هيل تائين سياسي ميدان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سان عام ماڻهو جو ڪجهه ڏيڻ وٺڻ نظر نٿو اچي، خاص ڪري اڳوڻي وزير اعظم عمران جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي يا ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي، ان سان غريب عوام جو ڪجهه به نه وڃي. جيڪڏهن هي رويو برقرار رهيو ته نه صرف هو اقتدار جي ايوانن ۾ ٻيهر داخل ٿي نه سگهندو، پر ان سان گڏ سندس سياسي مستقبل به گهڻو روشن نظر نٿو اچي. هينئر تائين عمران خان جن ڪجهه جلسن کي خطاب ڪيو آهي، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته هو ماضي کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان جي ابتڙ موجوده اتحادي حڪومت، جنهن کي عمران خان امپورٽيڊ سڏي ٿو، اها تيزي سان سمورن اشوز کي فڪس ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي. هي الڳ ڳالهه آهي ته موجوده حڪمرانن وٽ نه صرف تمام گهٽ وقت آهي، پر اسپيس به محدود آهي. انهن کي سمورا معاملا ايترو تيزي سان ٺيڪ ڪرڻا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هو مستقبل جي سياسي سفر جي تياري ڪري سگهن. هينئر تائين اڳوڻي حڪومت جا ڪجهه وزير اعتراف ڪري رهيا آهن ته انهن جا اسٽيبلشمنٽ سان بهتر لاڳاپا نه رهيا، انڪري کين اقتدار جي ايوانن کان ٻاهر ڪڍيو ويو، ممڪن آهي ته هي اڌ سچ هجي. مڪمل سچ شايد اهو هجي ته عمران خان ۽ ان جي ٽيم نه صرف ڊليور ڪري نه سگهي، پر اها دنيا جي گولي تي اڪيلي رهجي وئي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪابه پرڏيهي قوت، خاص ڪري اهي عالمي ڌريون جن تي اڳوڻن حڪمرانن اقتدار کان الڳ ڪرڻ جي سازشن جو الزام مڙهي رهيا آهن، اهي ڪو به وار آساني سان ڪري سگهيون پئي. پر جيئن ته دنيا اهڙي ناهي، جهڙي سرد جنگ جي دور ۾ هئي، جيڪڏهن ماضي جهڙي صورتحال هجي ها ته اسٽيبلشمينٽ هينئر اقتدار جون واڳون سنڀالي چڪي هجي ها. اڳوڻا حڪمران جيڪو اڌ سچ ڳالهائي رهيا آهن، ان تي کين ٻيهر نظرثاني ڪرڻ گهرجي ته ائين ڇو ٿيو؟ عمران خان ۽ ان جا ساٿي کلي عام چوندا هئا ته اسٽيبلشمينٽ جيتري، انهن سان هڪ پيج تي آهي ۽ out of the way حمايت ڪري رهي آهي، ان جو ملڪ جي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي! حڪومت جي تڏا ويڙهه يقينن هڪ ڏينهن اندر نه ٿي هوندي. ان لاءِ پوڻا چار سال لڳي ويا، جڏهن معاملا هٿن مان نڪري رهيا هئا ته ان وقت جي مخالف ڌر اڳڀري ٿي، ان ۾ ڪوبه شڪ نه هوندو ته اسٽيبلشمينٽ جي سهائتا کانسواءِ عمران خان جي حڪومت کي هٽائڻ ممڪن نه هو. جن مخالفن کي چور ۽ ڌاڙيل کان گهٽ لقب نه ڏنا ويا، اهي آخرڪار ڊرائيونگ سيٽ تي ڪيئن آيا؟ هي به عمران خان کي سوچڻ گهرجي. اڳوڻن حڪمرانن عام ماڻهو لاءِ ڇا ڪيو هي به اوپن سيڪريٽ آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قدرتي گيس جي لوڊ شيڊنگ ٿي ۽ عام ماڻهوءَ جا چلها به وسامي ويا. ان عرصي دوران به ملڪ جي اعليٰ عدالت جي سربراهه کان وٺي سڀني بااثر شخصيتن کي ايل اين جي سهولت فراهم ڪئي وئي، پر ڏکيائون عام ماڻهو ئي برداشت ڪيون.
