هڪ سياسي ڪارڪن يا اڳواڻ جيستائين مطالعي سان هٿياربند ناهي هوندو، تيستائين هن جو ذهن بلڪل ڪورو هوندو آهي. جڏهن ته ڪنهن به سياسي ڪارڪن لاءِ مطالعي جو هجڻ ان ڪري به لازمي هوندو آهي ته جيئن هو تاريخ، سياسي، سماجي ۽ معاشي معاملن کي سمجهي سگهي. ان کان به اهم ڳالهه ته هو پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم جي اصل معاملن کان باخبر ٿي سگهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ اڄ به مطالعي جو لاڙو موجود آهي. ماڻهن جي گهرن ۾ لائبريريون آهن، نوجوان به ڪتاب خريد ڪن ٿا، انهن کي پڙهي انهن تي بحث ڪن ٿا ۽ تبصرا به لکن ٿا پر ڪنهن زماني ۾ سياسي پارٽين ۾ اسٽڊي سرڪل جو لاڙو گهڻو هوندو هو، جڏهن مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙهيا ويندا هئا ۽ ائين ان سلسلي هڪ نئون سياسي حلقو پيدا ڪيو، جيڪو پنهنجن حقن جي حوالي سان گهڻو ساڃاهه وند ليکيو ويندو هو. سياسي اختلاف راءِ هوندي به اهي ماڻهو سنڌ جي ڪيترن قومي معاملن تي هڪٻئي سان سهمت هوندا هئا.
هن وقت به عوامي تحريڪ ان سلسلي کي جاري رکندي پئي اچي ۽ اها هر سال ورڪشاپ رکرائي نوجوان نسل کي مختلف موضوعن تي ڄاڻ ڏئي رهي آهي.
عوامي تحريڪ پاران 15 کان 17 اپريل ٢٠٢٢ع تي ڊي ٽين پليجو ھائوس ۾ ٽي ڏينھن جو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ استادن مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏنا. ان کان سواءِ گيت، بيت، شاعري ۽ بحث مباحثي جو سلسلو پڻ گڏ ھلندو رھيو.
عوامي تحريڪ پنھنجن ڪارڪنن جي سياسي تربيت لاءِ ھڪ روايت جيان شروع کان اھڙن ورڪشاپس ۽ ليڪچرن جا بندوبست ڪندي رھي آھي تـه جيئٔن ڪارڪن صحيح سائنسي، سياسي ۽ نظرياتي سوچ وسيلي عوام ۾ ڪم ڪري سگھن. ورڪشاپ ۾ نوجوان شاگردن سميت عورتن، ٻڍن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئٔي جتي کين سياسي ۽ سائٔنسي تعليم جي بنيادي ڄاڻ ڏني وئٔي.
اسان جي سماج ۾ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت عوام کي سياسي تعليم کان پري رکيو ويو آھي. سياست جي شروع کان ھڪ غلط تشريح ڪئي ٿي وڃي ۽ سندن ذھنن ۾ اھا ڳالھه ويھاري وئي آھي تـه سياست جو مطالعو ڪرڻ ۽ عملي سياست ڪرڻ معنيٰ پنھنجي نصابي تعليم کان ھٿ کڻڻ آھي. سياست ڪرڻ واندن ماڻھن جو ڪم سمجهيو ويندو آهي. جيئٔن اڄ جي انسان ميڊيڪل سائنس کي سمجھي ڌاڳن ڦيڻن مان پاڻ کي آجو ڪرايو آهي، بلڪل ائين ئي اسان کي سياسي تعليم حاصل ڪري وڏيراشاھي ۽ جاگيرداريءَ جي تڏا ويڙهه ڪرڻي پوندي.
سياست ۾ عورت جو ھڪ اھم ڪردار رهيو آھي. چون ٿا تـه جنھن جنگ ۾ وڏن وارن واري فوج ھجي ان کي شڪست ڏيڻ ناممڪن آھي. عورتن لاءِ اسان وٽ سياست ڄڻ اڻ لڀ آھي ۽ جيڪي ١٢ سيڪڙو اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويھن ٿيون سي بـه خانداني ڪوٽا سمجھي ان ۾ پير پائئن ٿيون. اھڙي دور ۾ سنڌ جي عورتن کي اڳيان آڻڻ ھڪ وڏو ڪارنامو آھي ۽ سنڌياڻي تحريڪ ان جو شاندار مثال آھي، جيڪا جدوجھد جي ھر ميدان ۾ پنھنجو پاڻ ملھائٔيندي رھي آھي ۽ اھو فڪر پليجو ۽ ان جي سياسي تربيت جو ئٔي نتيجو آھي.
