ايڊيٽرن جي لاءِ اخلاقي ضابطو
سنڌ ايڪسپريس سان لاڳاپيل سڀ ميمبر ان اخلاقي ضابطي جا پابند رهندا جيڪو برطانيا ۾ پريس ڪمپلينٽس ڪميشن طرفان ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڪاپي هيٺ رکي وڃي ٿي. ڪنهن به قسم جي شڪايت لاءِ اسان سان رابطو ڪريو. پريس سان جڙيل ماڻهن جي اها ذميواري آهي ته اهي اعلى ترين پيشيوراڻا معيار برقرار رکندا، اهي ضابطا جنهن ۾ هي تعارفي نوٽ به شامل آهي، ته عوامي مفاد جون شقون پڻ، جيڪي هيٺ بيان ڪيون پيون وڃن؛ اهي ٻئي ملي اهي اخلاقي قدر جوڙين ٿيون، جنهن هيٺ ڪنهن جي انفرادي حقن ۽ عوام جي ڄاڻڻ جي حق جو تحفظ ڪيو وڃي ٿو. اهوئي اهو بنياد آهي جنهن هيٺ هڪ خود نگهداري جو نظام جڙي ٿو ۽ ان سان (صحافتي) صنعت لاڳاپي جو اظهار ڪري ٿي. اهو بيحد ضروري آهي ته متفقه ضابطي جي نه رڳو لفظن، پر ان جي مڪمل روح جو پڻ احترام ڪيو وڃي. ان کي نه ته ايڏو سوڙهو ٿيڻ گهرجي جو انفرادي حقن جي تحفظ جي واعدي جي انحرافي ٿئي، ۽ نه ئي ايترو پکيڙيو وڃي جو اهو اظهار جي آزادي سان گڏ غير ضروري خلل پيدا ڪري، يا شايع ٿيل مواد کي عوامي مفاد کان پري ڪري ڇڏي. اها پبلشر ۽ ايڊيٽرز جي ذميواري آهي ته اهي اخلاقي ضابطي کي پرنٽ ۽ آن لائن ٻنهي ورينز تي لاڳو ڪن. کين ان ڳالهه جي خاطري ڪرائيندي ان جو پڻ خيال رکڻ گهرجي ته پرنٽ ۽ آن لائن صحافت سان جڙيل ماڻهو يعني نه رڳو ايڊيٽوريل اسٽاف بلڪه ان کان ٻاهر جا ماڻهو بشمول غير صحافي ماڻهو به ان تي سختي سان عمل ڪندا رهن.
درستگي
پريس جي لاءِ ضروري آهي ته اها غلط، گمراهه ڪندڙ ۽ مسخ ٿيل ڄاڻ ۽ تصويرون شايع نه ڪري. جيڪڏهن غير معمولي غلطي، گمراهه ڪندڙ بيان ۽ حقيقتون ٽوڙي پيش ڪرڻ جو عمل سامهون اچي ته ترت درست ڪري واضح ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته معذرت پڻ شايع ڪئي وڃي. پريس حمايت ڪرڻ ۾ آزاد آهي پر ان کي حقيقتن، بيانن ۽ نتيجن جي وچ ۾ فرق کي چٽو رکڻو پوندو. ڪنهن جي عزت مجروح ٿيڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن پريس ڌر آهي ته ضروري آهي ته ان جي وضاحت ۾ درستگي ۽ اڻ ڌريو انداز اختيار ڪيو وڃي، ان وقت تائين جيستائين ٻنهي ڌرين ۾ گڏيل مفاهمتي معاهدو اڳيان نٿو اچي. جڏهن ڌريون ڪنهن معاهدي تي پهچن ته اهو پڻ شايع ڪيو وڃي.
جواب جا موقعا فراهم ڪرڻ
(اشاعتي) غلطين جي صورت ۾ جواب ۽ وضاحت جا ڀرپور موقعا لازمي فرام ڪيا وڃن.
پرائيويسي
صحافي تي لازم آهي ته هو هر شخص پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، جي نجي ۽ ڪٽنبي معاملن، گهريلو، صحت ۽ ڊجيٽل رابطن سميت ٻين رابطن جو احترام ڪري. ايڊيٽرن کان اها توقع رکي وڃي ٿي ته اهي بنا اجازت ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ دخل انداز هجڻ جي صورت ۾ ان جي وضاحت ڪندا. ٻي صورت ۾ شڪايت ڪندڙ طرفان سندس ذاتي معلومات عوام ۾ پڌري ڪرڻ تي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. پرائيويٽ جاين تي ڪنهن شخص جي اجازت کان سواءِ ان جي تصوير ڪڍڻ ڪنهن به ريت قبولڻ جوڳي ناهي.
