ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي پارٽين جو سماچار

Editorial-Article- Umer Qazi

ملڪ جي موجوده صورتحال ڪيئن آهي؟ جيڪڏهن اوهان اهو سوال موجوده حڪمرانن کان سواءِ باقي ٻيو ڪنهن کان پڇا ڪندا ته اهو اوهان کي ان جواب کان سواءِ ٻيو ڪهڙو جواب ڏيندو ته هر حوالي سان اهڙي آهي، جهڙي عمران خان جي دور ۾ هئي. پر جيڪڏهن اوهان اهو ساڳيو سوال عمران خان جي ڪنهن حاميءَ کان پڇا ڪندا ته هو ملڪ جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا تمام تڪليف ڀريا قصا بيان ڪرڻ شروع ڪندو. پر پي ڊي ايم يا پيپلز پارٽيءَ کان پڇا ڪئي ويندي ته هو سوال پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي شڪرالحمد الله چئي اوهان کي اهو اطلاع ڏيندا ته الله جي مهربانيءَ سان ملڪ تمام وڏي تباهيءَ کان بچي ويو. هو اوهان کي ٻڌائيندو ته جيڪڏهن عمران خان پنهنجو مدو پورو ڪري ها ته ملڪ به پورو ٿي وڃي ها. بس سياست جي اها ڪوڙي ڪهاڻي ٻڌندي ٻڌندي اسان جا وار اڇا ٿي ويا آهن پر ملڪي سياست جا اڄ به ساڳيا پار آهن. اها پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن به طرح سان ڪا به بهتر تبديلي آڻڻ جي لاءِ تيار ناهي. هن وقت تائين هن ملڪ جي عوام تبديلي نه ڏٺي آهي. هن تبديليءَ جا نعرا به ٻڌا آهن. هن تبديليءَ جا نغما به ٻڌا آهن. پر هن کي ڪنهن به طرح سان ڪنهن به رخ ۾ ڪا تبديلي نظر نه آئي آهي. آخر اها صورتحال ڪڏهن تبديل ٿيندي؟ ڇا اسان جي ماڻهن جو مقدر اهو آئي ته هو سالن تائين صرف اهي سياسي نغما ٻڌندا رهن ته:
”روڪ سڪو تو روڪ لو
تبديلي آئي ري“
جڏهن ان قسم جي نغمي تي جهومڻ واري کان پڇا ڪبي ته تبديلي ڪٿي آهي ته هن وٽ يقيني طور تي ڪو به جواب نه هوندو. ان ڪري جو ان جو ڪوئي جواب ناهي. اسان وٽ دعوائون آهن. پر اسان وٽ ڪو به ثبوت ڪونهي. اسان ڪنهن کي ٻڌائي نه ٿا سگهون ته آخر اسان جو معاشرو ڪهڙي سبب جي ڪري تبديليءَ جي تقاضا کان ڪٽجي سٽجي بنهه بيڪار ٿي ويو آهي.
سياستدانن وٽ پنهنجا بيانيا هوندا آهن. انهن جي حامين کي پنهنجن هيرن کان سواءِ باقي پوري دنيا ۾ اونداهي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اسان جو هڪ الميو اهو به آهي ته اسان سياست جهڙي انتهائي اهم ۽ اسان جي زندگين سان تمام گهڻي لاڳاپيل ۽ اسان جي زندگين کي متاثر ڪندڙ شيءَ جي باري ۾ به جذباتي رويو رکون ٿا. اسان فڪري طور تي ڪجهه به چئون پر عملي طور تي اسان جو سياست ۾ رويو عقيدت پرستيءَ وارو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ميان نواز شريف وڻي ويو آهي ته بس هن جي ڪل دنيا مريم نواز تائين محدود ٿي وڃي ٿي. مولانا فضل الرحمان وارا ته سياست کي مذهبي ڪن ٿا. انهن وٽ علم ۽ عقل کان وڌيڪ عقيدي جي اهميت آهي پر پيپلز پارٽي جيڪا پاڻ کي لبرل ۽ ترقي پسند پارٽي سڏائي ٿي اها به ان بدعت مان نڪري نه سگهي آهي. ان وٽ به سياست جو تصور تمام گهڻو شخصيت پرستيءَ وارو آهي. اهو تصور ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجو پاڻ پيدا نه ٿيو آهي پر انهن جي ذهنن ۾ وڌو ويو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته بلاول پنهنجي نالي سان ”ڀٽو“ لفظ نه جوڙي ها.