ورڪشاپ جي پھرين ڏينھن جي شروعات ڪلاس جو مقصد بيان ڪرائٔڻ کان شروع ٿي، جتي ساٿين ضابطا ۽ اصول، ڪميٽين جي جوڙجڪ ۽ ان کان پوءِ گيت ٻڌائي پھرين ليڪچر جي شروعات ڪئي وئي، جنھن جو موضوع مارڪسي نقطٔه نظر سان عورت سوال ھو، جنھن تي غلام علي زئنور تفصيل سان ڳالھايو. گھڻن ماڻھن جو ان حوالي سان غلط تصور ويٺل آھي تـه مارڪس ھاڻوڪي فيمينسٽ سوچ وارو ماڻھو ھو پر جڏھن ان حوالي سان ڳوڙھو مطالعو ڪري نتيجي تي پھتاسين تـه خبر پئٔي تـه دراصل مارڪسي فيمينزم جي قاعدي مطابق عورت جي غلاميءَ جو سبب طبقاتي نظام آھي، جيڪو ھزارين سالن کان سندن اصل قوت کي چيڀاٽيندو رھيو آھي ۽ ان نظام جي خاتمي سان ئٔي عورت کي حقيقي آزادي ملي سگھندي.
ٻئي ليڪچر جو عنوان عوام سان لاڳاپيل بنيادي قانونن جي ڄاڻ تي ھو، جنھن ۾ دنيا ۽ پوءِ پاڪستان سطح تي بنيادي قانونن جي ڄاڻ ڏني وئٔي، جنھن موجب آرٽيڪل ١-4-5-٦-٧ ۾ انسان کي زنده رھڻ جي آزادي، غلاميءَ کان آزادي، ظلم کان آزادي، قانون کان پھرين ھڪ انسان جي انسان طور سڃاڻپ ۽ برابري جھڙن موضوعن تي سمجھايو ويو. ان کان سواءِ پاڪستان جي بنيادي قانونن جھڙوڪ ڳالھائٔڻ، پنھنجن خيالن، مذھب ۽ پريس جي آزادي بابت پڻ ڄاڻ ڏني وئٔي.
هڪ ٻئي اهم ليڪچر جو عنوان چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي تاريخ ھو. جنھن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀيڻ، ادي سنڌو ملاح تفصيل سان وضاحت ڪندي ٻڌايو تـه ١٣ ميمبرن تي ٻڌل چيني ڪميونسٽ پارٽي ٢٣ جولاءِ ١٩٢١ع ۾ ٺاھي وئٔي، جيڪا پھرين ھڪ سياسي پارٽيءَ جي کاٻي ڌر ھئٔي پر پوءِ مڪمل طرح الڳ ڪئٔي وئٔي ۽ مائؤزي تنگ جي اڳواڻيءَ ۾ صحيح نموني پورھيت عوام جي سربراھي ۾ ھي وڌي ويجھي ۽ اڄ سڄي دنيا تي ڇانيل آھي.
پھرين ڏينھن جو چوٿون ليڪچر جدليات جي بنيادي قانون تي ھو، جنھن ۾ راشد داؤدپوٽي اتي ويٺل ساٿين کي اھو ٻڌايو تـه جدليات جي قانون موجب ھر شئءِ تحرڪ ۾ ۽ تبديل ٿيندڙ آھي. جدليات جي تضادن ۽ قانونن جهڙوڪ لازميت ۽ اتفاق، ھوند ۽ اڻهوند، محدود ۽ لامحدود، نفي جي نفي وغيره تي تفصيل سان ڳالهايو.
پھرين ڏينھن جي پنجين ليڪچر ۾ نويد سنديلي، شيخ اياز جي شاعريءَ تي عالمي ادب جا اثر ھيٺ وضاحت ڏئٔي سمجھايو تـه شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ عالمي اديبن جو اثر ھو. زندگيءَ جي حسين لمحن، ثقافت، ٻولي، فطرت، حسن، مظلوم قومن جي جدوجھدن، انقلابي ۽ مزاحمتي ڪردارن جھڙن موضوعن تي ھن جي شاعري ڏسي سگھجي ٿي.