نوٽ: هتي پرائيويٽ (ذاتي) ۽ پبلڪ (عوامي) جاين مان مطلب اهي جايون آهن جتي هڪ حد تائين پرائيويسي جو خيال رکيو ويندو آهي.
هراسان ڪرڻ
صحافي کي ڪنهن کي به هراسان ڪرڻ، دٻاءُ وجهڻ ۽ ڊيڄارڻ جي عمل ۾ ملوث نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو شخص فون ڪرڻ، تصوير ڪڍڻ ۽ سوال ڪرڻ کان روڪي، ته صحافي کي رڪجي وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن هو پنهنجي جڳهه يا گهر تي صحافي کي وڌيڪ رڪجڻ کان منع ڪري ته هن کي ٻاهر نڪري وڃڻ گهرجي ۽ هن جي پويان نه لڳڻ گهرجي. ايڊيٽرز جي لاءِ ضروري آهي ته اهي هنن اصولن ۽ ضابطن کي انهن ماڻهن تي پڻ لاڳو ڪن جيڪي هنن جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان ڳالهه جي خاطري ڪرائين ته اهي ڪن ٻين ذريعن کان اهڙو مواد ته نه پيا آڻين جيڪو اخلاقي ضابطي تحت عمل لائق ناهي.
ڏکويل ۽ سنجيده ماحول ۾ دخل اندازي
ذاتي ۽ شخصي صدمي ۽ غم جي صورتحال ۾ صحافي جو رويو همدرداڻو ۽ رحمدلاڻو هجڻ گهرجي ۽ ان کي شايع ڪرڻ وقت معاملي جي حساسيت جو خيال رکڻ گهرجي. هن کي قانوني چاره جوئي ۾ ڪنهن رڪاوٽ جو سبب نه بڻجڻ گهرجي. خودڪشي جي واقعي جي رپورٽنگ ڪرڻ وقت خودڪشي جي عمل جو غيرضروري ۽ اضافي تفصيل بيان ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
ٻار
ننڍي ڄمار جي ٻارن کي اهو حق هجڻ گهرجي ته اهي غير ضروري مداخلت کان سواءِ اسڪول ۾ پنهنجو وقت مڪمل ڪن. ڪو ٻار جنهن جي عمر 16 سال کان گهٽ هجي، ان کان هن جي ذاتي ۽ ٻئي ٻار جي معاملي تي انٽرويو نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي ان وقت تائين تصويرون ڪڍڻ گهرجن جيستائين هن جا والدين موجود نه هجن يا ان جي اجازت نه ملي وڃي. اسڪول انتظاميا جي اجازت کان سواءِ نه انهن ٻارن جون تصويرون ڪڍيون وڃن ۽ نه انهن سان ڳالهه ٻول ڪئي وڃي. جيستائين ٻار جي دلچسپي واضح نه هجي، ان وقت تائين ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ ڪنهن شئي جي خريداري لاءِ ان کي رقم نه ڏني وڃي، ۽ نه ئي والدين ۽ سرپرستن کي ڪا رقم ڏني وڃي. ايڊيٽرن وٽ ڪنهن ٻار جي ذاتي زندگي تي تفصيل شايع ڪرڻ جو جواز ان جي والدين يا سرپرست جي هاڪاري يا ناڪاري شهرت ۽ معاشرتي مقام نه هجڻ گهرجي.
ٻار ۽ جنسي ڪيس
ڀلي ان جي قانوني اجازت به هجي، پر پريس 16 سال کان گهٽ ڄمار جي اهڙي ٻار جي سڃاڻپ پڌري نه ڪري جنهن تي جنسي حملو ڪيو ويو هجي يا وري اهو اهڙي واقعي جو اکين ڏٺو شاهد هجي. جيڪڏهن جنسي حملي جو ڪو واقعو ٿئي ته خيال ڪجي ته: ٻار جي سڃاڻپ ظاهر نه ٿئي، بالغ جي سڃاڻپ ظاهر ڪري سگهجي ٿي. رت جي رشتي جي صورت ۾ انسيسٽ جو لفظ استعمال نه ڪيو وڃي، البت ٻار جي سڃاڻپ ظاهر ڪري سگهجي ٿي. پنهنجي رپورٽ ۾ احتياط رکو ته رپورٽنگ ۾ ملزم ۽ ٻار جي وچ ۾ تعلق کي ظاهر نه ڪيو وڃي.
