شوبز

گليمر جي پڄاڻي ناهي ٿيندي، ڇو گهٻرائجي: صبا قمر

پاڪستاني اداڪارا صبا قمر چيو آهي تھ گليمر جي پڄاڻي ناهي ٿيندي، تنهنڪري ان جي خوف ۾ اچي ڇو گهٻرائجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن فلم گهبرانا نهين هي، جي مشهوري پڻ ڪئي ۽ چيو تھ نعمان اعجاز کي ويجهو کان سڃاڻان ٿي، هو خراب ناهي، پر بلڪل ئي ٻارن جهڙو مزاج رکي ٿو. هن جو چوڻ هو تھ هن کي خبر ناهي پوندي تھ ڇا ڳالهائڻو آهي ۽ ان جو ڪهڙو مناسب وقت آهي، هو بنا سوچڻ جي ڳالهايو ڇڏي، بعد ۾ چوندو، ان ڳالهه ۾ منهنجو مطلب اهو نھ هو. هن چيو تھ کيس سمجهائيندي آهيان تھ هر ماڻهو مذاق نٿو سمجهي، مسخري نھ ڪندو ڪر، پر هو ٻارن جيان ئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button