سنڌ جي سياست کي جيڪڏهن پاڻ گھڻ رخي بنيادن تي ڏسنداسين ته ان جون ڪيتريون ئي ڌارائون نڪرنديون پر اڳتي هلي ڪري اهي سڀئي ڌارائون ٻن ڌارائن ۾ ورهائجي وينديون، هڪ ڌارا عوامي سياست جي ڌارا ۽ ٻي اقتدار پرست ۽ جاگيرداري ڪلچر جي سياسي ڌارا. عوامي ڌارا جي اندر اسان کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر جو بحث چاهڻ جي باوجود في الحال نٿا ڪريون ۽ نه قوم پرست يا ترقي پسند نظرياتي پهلوئن جي بحث کي ورجايون ٿا، انهيءَ بحث ۾ اسان انهن مذهبي ڌرين کي به الڳ نٿا ڪريون، جيڪي بنيادي طرح عوامي خوشحالي قومي خودمختياري ۽ جمهوريت جي اصولن کي تسليم ٿيون ڪن.
سنڌ جي سياسي ورڇ ۾ سڀني کي گڏ ڪندي اسان سياست جي اها ڌارا جيڪا جمهوريت پسند قومي حق خود اختياري جي اصول کي تسليم ڪندي عوام جي خوشحالي زرعي سڌارا، صنعتي ترقي، قومي ڪلچر ۽ ٻولي جي ترقي سان گڏوگڏ عوام جي ترقي پسندانا سياسي سڌارن ۽ سماجي سڌارن جو تصور رکن ٿا، پنهنجي نظريي ۾ اهي اصول رکن ٿا ته انهن کي پاڻ عوامي سياست جي ڌارا ۾ شامل ڪنداسين ۽ ٻي ڌر جيڪا سياست تي گروهي قبضو رکندي مخصوص خانداني ۽ گروهي قبضو رکڻ جي سياست ڪري ٿي، اها ڌر عملي طرح سان پنهنجي اها سياست ٿي ڪري جنهن کي پاڻ رولنگ ڪلاس يعني طبقاتي لحاظ کان غالب طبقي جي سياست ڪندڙ ڌر چونداسين.
سنڌ ۾ جيئن ته پيداواري رشتا پنهنجي ارتقائي عمل مان گذري رهيا آهن ۽ وڏي ترقي ڪري باقاعدا سماج کي طبقاتي ورڇ ۾ مڪمل طور تي تقسيم ناهي ڪيو ان ڪري پوري سماجي جوڙجڪ گڏيل طبقاتي صورت ۾ نظر ٿي اچي نه رڳو نظر ٿي اچي پر عملي طور تي ان جي بيهڪ اها ئي آهي سنڌ جي اڪثريتي پيداواري صورت وڏي پيماني تي زرعي رشتن تي بيٺل آهي انهن زرعي رشتن جو بنياد هن وقت تائين جاگيرداري بنيادن تي بيٺل آهي ڀلي انهيءَ جي صورت ڪلاسيڪي جاگيرداري جي نه هجي يا اها خانداني ارتقا مان گذرندي زمينداريءَ جي شڪل اختيار ڪري وئي هجي پر انهيءَ جي باوجود ان طبقي جي اندر طاقتور ۽ بنيادي ڪلچر ۽ نفسيات جاگيرداري آهي. اها صورتحال ڀلي پوري ملڪ جي اندر نظر اچي پر سنڌ ۾ انهيءَ جا اثر ۽ بنياد تمام گھڻا گهرا آهن اسان کي هي به نه وسارڻ گھرجي ته ڪنهن به سماج جي اندر غالب سياسي ڪلچر پوري سياسي ماحول کي پنهنجي اثرن ۾ نه رڳو آڻيندو آهي پر انهيءَ کي پنهنجي ماتحت به ڪري ڇڏيندو آهي اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ لسانياتي ورڇ هجڻ جي باوجود يعني سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ۾ جيڪڏهن طبقاتي ڇيد ڪبو ته اردو آبادي جي اندر جاگيرداري پيداواري رشتا يا زمينداري پيداواري رشتا ڪٿي به نظر نه ايندا، اردو آبادي جي پيداواري رشتن جو بنياد صنعتي ۽ شهري ڪاروباري رشتن سان جڙيل آهي پر انهن جو سياسي مزاج ۽ رويو سيٽلر هجڻ جي ڪري هتان جي مقامي آبادي سان هميشه وڇوٽي وارو رهندو آيو آهي جنهن کي تعصبي بنيادن تي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هن وقت تائين ڪوشش ڪئي ٿي وڃي پر ان جي سياست جو ڪهڙو به بنياد هوندو، مٿانهون پرت جڏهن حڪومتي جوڙجڪ جو حصو بڻبو ته هو عملي طرح سان انهن جو ئي اثر قبوليندو جيڪو غالب سياسي ڪلچر آهي يعني جاگيرداري ڪلچر جا اثرات يا پوري طاقتور طريقي سان جيڪو وجود رکي ٿو پوري جو پوري سياسي ڌارا اتحادي جوڙجڪ ۾ رهندي انهيءَ اثر ۾ اچي ٿو. اهو ئي رستو اپنائي ٿو. سنڌ جي اندر جاگيرداري ڪلچر جي لاءِ هي شي ذهن ۾ رکڻ گھرج ته اهو ڪلچر رڳو زمينداري بنيادي تي ناهي پر جاگيرداري سماج جا جيڪي به پرت ۽ گروھه آهن اهي ان جاگيرداري سماج ۾ هڪ ٻئي سان سهڪاري ۽ گڏ هجن ٿا مثال تمام وڏي زمينداري پيري مريدي ذاتين ۽ برادرين جا گروھه اهي سڀئي جاگيرداري ڪلچر جو حصو هجڻ جي ڪري ساڳي ئي نفسيات رکندا آهن، انهن جو اثر ان وقت تائين طاقتور هوندو آهي. جيستائين سماج جا پيداواري رشتا پنهنجي ارتقا جون منزلون طئي ڪري آخري منزل تي پهچن يعني جڏهن سماج ترقي ڪري صنعتي پيداوار ۾ مڪمل طور تي تبديل ٿي وڃي تڏهن سماج جي اندر مزدور ۽ سرمائيدار ٻه طاقتور طبقا وجود ۾ اچن ٿا، باقي وچولو طبقو اوتري طاقت ۽ سگھه ناهي رکندو، ان سطح تي پهچڻ کان پهريان ڪو به سماج پنهنجي ارتقائي ڌارا مان گذرندي مٿانهين طبقي جي نفسيات ۽ سياسي اثر مان گذرندو آهي اهو سبب آهي جو سنڌ جي اندر سنڌ جا اهي شهر جيڪي پيداواري رشتن ۾ جاگيرداري زنجيرن ۾ جڪڙيل ناهن پر ان جي باوجود شهرن جي مٿان غالب طبقي جي ڊاميننسي رهي ٿي. پاڻ سنڌ جي تمام شهرن ۾ جڏهن نظر ڊوڙائي ڏسنداسين ته مڪمل طور ته نه اڪثريتي بنيادن تي پير جاگيردار ۽ پير ڊاميننسي نظر ايندي ڀلي ننڍي پيماني تي ننڍا ننڍا گروھه جن ۾ دوڪاندار، مزدور، يا ملازمت ڪندڙ گروھه اچن ٿا، اهي پاڻ کي الڳ به سمجھن پر مجموعي طور تي هو غالب طبقي کان ٻاهر نظر نه ايندا جي نظر ايندا به ته انهن جي طاقت انتهائي ڪمزور ۽ هيڪڙ ٻيڪڙ کان وڌيڪ نه هوندي. بلڪل ائين ئي اهڙي طرح سان ئي سنڌ جي سياست تي به انهيءَ جا اثر انهي انداز سان نظر اچن ٿا.