اسپتال
معلومات گڏ ڪرڻ جي لاءِ اسپتال جي اهم ۽ پرائيويٽ جاين تي وڃڻ کان پهرين صحافي پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪن ۽ ڪنهن ذميوار کان اجازت وٺن. ايئن ئي اسپتال ۽ ان جهڙن ٻين ادارن ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن جي پرائيويسي ۾ مداخلت تي به اهي ئي پابنديون لاڳو ٿين ٿيون.
ڏوهن جي رپورٽنگ
جيستائين ڏوهه ۾ سڌو تعلق ثابت نه ٿئي، تيستائين ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث ملزم يا مجرم جي مائٽن، عزيزن، رشتيدارن ۽ دوستن جي سڃاڻپ پڌري نه ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪو ٻار ڪنهن ڏوهه جو شاهد يا پاڻ شڪار هجي، ان تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، پر قانوني عمل ۾ ڪا رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي.
ڳجهن اوزان ۽ دوکي سان معلومات حاصل ڪرڻ
پريس کي کپي ته اها اجازت کان سواءِ ڳجهين ڪيمرائن، ٻڌ سڌ رکندڙ اوزارن، ذاتي فون ڪالز جي ريڪارڊنگ، اي ميلز ۽ ميسيجز، يا تصويرن ۽ دستاويزن جي بنا اجازت حاصلات يا انٽرنيٽ جي ذريعي معلومات حاصل نه ڪري ۽ نه ئي شايع ڪري، جيستائين ڪا ٻي راهه نه هجي ۽ صرف عوامي مفاد ئي مٿي رکڻو هجي، تڏهن ئي دوکي سان يا ڳجهي نموني معلومات حاصل ڪئي وڃي، چاهي اها معلومات ايجنٽن ذريعي حاصل ڪئي وڃي يا وچ وارن ماڻهن کان حاصل ڪئي وڃي.
جنسي حملن جو شڪار
جيستائين قانوني طور آزادي نه هجي يا مناسب وضاحت موجود نه هجي، پريس ان وقت تائين جنسي حملن جي شڪار ماڻهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪري ۽ ڪنهن اشاري سان به ان جو اظهار نه ڪيو وڃي.
مت ڀيد ۽ تفاوت
پريس کي ڪنهن مرد ۽ عورت کي ان جي مذهب، رنگ ۽ نسل، ذات، ڪنهن ذهني ۽ جسماني بيماري جي حوالي سان تعصب ۽ مت ڀيد جو نشانو نه بڻائڻ گهرجي. جيستائين رپورٽنگ ۾ ان جي حقيقي ضرورت نه هجي، ان وقت تائين ڪنهن فرد جي مذهب، رنگ ۽ نسل، جنس، ذات ۽ ڪنهن ذهني ۽ جسماني مرض کي ظاهر ڪرڻ کان پرهيز ڪيو وڃي.
معاشي صحافت
ايستائين جو قانون به ان ۾ رڪاوٽ نه وجهي، تڏهن به صحافي پهرين کان حاصل ڪيل معاشي معلومات کي پنهنجي مفادن جي لاءِ استعمال نه ڪري ۽ نه ئي اها معلومات ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري. اهڙي ريت پنهنجي ايڊيٽر ۽ بزنس ايڊيٽر کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪاروباري معاملا ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي شيئرز جي باري ۾ ملندڙ شروعاتي معلومات ۽ راز پنهنجي گهرڀاتين کي پڻ نه ٻڌائي، ته جيئن اهي ان مان مالي فائدا حاصل نه ڪري سگهن. جيڪڏهن ڪنهن ڪمپني جي شيئرز جي باري ۾ هو لکي چڪو آهي يا لکڻ جو ارادو ڪري رهيو آهي ته سڌو سنئون يا ڪنهن دوست يا ايجنٽ جي ذريعي ان جا شيئرز ۽ سيڪيورٽيز جي خريداري ۽ وڪرو نه ڪيو وڃي.
ڳجها ذريعا
صحافين جي اها اخلاقي ذميواري آهي ته اهي معلومات جي ڳجهن ذريعن جو تحفظ ڪن.