سياست کي عقيدي پرستيءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته عمران خان جنهن خانداني سياست جي خلاف بغاوت جو جهنڊو کنيو ۽ اها حقيقت آهي ته هن مهل تائين هن جي خاندان جي ڪنهن به فرد هن جي پارٽي پليٽ فارم کي استعمال نه ڪيو آهي پر ڇا اها حقيقت ناهي ته عمران خان جهڙي شخص جي پارٽيءَ ۾ هن وقت شديدترين شخصيت پرستي اچي وئي آهي. اسان کي عمران خان جي سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي اهڙا لفظ به پڙهڻ جي لاءِ ملن ٿا، جن جو اظهار اخبار ۾ ڪرڻ ممڪن نه آهي. عمران خان جي حامين جي نظر ۾ عمران خان پاڪستان جو اڪيلو حل آهي. جڏهن ته عمران خان چار سال حڪومت ڪرڻ جي باوجود به ملڪي صورتحال کي ڪنهن به پاسي کان مثبت طرح متاثر نه ڪري سگهيو. هن جي حڪومت مهانگائيءَ جي حوالي سان ايتري مشهور ٿي وئي هئي جو دوڪاندارن ماڻهن کي اهو چوڻ شروع ڪيو هوته ”عمران خان جي حڪومت آهي“ پر اها به حقيقت آهي ته جڏهن عمران خان کي هٽائي ملڪي اقتدار تي شهباز شريف ۽ آصف زرداريءَ وارا ظاهر ٿيا ته ماڻهو عمران خان جي مهانگائي وساري هن جي پويان لڳي ويا. هن وقت پوري دنيا اهو تسليم ڪري ٿي ته عمران خان پاڪستان جو سڀ کان مقبول سياسي اڳواڻ آهي. هن جي مقبوليت جي آڏو ڪو به ملڪي سياستدان بيهڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. عمران خان جي سلسلي ۾ هن جي مخالفن جو اهو خيال آهي ته هن ماڻهن کي عجيب طرح سان پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جڏهن به عوام ڪنهن جو ديوانو ٿي ويندو آهي ته هن کي ڪا به عقل واري ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي.
سياسي پارٽين جو سماچار ته اهو ئي آهي. جڏهن ته عوام جا مسئلا ۽ عام ماڻهوءَ جي حصي ۾ آيل عذابن جو قصو بلڪل الڳ ٿلڳ آهي. عوام جي حوالي سان ملڪ کي ڏٺو وڃي ته اهو هر ڏينهن پهريان کان وڌيڪ پيڙا ڏيڻ جو باعث بڻجي رهيو آهي. اسان جيڪڏهن عمران خان جي دور کي ڏسون ٿا ته ان ۾ اسان کي ماڻهن جون مهانگائي خلاف دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پر جيڪڏهن اسان اڄوڪي صورتحال کي ڀيٽيون ٿا ته اسان کي ڪو فرق نظر نه ٿو اچي. اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي ته هن حڪومت جي خزاني واري وزير اڳواٽ عوام کي تڪليف سهڻ جي لاءِ تيار ڪندي چيو آهي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ بعد مهانگائي وڌندي. عمران خان اهو چوندو هو ته ملڪ ۾ مهانگائي ان ڪري آهي جو حڪمران ڪرپٽ ۽ چور آهن. عمران خان پاڻ ته اهڙو ڪنهن به طرح سان نه هو. پر پوءِ به هن جي دور ۾ مهانگائي ڪنٽرول ۾ اچڻ بدران تمام گهڻي شديد ٿي وئي. آخر ان جو سبب ڪهڙو هو. جيڪڏهن عمران خان جي بقول مهانگائيءَ جو تعلق حڪمران طبقي جي ڪرپشن سان آهي ته گهٽ ۾ گهٽ عمران خان جي دور ۾ حڪومت ۾ مهانگائي گهٽجي نه ها ته وڌي به نه ها. پر اهو ڪجهه نه ٿيو. هن وقت اها صورتحال آهي ته عمران خان کي اياڻو ۽ حڪومت هلائڻ جي عقل کان آجو قرار ڏيڻ واري ڌر جڏهن اقتدار ۾ آئي آهي ته اها پنهنجيون پاليسيون جاري ڪري عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بار گهٽائڻ بدران وڌائي ڇو رهي آهي؟ جيڪڏهن معاشي معاملن جو علم ۽ تجربو مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ وٽ آهي ته پوءِ اهو عمل ۾ ڇو نه ٿو اچي؟ ان جا عوام کي فائدا ڇو نه ٿا پون؟ آخر ڪهڙو سبب آهي ته عوام جي مقدر ۾ صرف ۽ صرف مايوسي آهي؟ آخر اسان جي ملڪ جي ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟
عوام جي تڪليفن کي گهٽائڻ جي اميد جڏهن ڪنهن به طرف کان نه هجي ته پوءِ ملڪ ۾ مايوسيءَ جو پيدا ٿيڻ فطري ٿي پئي ٿو. عمران خان جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ڀلي خوش هجن پر عوام ڪنهن به طور تي خوش ناهي. ڇو ته پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ ن کي ته اقتدار ملي ويو آهي پر سوال آهي ته عوام کي ڇا مليو آهي؟ عوام کي خوش ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه به هٿ نه آيو آهي. جڏهن ته عوام کي مايوس ٿيڻ جي سلسلي ۾ گهڻو ڪجهه مليو آهي. عوام کي هاڻي ان ڳالهه جو يقين ٿي ويو آهي ته هن جي مسئلن جو حل ملڪ جي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ وٽ ناهي. جيڪڏهن هجي ها ته اهو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ته ظاهر ٿئي ها. ڇو ته ملڪ جون جيڪي به وڏيون سياسي پارٽيون آهن، انهن جا سياسي نسخا ڪنهن نه ڪنهن طرح سان استعمال ٿي چڪا آهن پر اسان جو ملڪ اهڙو مريض آهي، جنهن جي معاشي حالت ڪا به پارٽي بهتر بڻائي نه سگهي آهي.
ڇا اها حقيقت ناهي ته اها مسلم ليگ ن هجي يا پيپلز پارٽي هجي يا کڻي تحريڪ انصاف هجي! ملڪ جي هر سياسي پارٽيءَ کي اقتدار مليو آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي ته هڪ ڀيرو نه پر گهڻا دفعا اقتدار مليو آهي پر ڇا انهن پارٽين ملڪ ۾ تر جيتري به بهتري آندي آهي؟ انهن پارٽين جيڪي به اسڪيمون جاري ڪيون، اهي تمام بري طرح سان ناڪام ويون. انهن جو نقصان پارٽين جي سربراهن کي نه پر هن ملڪ کي پيو. ڇا هي ملڪ سياسي پارٽين جي تجربن مان گذري پهريان کان وڌيڪ تلخ نه ٿيو آهي؟ بلڪل ٿيو آهي پر سياسي پارٽيون ۽ انهن جا اکين ٻوٽ پوئلڳ ان موقف کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندا. انهن جي نظر ۾ انهن جي پارٽي ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. جڏهن ته اهڙي قسم جي دعويٰ تي هن وقت تائين عوام ان ڪري اعتبار نه ڪيو آهي جو عوام تڪليف مان نجات حاصل نه ڪري سگهيو آهي.
اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته آخر سياسي پارٽين ۽ ملڪ جي عام ماڻهن جي سوچ ۾ زمين آسمان جو فرق ڇو آهي؟ ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته سياسي پارٽين کي ته دير سوير سان اقتدار ملي ٿو. اقتدار ملڻ شرط انهن پارٽين جي سربراهن کان وٺي ڪارڪنن تائين سڀ کي ڪجهه نه ڪجهه ملي ٿو. پر عوام جي حصي ۾ هن مهل تائين اهڙي حڪومت نه آئي آهي، جيڪا عوام جي خوشحاليءَ جو سبب بڻجي. ان ڪري جيڪا به حڪومت آئي آهي، ان کي عوام ائين اوپرين اکين سان ڏٺو آهي، جيئن هن وقت مسلم ليگ ن ۽ هن جي اتحادي پارٽين جي حڪومتن کي ڏسي رهيو آهي. عوام هن مهل تائين اهڙي عوامي حڪومت جو منتظر آهي، جيڪا ماڻهن جي لاءِ سوچي ۽ ماڻهن جي لاءِ پتوڙي. جيڪا ماڻهن جي زندگين ۾ اها تبديلي آڻي جنهن سان ماڻهو مايوسيءَ مان نڪري دل سان خوش ٿيڻ جي دائري ۾ داخل ٿي سگهن. هن وقت تائين ته عام ماڻهو عذاب جو شڪار آهي. هو اهڙي تڪليف ۾ آهي، جنهن جو سرڪار کي احساس به ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button