جاگيرداري سياست جو پهريون بنياد هي آهي جاگيرداري ڪلچر عوام کي سياسي طرح ڪڏهن به طاقتور ۽ خودمختيار ڏسڻ ناهي چاهيندو. هو عوام جي هڪ وڏي اڪثريت کي پنهنجي پوئلڳي ۾ ايئن رکڻ چاهيندو آهي، جيئن پيداواري رشتن ۾ هارين کي پنهنجو محتاج ۽ ڳيجهو رکڻ ضروري سمجھندو آهي هو نه عوام ۾ تعليم جي ترقي چاهيندو آهي ۽ نه وري صنعتي ترقي کي بهتر سمجھندو آهي، تنهن ڪري جاگيرداري سياست ۾ ڪڏهن به پارٽي جو تنظيمي ڍانچو ناهي جوڙيو ويندو صرف ۽ صرف پنهنجا ووٽر پنهنجي اثر ۾ رکڻ جو قائل هجڻ جي ڪري رياست جا تمام ادارا پنهنجي گرفت ۾ رکڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪندو آهي هو ڪڏهن به ناهي چاهيندو ته رياست جا ادارا خود مختيار رهن (اسان جاگيرداري ڪردارن ۾ ڪرپشن ۽ سياسي موقعي پرستي جو بحث نٿا ڪريون توڙِي جو اهو انهيءَ طبقي جي ڪلچر جو لازمي حصو آهي پر انهي ۾ ڪيترائي فرد سياسي موقعي پرستي ۽ ڪرپشن جي گناهن کان پاسيرا رهيا آهن پر انهن جو ڪو به ڪردار ڪڏهن عوامي ناهي رهيو سياسي عمل انهن جو ان ئي انداز سان نظر ايندو جيڪو جاگيرداري ڪلچر رهيو آهي) تنهن ڪري هو پنهنجو پاڻ کي مٿانهون تصور ڪندي سياست کي پنهنجو پوئلڳ تصور ڪندو آهي. انهيءَ جا اثرات ۽ ان ڪلچر جو اثر سنڌ جي ان سياست تي به پيو آهي جنهن کي پاڻ عوامي سياست جي ڌارا سڏيون ٿا، اهوئي سبب آهي جو تمام جو تمام عوامي سياست ڪندڙ پارٽيون (انهن جا نالا تفصيل سان ان ڪري نٿا لکون ته جيئن مضمون طوالت جو شڪار نه ٿئي) سنڌ ۾ جاگيرداري طبقي جي قيادت نه هجڻ جي باوجود انهن جو تنظيمي ڍانچو انتهائي ڪمزور ان حد تائين نظر ايندو جو عملي طرح سان تنظيم ڪاري تي ڌيان نالي ماتر ڏنو وڃي ٿو، اڪثر عوام کي پنهنجي سياسي پروگرام جي حوالي سان پوئلڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، عوام مان اها اميد رکي ويندي آهي ته هو سياسي پروگرام تي انهن جو ساٿ ڏين. سياست جي اندر جيئن جاگيردار شخصي سماجي فرد جي ڪردار کي اهميت ناهي ڏيندو، بلڪل ايئن اهڙي طرح سان سنڌ جون ڪيتريون ئي جماعتون فرد جي ان سماجي ۽ اخلاقي ڪردار کي نالي ماتر اهميت ڏين ٿيون، سواءِ هڪ اڌ فرد جي، جيڪي ڪرپشن ۽ ڪرائيم جا سخت مخالف آهن پر عملي طرح جماعتن جي اندر انهيءَ پهلو کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي عوام جي مسئلن کي لوڪل سطح تي آرگنائيز ڪري باقاعدا تحريڪ جي صورت ناهي ڏني وئي جيڪڏهن ڪي اشوز پيدا ٿين ٿا ته انهن تي تحرڪ ۾ ايندي ڪجھه تحريڪون آرگنائيز ڪيون ٿيون وڃن، جيڪي وقت گذرڻ سان ڪمزور ٿيون ٿي وڃن عوام جا مسئلا جڏهن ته مسلسل سمنڊ جي لهرن وانگر پيدا ٿيندا رهندا آهن ۽ عوامي سياست ڪندڙ پارٽيون انهيءَ کي مستقل بنيادن تي جيڪڏهن کڻنديون ته انهن جي سياست عوام ۾ طاقتور ۽ سگھاري ٿيندي پر جيڪڏهن جاگيرداري اثرات جو شڪار ٿي عوام کي متحرڪ ۽ طاقتور ڪرڻ جي بجاءِ رڳو پوئلڳي واري انداز ۾ سياست ڪئي وئي ته پوءِ هي ڪڏهن به اسان کي نه وسارڻ گھرجي ته جاگيرداري سياست ۽ ڪلچر تمام گھڻو طاقتور آهي انهيءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان ئي انداز ۾ ڪم ڪرڻ وچولي طبقي ۽ عوامي سياست ڪندڙ فردن جي يا اڳواڻن جي وس ۾ ئي نٿو ٿي سگھي عوامي سياست جي لاءِ مڪمل طور تي الڳ رستو الڳ ڪلچر ۽ الڳ رنگ ۽ ڍنگ جي ضرورت آهي. باقي سنڌ جي سماج ۾ ايترو مقدار عوام جو موجود آهي جيڪو پورو جاگيرداري سياسي مانڊاڻ کي ڊاهي سگھي ٿو ضرورت عملي طرح سان عوامي سياست ڪرڻ جي آهي ۽ عوامي سياست کي مڪمل جاگيرداري اثر کان ٻاهر ڪڍڻ کان سواءِ نتيجا حاصل نٿا ڪري سگھجن.