ڏوهن جي ڪيسن ۾ شاهدن کي رقم جي فراهمي
قانوني ۽ عدالتي ڪارروائي شروع ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن اهڙي شخص کي نه رقم ڏني وڃي، يا نه رقم جي آڇ ڪئي وڃي جيڪو شاهد هجي يا امڪاني طور تي شاهد بڻجي سگهي ٿو. اها پابندي ان وقت تائين جاري رهڻ گهرجي جيستائين پوليس شڪي شخص کي ڪنهن فرد جرم کان سواءِ غير مشروط نموني آزاد نه ڪري ڇڏي يا ضمانت نه ٿي وڃي يا عدالتي ڪارروائي ختم نه ٿي وڃي، يا ڪورٽ ۾ اعتراف جرم ڪري ڇڏيو هجي يا نه ڪيو هجي يا عدالت ان جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو هجي، ۽ جتي عدالتي ڪارروائي اڃا شروع نه ٿي هجي پر مستقبل ۾ ان جي جاري ٿيڻ جو امڪان هجي. ايڊيٽرن کي گهرجي ته جيڪڏهن ڪو شخص امڪاني طور تي شاهد بڻجي سگهي ٿو ته ان کي ان وقت تائين هرگز رقم نه ڏين ۽ نه ئي ان کي اهڙي آڇ ڪن، جيستائين معلومات جي عوامي مفاد ۾ شايع ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي يا رقم ڏيڻ جي بيحد ضرورت نه هجي. ان معاملي ۾ به اهو خيال رکيو وڃي ته شاهد کي ڏني ويندڙ رقم شاهدن جي شاهدي ۽ ثبوت تي ڪنهن به ريت اثر انداز نه ٿئي. ڪنهن به ريت رقم جي ادائيگي ڪيس جي نتيجي سان مشروط نه هجڻ گهرجي.
ڏوهارين کي رقم جي ادائيگي
ڪنهن ڏوهه کي عام طور تي سامهون آڻڻ جي لاءِ يا ان اسٽوري کي پروان چڙهائڻ جي لاءِ گهربل ضروري تصويرن، معلومات ۽ اسٽوري جي لاءِ رقم سڌي سنئين يا ڪنهن ايجنٽ جي هٿان ان ڏوهاري يا ان جي ساٿين تائين نه پهچڻ گهرجي، جن ۾ هن جي گهر جا ڀاتي ۽ دوست پڻ شامل آهن. ايڊيٽرز جيڪڏهن عوامي مفاد هيٺ پيسا ڏئي رهيا آهن ته ان جو جواز پڌرو ڪرڻو پوندو ته ان ۾ عوامي مفاد کي مٿانهون رکيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن پيسا ڏيڻ باوجود عوامي فائدو نه ٿي رهيو آهي ته بهتر آهي ته اهو مواد شايع نه ڪيو وڃي.
عوامي مفاد: هيٺ ڄاڻايل عوامي مفاد ٿي سگهن ٿا، پر اهي رڳو انهن تائين محدود ناهن.
ڏوهه جي سڃاڻپ ۽ ان کي پڌرو ڪرڻ، يا سنجيده ۽ ڳنڀير صورتحال تان پردو هٽائڻ
عوامي صحت ۽ سلامتي جو تحفظ
ڪنهن فرد يا اداري جي بيان ۽ عمل سان عوام کي گمراهه ٿيڻ کان بچائڻ
اظهار راءِ جي آزادي پاڻ ئي عوامي مفاد جو هڪ حصو آهي.
جڏهن به عوامي مفاد اڳيان هجي، پريس کي اهڙن ايڊيٽرن جي ضرورت هوندي آهي جيڪي ان ڳالهه جو خيال رکن ته جيڪو ڪجهه اهي بيان ڪري رهيا آهن يا شايع ڪرڻ وڃي رهيا آهن يا ان کي شايع ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن، اهو ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت عوامي مفاد ۾ هوندو.
سنڌ ايڪسپريس عوامي پهچ ۾ موجود معلوماتي مواد کي جي وڌيڪ ڦهلاءَ لاءِ ڪوشش ڪندي رهندي ۽ ان کي وڌيڪ عوامي پهچ ۾ آڻيندي. 18 سالن کان ننڍي ڄمار جي ٻارن جي مفادن کي عوامي مفادن ۾ سڀني کان مٿانهون رکيو ويندو.