پھرين ڏينھن جو آخري ليڪچر ادريس لغاري ڏنو، جنھن جو موضوع مذھبي انتھاپسندي، تاريخي ۽ تنقيدي جائزي تي آڌاريل ھو. هن پنھنجي ليڪچر ۾ تفصيل سان ٻڌايو تـه خلافت جي دور کانپوءِ مذھبي انتھاپسندي شروع ٿي ۽ ھي ھاڻوڪا ھٿ ٺوڪيل قانون جيئٔن ٻين مذھبن وارن سان ڳالھائٔڻ انھن سان اٿڻ ويھڻ وارو بـه ڪافر آهي، جھڙا خيال ان دور ۾ موجود نـه ھئا. پاڻ سڳورا (صه) پڻ اھو چوندا ھئٔا تـه جيڪڏهن اوھان جي ماءُ يا گھر جي ڪنھن ڀاتي اسلام قبول نـه بـه ڪيو ھجي، تڏھن بـه اوھان کي انھن سان حسن سلوڪ وارو رويو رکڻو آهي. ورڪشاپ جي ٻئي ڏينھن جي شروعاتي حاضري کان پوءِ پھرين ڏينھن جي ليڪچرز تي تبصري سان ٿي. گيت کان پوءِ ادي ساجده پرھياڙ فرينچ انقلاب جي تاريخ تي تفصيلي ليڪچر ڏيندي ٻڌايو تـه ڪيئٔن تاريخ ۾ پھريون ڀيرو پورھيت انقلاب عملي نموني ميدان ۾ آيو ۽ ڪييئن انھن ٻڌي ڪري لوئي ١٦ (فرانس جي بادشاهه جو نالو) کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.
ٻئي ڏينھن جو ٻيو ليڪچر ڊاڪٽر اياز سمون پاڪستان جي عدالتي تاريخ تي ڏنو، جنھن ۾ قائد اعظم کي مارڻ جي سازش ۽ وقت بـوقت تبديل ٿيندڙ گورنر جنرل، وزير اعظم، مارشل لا لڳائڻ پويان عالمي سامراج جي سازش پاڪستان جا تبديل ٿيندڙ آئٔين تي تفصيل سان ڳالھايو.
مير حسن آريسر ٽئٔين ليڪچر ۾، جنھن جو عنوان سنڌي عوام جي سماجي نفسيات جو تاريخي پس منظر ۽ پيش منظر هو، تي ڳالھائٔيندي ٻڌايو تـه ڪيئٔن ھي وڏيرا اسان جي ماڻھن جي سياسي سمجھه کي مفلوج ڪري انھن کان ووٽ وٺي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويھي سندن ئٔي رت پيا چوسين. اھڙي دور ۾ سنڌي ماڻھن کي پنھنجا اصل دشمن ۽ دوست سڃاڻي ترقيءَ جي منزلن ڏانھن وڌڻ کپي.
چوٿين ليڪچر ۾ نظير لغاري پاڪستان جي هاڻوڪي صورتحال تي ڳالھايو. پنجون ليڪچر عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ عبدالقادر رانٽي انقلابي ڪارڪن جو عوام ۾ ڪم ڪرڻ جي ڏانءُ تي ڏنو، جنھن ۾ هن تفصيل سان بيان ڪندي ٻڌايو تـه ڪيئٔن ھڪ سياسي ڪارڪن کي نظرياتي طور ھٿياربند ٿي عوام ۾ ڪم ڪرڻ کپي.
ٻئي ڏينھن جو آخري ليڪچر روسي انقلاب تي ڊاڪٽر پارس نواز گھانگرو ڏنو. ادي لينن جي زندگيءَ کان وٺي ان جي جدوجھد جو مڪمل خلاصو ڏنو.
ٽئين ڏينھن جي شروعات گيت کان ٿي جنھن کان پوءِ ڪائنات ڏاھري سياسي معاشيات جي بنيادي ڄاڻ تي ليڪچر ڏنو. جنھن ۾ انساني ارتقا جي مختلف دورن ۽ ان دور جي معيشت تي ڳالهھ ٻولهھ ڪئي وئي.
ورڪشاپ جو آخري ليڪچر اسماعيل خاصخيلي ھاڻوڪو روس يوڪرين جو تڪرار ۽ آمريڪي مفاد تي ڏنو. جنھن ۾ هن يوڪرين روس جي جنگ جي سبب کان آمريڪا جو ان سان لاڳاپيل مفاد تائين تفصيل سان ڳالھايو.
هن قسم جا پروگرام هڪ پاسي ته نئين نسل کي دنيا ۽ پنهنجي خطي جي تاريخ جي ڄاڻ فراهم ڪن ٿا ته ٻئي پاسي اهڙين سرگرمين مان اهو تاثر به ملي ٿو ته ڪل جُڳ جا ڪاپڙي اڃا به سنڌ ۾ پيا آهن، جيڪي پنهنجي وطن، پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجي قوم کي علم سان هٿياربند ڪرڻ لاءِ آنڌي مانجهي ڪم کي لڳا پيا آهن. عوامي تحريڪ پاران ڪرايل هي ورڪشاپ واقعي به بهترين عمل آهي، جنهن کي مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جو علم دوست حلقو وڌي سگهي ۽ اهو عملي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪري سگهي.