ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

باهه واقعا: تدارڪ ڪيئن ڪجي؟

Editorial

سنڌ ۾ هر ڏينهن باهه لڳڻ جو واقعو پيش اچي رهيو آهي، جنهن ۾ نه رڳو انساني حياتين جو زيان ٿي رهيو آهي پر ان سان گڏ مال متاع ۽ سامان پڻ سڙي رک ٿي رهيو آهي. گرمين جي مند شروع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ باهه لڳڻ جا واقعا شروع ٿي ويندا آهن، جنهن جو هڪ سبب ناهي پر ڪئين سبب آهن. باهه ڪهڙي سبب جي ڪري لڳندي هجي پر اصل مسئلو باهه لڳڻ کان پوءِ انهن ماڻهن جي واهر ڪرڻ آهي، جيڪي باهه لڳڻ جي واقعن کان پوءِ بي يارو مددگار پيا هوندا آهن ۽ ڪوبه ادارو وقت سر انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪونه پهچي سگهندو آهي. جنهن جي ڪري اهي ويتر پريشانيءَ جو شڪار پيا ٿيندا آهن. ڪالهه به باهه لڳڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ ماڻهن جا گهر سڙي ويا آهن.
رپورٽ موجب ميهڙ ڀرسان ڳوٺ نورپور ۾ بجلي تارن مان چڻنگ اٿڻ ڪري 40 کان وڌيڪ ڪکاوان گھرن کي باھه لڳي وئي، باهه سبب گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سمورو الهھ تلهھ سڙي رک ٿي ويو، اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ عملو واقعي واري هنڌ نه پهتو، ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر باهه وسائي نه سگهيا. باهھ وسائڻ جي ڪوشش دوران ھڪ ڄڻو احمد بخش قمبراڻي سڙي زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن فوري طور تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، جتان کيس لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو. باهه متاثرن احمد قمبراڻي، مدد قمبراڻي، نياز قمبراڻي، عبد قمبراڻي، عزيز کوسو، فوجي کوسو ۽ ٻيا گهر سڙڻ بعد عورتن ۽ ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا، باهه سبب 10 کان وڌيڪ ڍور به سڙي زخمي ٿي پيا. هوڏانهن متاثر ماڻهن انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي وقت سر نه پهتي. تعلقي توڙي ضلعي انتظاميا جو ڪو آفيسر واهر ڪرڻ نه آيو آهي، جيڪو ظلم آهي. هنن گهر ڪئي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي. ٻئي طرف ٿرڙي محبت ۾ پوليس اهلڪار شاهد علي جوڻيجو جي گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب نياڻي جي ڏاج سميت سمورو سامان رک ٿي ويو. هوڏانهن ڳوٺ نور پوري ۾ ٿرڙي محبت جي وٽرنري انچارچ ڊاڪٽر نويد سومرو ۽ ميهڙ جي وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار ڳورڙ پهچي سڙي زخمي ٿيل چوپائي مال جو علاج ڪيو. ان کانسواءِ قاضي احمد موڙ وٽ درزي ماشاالله ٽيلرز جي دڪان کي بجلي جي تارن مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 لک روپين جا سبيل جوڙا ۽ اڻ سبيل ڪپڙا سڙي ويا. جڏهن ته ميهڙ لڳ ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙو حسين پٽ بهار چانڊيو ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. باهه سبب فوت ٿيل ٻارن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو. فوتي ٻارڙو واقعي واري ڏينھن باهه ۾ سڙي شديد زخمي ٿيو ھو، جنھن کي ميھڙ مان لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو ھو، جنھن جي حالت نه سڌرڻ سبب کيس ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن دم ڏنو. ياد رھي ته بھار خان چانڊيو جو ھڪ پٽ ۽ ڌي واقعي واري ڏينھن فوت ٿي ويا ھئا، جڏھن ته بھار خان جي فوتي ٻارن جو انگ 3 ٿي ويو آھي.
باهه جي واقعن جي حوالي سان هڪ نئون لائحه عمل جوڙڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙن واقعن کان پوءِ روايتي طريقي سان ڪم نٿو هلائي سگهجي. تنهنڪري پهرين انهن ماڻهن يا ڳوٺن جي انشورنس ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ ماڻهن، گهرن، فصلن، مال ۽ سامان جي انشورنس ضروري آهي. ان کان سواءِ صوبائي سطح تي جيڪا ڊازسٽر مينئجمينٽ آهي، ان کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کي جديد اوزار ۽ مشينري فراهم ڪئي وڃي ته جيئن جتي به باهه لڳڻ جو واقعو پيش اچي ته اها اتي ترت پهچي وڃي. ان کان به اهم ڳالهه پاڻيءَ جي دستيابي آهي. جنهن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن باهه وسائڻ لاءِ پاڻي موجود هجي. انهن اپائن کان سواءِ انهن واقعن کان بچڻ مشڪل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button