
بالي ووڊ جي اداڪار جوڙي ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا هڪٻئي کان مبينا طور تي رستا ڌار ڪري ورتا آهن. ميڊيا مطابق ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا کي وڏي عرصي کان هڪٻئي سان گڏ ڏٺو ويو آهي ۽ انهن جي پارٽين ۾ گڏ شرڪت ٿيندي رهي آهي، پر ڪجهه وقت کان اهي گڏ نظر ناهن آيا ۽ ٻنهي پارٽين ۾ پڻ ڌار ڌار شرڪت ڪئي آهي، تنهنڪري خدشا ڏيکاريا ويا آهن ۽ انهن جي وچ ۾ معاملا ٺيڪ ناهن.