پاڪستان جي فلم دم مستم جي تڪراري ڊائيلاگن سبب کدڙا فقير عدالت پهچي ويا آهن ۽ انهن فلم مان ڄاڻايل ڊائيلاگ ڪڍڻ تائين نمائش روڪڻ جي استدعا ڪئي آهي. ميڊيا مطابق کدڙا فقيرن جي نمائندي زانيا چوڌري لاهور هائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري فلم جا نامناسب ڊائيلاف ڪڍڻ جي استدعا ڪئي آهي. جڏهن تھ عدالت درخواست کي منظور ڪندي وفاقي حڪومت سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن. درخواستگذار زانيا چوڌري موقف اختيار ڪيو آهي تھ، فلم شامل ڪجهه ڊائيلاگن سان کدڙن فقيرن جا جذبات مجروح ٿيندا، اهي هذف ڪيا وڃن، ڇوتھ کدڙن فقيرن خلاف فلم ۾ ڊائيلاگ آهن، ان جي نمائش سان کين دلي طور رنج پهچندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close