عمران خان، پنهنجي حڪومت ظاهري طور تي انڪري وڃائي ته نه صرف اتحادي پر ان جي پنهنجي پارٽي جا اڻ ڳڻيا اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائندا ان جو ساٿ ڇڏي ويا. هي پڇي سگهجي ٿو ته انهن ڪنهن جي اشاري تي ائين ڪيو يا هنن کي ڪا لالچ ڏني وئي. اهي جن آئين جي آرٽيڪل 63 اَي جي ڀڃڪڙي ڪئي يا پاڻ کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ رستو صاف ڪيو، ان جو ڪو ته ڪارڻ هوندو؟ مخالفن جو ته ڪم ئي عمران خان کي گهر موڪلڻ هو، پر مخالفن جي مدد ڪرڻ وارا عمران خان جي پارٽي جا هئا، يا وري اهي، جيڪي هتان هُتان پڪڙي پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهرائي وئي. هي ڪم به عمران خان ڪري نٿي سگهيو، پر انهن کي سڀ تيار ڪري رڳو سيج تي ويهاريو ويو. ان وقت هن ڇو نه سوچيو ته واڳ ڌڻي ايترا مهربان ڇو ٿي ويا آهن. جنهن ايوان ۾ عمران خان کي 172 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت هئي، اها ختم ٿي وئي، ظاهري طور تي ايئن ئي ٿيو. هاڻ جيڪڏهن عمران خان چئي ته هن کي اسٽيبلشمينٽ سان، هڪ اداري جي حيثيت ۾ ڪابه گلا ناهي، نه شڪايت آهي. پر هڪ شخص آهي، جنهن کيس گهر ڀيڙو ڪيو. هو ان هڪ شخص جيڪو، هينئر ڪمانڊ سڀنالي ويٺو آهي، ان کي رينڪس اينڊ فائل کان ڪيئن الڳ ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن هن جو معاملن تي ڪنٽرول نه هجي ته ڪيئن ايترا خطرناڪ شاٽ کيڏي ها. عمران خان ۽ ان جا حواري جن ۾ فواد چوڌري، شيخ رشيد ۽ شاهه محمود قريشي ۽ ٻيا شامل آهن، اهي هينئر اعتراف ڪن ٿا ته انهن جي ڪپتان کان ڪهڙيون غلطيون ٿيون. هي حڪومت وڃائڻ باوجود هوش ۾ ناهن. هي اسٽورين مٿان اسٽوريون ٺاهي رهيا آهن. هڪ شخص جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عمران خان جي حڪومت کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ نظر ايندو هو، اهو هروڀرو ته مخالف نه ٿيو هوندو؟ هي منطق به ڪنهن جي سمجهه ۾ نه ايندي ته جيڪو ڪمانڊ سنڀاليندو هجي، ان کي الڳ ڪري ڏٺو ويندو هجي. هي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي ته رينڪ اينڊ فائل ۾ وڇوٽيون ٿينديون آهن، پر جن جي هٿ ۾ ڪمانڊ هوندي آهي، اهي طاقت جو سرچشمو ٿيندا آهن. انهن جي اندر به جيڪا کچڻي پچندي رهي، ان کي ان وقت جي حڪمرانن پنهنجي مرضي ۽ منشا سان بيان ڪيو. هي تاثر به انهن ڏنو ته جهيڙو سويلين ۽ نان سويلين ۾ ناهي، پر پنڊي ۽ پشاور ۾ آهي. ممڪن آهي ته ائين هجي به. پر حڪمرانن جا پنهنجا پير ايترا ڪمزور ڇو هئا؟ انهن کي جيڪڏهن عوام ووٽ ڏنا ته انهن کي عام ماڻهو تي يقين هجڻ گهربو هو ۽ انهن لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ها. پر هاڻ سڀني جي سامهون هي حقيقتون آيون آهن ته معاشي انڊيڪيٽرز ڪيترا خراب ٿي ويا. 2018 کان هيل تائين، جيڪڏهن انهن جي پيشروئن سان ڀيٽ ڪجي ته اڇا ڪارا پڌرا پيا آهن. هي اهي انگ اکر آهن، جيڪي عمران خان ۽ ان جا وزير بيان ڪندا رهيا آهن، هي سڀ ڪجهه حڪومتي ادارن وٽ ريڪارڊ ٿيل انگ آهن. جيڪڏهن اڳوڻا حڪمران اهو چون ته هنن ڊليور ڪيو پر ٻين قوتن خاص ڪري مخالف ڌر انهن جي خلاف سازش ڪئي يا وري پرڏيهي قوتون خاص ڪري آمريڪا انهن جي خلاف هو.
هينئر تائين ليٽرگيٽ وارو معاملو، عمران خان جي حواسن تي ڇانيل آهي، ان جي ڇنڊ ڇاڻ جو درست فورم ڪابينا جي دفاع واري ڪميٽي هئي، ان ۾ وزير اعظم جو ته هڪڙو ووٽ هو، پر اهي، جيڪي ان شعبي سان لاڳاپيل آهن، انهن ته پريس ڪانفرنس ڪري اعلان ڪري ڇڏيو ته ليٽر گيٽ بابت جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو ويو، ان ۾ لفظ سازش استعمال ٿيل نه هو! هاڻ به ان معاملي جي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جو فورم پارليامينٽ آهي، جنهن کي عمران خان عاق ڪري چڪو آهي. هن لاهور ۾ جلسي دوران هڪ ڀيرو ٻيهر ان معاملي کي ملڪ جي اعليٰ عدالت، سپريم ڪورٽ وٽ کڻي وڃڻ لاءِ چيو. هي ته عام ڳالهه آهي، سپريم ڪورٽ به چوندي ته سياسي هجن يا پرڏيهي معاملا، اهي ان جي Domain ۾ نٿا اچن، هي ڳالهه پهريان به اعليٰ عدالت چئي آهي. ان جي باوجود انصاف فراهم ڪندڙ اهم فورم کي اجاين معاملن ۾ الجهائڻ جو ڪوبه مقصد ٿي نٿو سگهي. جيڪڏهن عوام جي حقيقي فورم پارليامينٽ بدران روڊن ۽ رستن تي عوام جا ميڙاڪا ڪري حڪومتن کي گهر موڪلي سگهجي ها ته اهو تجربو عمران خان جي ڏينهن ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها. پر ان وقت جي مخالف ڌر به سمجهيو پئي ته حڪومتي کي ڪيئن گهر ڀيڙو ڪري سگهجي ٿو. انهن اهي سمورا چينلز به استعمال ڪيا ۽ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي کي به عوام اڳيان رکيو. جڏهن اهي ادارا جيڪي عمران خان سان گڏ هڪ پيج تي هئا، اهي نه رهيا ته پوءِ حڪومت ڪيئن قائم رهي سگهي پئي؟
هينئر به عمران خان ۽ ان سان ساٿي خيالي دنيا ۾ رهي رهيا آهن، هو ميڊيا جي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي خوش فهمين جو اظهار ڪن ٿا، هو پهريان هي چوندا هئا ته عمران خان نه رڳو پنج سال پورا ڪندو، پر ايندڙ پنجن سالن تائين مخالف ڌر چپ چٽيندي رهجي ويندي. هاڻ چون ٿا ته عمران خان کي عارضي ساهي لاءِ گهر موڪليو ويو آهي ۽ جلد واپس اقتدار ۾ ايندو. هي ڳالهه ناممڪن ناهي، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ نظر اچن پيون. عمران کي واپس آڻڻ جو ڪو ته جواز هوندو؟ هن جيڪو ڪجهه پوکيو آهي، اهو ئي لڻندو. هن هڪ طرف سياسي ڪلچر گدلو ڪيو، بقول مخالفن جي فاشزم کي متعارف ڪرايو، جمهوري ادارن سان جيڪا حالت ڪئي، اها به ڪنهن کان ڳجهي ناهي. معاشي ميدان ۾ جيڪا تباهي آئي، ان کي بهتر ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو. ان سان گڏ ادارن جي اندر وڇوٽيون پيدا ٿيون، جيڪي ڪنهن وڏي تباهي کي دعوت ڏئي رهيون هيون. پرڏيهي پاليسي به ناڪام ٿي وئي، ڪو اڳوڻن حڪمرانن کي گاهه وجهڻ وارو نه آهي، موجوده دور ۾ ممڪن آهي ته سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿئي ۽ ايئن ٿيڻ سان عمران خان جو مستقبل روشن نه پر اونداهو ئي ٿي ويندو.