچڻ تي پڻ شنوائي ڪئي هئي آبادگارن عدالت کي ٻڌايو هو ته سندن زمين بنجر بڻيل آهي، جڏهن ته وارا بندي ڪري پاڻي بند ڪيو ويو آهي. چانگ ريگيوليٽر 65 ڪلوميٽر پري آهي، جتان پاڻي بند ڪيو ويندو آهي، جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري پٽيشن تي شنوائي ڪندي ريمارڪس ڏنا ته نصير سب ڊوزين سميت ٻين ڪئنالن جي پوڇڙيءَ جي آبادگار کي پاڻي ڏيڻ لا رينجرز کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، آبپاشي عملدارن رينجرز کي ڇو مقرر نه ڪيو آهي. سيڪريٽري اچي عدالت ۾ ٻڌائي ويو آهي ته غيرقانوني ماڊول، واٽر ۽ دڪا ختم ڪري پوڇڙيءَ ۾ پاڻي پهچايون ٿا، جنهن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي. عدالت سيڪريٽري آبپاشي سميت ٻين عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته نصير سب ڊويزن جي پوڇڙيءَ ۾ ٽن ڏينهن اندر رينجرز مقرر ڪري پاڻي ڏنو وڃي ۽ غيرقانوني واٽر بند ڪيا وڃن. ٽن ڏينهن ۾ پاڻي نه ڏنو ويو ته عدالت ۾ سيڪريٽري آبپاشي، چيف انجنيئر روهڙي ڪئنال، ايڪسيئن نصير سب ڊويزن، اي سي نصير ڪئنال، ايس ڊي او خلاف ايف آ آر داخل ڪري سينٽرل جيل موڪلينداسين،
عدالت طرفان رينجرز مقرر ڪرڻ جو حڪم:
سنڌ ها ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد روهڙي ڪئنال جي نصير ڊويزن ۾ پاڻيءَ جي چوري روڪڻ لا چيف سڪيريٽري سنڌ کي فوري طور رينجرز مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ها ڪورٽ ظفر علي شاهه فيصلي آڌار نوشهروفيرزو، نوابشاهه، بدين، ٽنڊُ الهيار، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري ضلعي ۾ غيرقانوني واٽر ڪورس ختم ڪرڻ لا سيشن ججز ۽ ايس ايس پي کي دورا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. شنوائي وقت سپرنٽيڊنٽ انجنيئر روهڙي ڪئنال عدالت کي ٻڌايو هو ته وارابندي ڪري پاڻي جي ورهاست ڪري 35 سب ڊويزن ۾ پاڻي پهچائي رهيا آهيون، انجنيئر عدالت کي آگاهي ڏني ته ظفر علي شاهه ججمييٽ تحت نوشهروفيرزو، نوابشاهه، بدين، ٽنڊُ الهيار، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري ضلعي ۾ غيرقانوني واٽر ختم ڪرڻ لا سيشن ججز ۽ ايس ايس پي کي مقرر ڪيو وڃي، رينجرز به مقرر ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو ته نصير ڪئنال تي پاڻيءَ جي چوري روڪڻ لا رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي، نوشهروفيرزو، نوابشاهه، بدين، ٽنڊُ الهيار، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري ضلعي ۾ غيرقانوني واٽر ختم ڪرڻ لا سيشن ججز ۽ ايس ايس پيز دوران ڪن، جنهن بعد عدالت وڪيل منصور لغاريءَ جي منظوريءَ سان خچر شاخ جي پاڻيءَ لا داخل پٽيشن اڪلائي ڇڏي هئي. ساڳئي وقت عدالت طرفان اڳ ۾ پاڻي جي جاچ لا جوڊيشل مئجسٽريٽ پڻ مقرر ڪيا هئا. روهڙي ۽ نصير ڪئنال ۾ غيرقانوني آئوٽ ليٽ ڪڍي پاڻي چوري ٿيڻ خلاف چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي هئي. ڪميٽيءَ کي حڪم ڏنو ويو ته غيرقانوني ماڊول، واٽر ڪورس ۽ دڪن خلاف جاچ ڪري، ڪميٽي ۾ چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري آبپاشي، ڊائريڪٽر سيڊا نارا ڪئنال ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان هڪ پروفيسر کي شامل ڪري هڪ مهيني اندر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو. اها جاچ رپورٽ به منظر عام تي نه اچي سگهي آهي. عدالت ۾ اسان جي سامهون به داروغن ۽ پوليس حوالي ڪيو ويو. معافي وٺڻ تي آزاد به ڪيو ويو. هن وقت به نصير ڪئنال ۽ ڪوٽڙي بئراج جي واهه ۽ شاخن جا آبادگار ها ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تي عمل ڪرائي پاڻ کي بدحاليءَ کان بچائي سگهن ٿا. آبپاشي کاتو پاڻيءَ جي کوٽ پاڻمرادو ڪڏهن به ختم نه ڪندو، پاڻيءَ جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته انسان ته پريشان ٿيندو رهندو پر آبي جيوت ۽ جانور مري ويندا. هن وقت به ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ جهنگ وڍجي يا ختم ٿي چڪا آهن. جنهن سان ماحوليات جو نقصان به گهڻو ٿي رهيو آهي. آبپاشي کاتي جي ڪامورن کان پاڻي وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي.