ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين حڪومت جون پريشانيون

Editorial-Article-Asar Imam

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيرِ اعظم جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ منظور ٿي وئي. ان کان اڳ 1989 ۾ تڏهوڪي وزيرِ اعظم محترمه بينظير ڀٽو ۽ 2006 ۾ شوڪت عزيز جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آندي وئي جيڪا ڪامياب نه ٿي سگهي هئي.
جيتوڻيڪ اسٽيبلشمينٽ ان ڳالهه جي وضاحت ڪري چڪي آهي ته عمران خان کي هٽائڻ ۾ پرڏيهي سازش وارو الزام بي بنياد آهي پر ان سان عمران خان کي سياست ۾ زهر اوتڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي. هُو مذهب ۽ حب الوطنيءَ کي هڪڙي ئي اُکريءَ ۾ ڪُٽي سٽي پنهنجي پر ۾ هڪڙي نئين ڦَڪي تيار ڪري چڪو آهي جيڪا عوام کي کارائڻ کان پوءِ انهن کي پنهنجي پسند جي ڌُن تي نچائي سگهندو. بينيٽو مسولينيءَ کان وٺي ايڊولف هٽلر تائين ۽ اسان واري الطاف ڀائيءَ کان وٺي عمران خان تائين شخصيت پرستيءَ کي اڀاريندڙ ۽ فاشسٽ اڳواڻ ائين ئي ڪندا رهيا آهن. ويهين صديءَ جي وچ ڌاري به فاشسٽ اڳواڻن کي ٻڌڻ ۽ انهن جي تقريرن تي ڪنڌ ڌوڻڻ لاءِ لکين ماڻهو موجود هوندا هئا.
خان صاحب جي زهريلي سياست جي هڪڙي جهلڪ دنيا پنجاب اسيمبليءَ ۾ وڏي وزير جي چونڊ دوران ڏٺي. جتي تحريڪِ انصاف جي عام ڪارڪنن نه پر پارليامينٽيرينس پاڻ جهڙي پارليامينٽيرينس خلاف تشدد جو رستو اختيار ڪيو. صوبي جي اڳوڻي وڏي وزير جي استعفى کان پوءِ نئين وڏي وزير لاءِ چونڊن جو مرحلو ان وقت تائين شروع نه ٿي سگهيو جيسيتائين لاهور هائي ڪورٽ مداخلت نه ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کان پوءِ تحريڪِ انصاف سان لاڳاپيل صوبي جي گورنر نئين وڏي وزير کي قسم کڻائڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو آهي ته وڏي وزير جي چونڊ وارو عمل غلط هئو. ايتري تائين جو ان معاملي ۾ به عدالت سڳوريءَ کي سڌو سنئون صدرِ مملڪت کي چوڻو پيو ته پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير کان قسم کڻائڻ لاءِ پنجاب جي گورنر جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي مقرر ڪيو وڃي.
اقتدار جي منتقليءَ ۾ هن ڀيري جيتري ڏکيائي پيش آئي آهي، ملڪي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ايتري ڏکيائي پيش نه آئي آهي. اقتدار کان بي دخل ٿيڻ کان پوءِ به عمران خان حڪومت کي پنهنجي عوامي جلسن ۽ ريلين ذريعي مجبور ڪري رهيو آهي ته حڪومتي وهنوار رڪجي وڃي ۽ يا ته حڪومت پاڻ يا وري اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کان پوءِ وقت کان اڳ ئي عام چونڊون ڪرائي جنهن ۾ خان صاحب جو خيال آهي ته هُو ۽ سندس پارٽي وڏي اڪثريت سان سوڀاري ٿي ايندي.
ميان شهباز شريف جي اتحادي حڪومت اٿندي ئي ڏکيائين ۾ وڃي ڦاٿي آهي. يقينن حڪومت ٺهڻ کان اڳ به اهڙي اميد هئي. ڇاڪاڻ ته ملڪ رڳو هاڻي نه پر گھڻي عرصي کان معاشي گهوٽالي، انتظامي بدحالي ۽ خراب حڪمرانيءَ جو شڪار آهي. ميان شهباز ۽ سندس اتحادين کي اسان کان وڌيڪ ان ڳالهه جو اندازو هئو ته حڪومت ڪرڻ آسان نه هوندو. پر اقتدار جي لالچ اوهان کي آخري بال تائين کيڏڻ يا آخري گوليءَ تائين وڙهندو رهڻ جي همت ڏيندي آهي. نئين حڪومت جي ڪابينا جوڙڻ ۾ جيتري دير ٿي ان منجهان به اهو واضح ٿي ويو ته حڪومت حاصل ڪرڻ ايترو ڏکيو ڪم نه هئو جيترو حڪومت هلائڻ ڏکيو آهي. اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته نئين حڪومت سياست ڪرڻ ڇڏي ڏئي ۽ اها ملڪ جي معيشت کي دڳ لائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي خدمتن ۽ صلاحيتن جو اظهار ڪري. وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري ۽ ملڪ ۾ توانائيءَ جي بحران تي ضابطو آڻي. اهو ئي سبب آهي جو وزيرِ اعظم ڪابينا جي پهرئين اجلاس کي خطاب ڪندي به اهو ئي چيو هئو. بهرحال اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ سولو ڪونهي. ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت وٽ اتحادين سميت به پارليامينٽ ۾ معمولي اڪثريت آهي. جنهن ڪري تحريڪِ انصاف کان ان کي بهرحال خطرو آهي. نه رڳو تحريڪِ انصاف پر اتحادين کان به خطرو آهي ته متان اهي ڪنهن وقت ڀڄي نه وڃن ۽ حڪومت جي اها معمولي اڪثريت به ختم نه ٿي وڃي. جيتوڻيڪ حڪومت لڳاتار اهو چوندي رهي آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون پنهنجي طئي ٿيل آئيني شيڊيول مطابق ايندڙ سال ئي ٿينديون پر عمران خان جهڙي نموني دٻاءُ وجهي رهيو آهي ۽ ان سان ڪجهه طاقتور ادارن جي مڪمل مدد نه سهي پر انهن ادارن ۾ ويٺل ڪجهه طاقتور ماڻهن جي سهڪار سبب شڪ شبها پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته متان ڪا گڙ ٻڙ ٿي پوي ڇاڪاڻ ته پاڪستان اندر ڪنهن وقت به ڪجهه به ممڪن هوندو آهي. عمران خان جي خلاف فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچڻ ۾ ايتري دير، سگهاري شخصيت جي خلاف ٽوئيٽر ٽرينڊ، ايڪسٽينشن نه وٺڻ واري پريس ڪانفرنس ۽ عمران خان جو هن وقت تائين گرفتار نه ٿيڻ به ان سان جڙيل آهي. سطح تي نظر ايندڙ سياسي بحران رڳو ظاهري ڏيک آهي. اصل ۾ بحران ڪو ٻيو آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي ان ريت اظهاري رهيو آهي. گهر جو جهيڙو اڃان تائين مڪمل طور تي ختم نه ٿيو آهي. ان ڪري گهر وارن جي ٿوري ٿڪي فرق سان هڪ جهڙي هلندي پڄندي هئڻ ڪري معاملا نبيري ڏانهن نه پيا وڌن.
سياسي بحران کان وڌيڪ ملڪ ۾ معاشي ۽ خاص ڪري توانائيءَ جو بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي. هن وقت بجليءَ جي پيداوار ۽ کپت جو فرق 7500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي جيڪو ايندڙ وقت ۾ اڃان وڌڻ جا امڪان آهن. ٻئي پاسي اها اڳ ڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي ته مئي جو مهينو پاڻ سان گڏ ٻين سمورين براين سان گڏ گرميءَ جي سخت لهر به کڻي پيو اچي. ان ڪري نئين حڪومت لاءِ پريشانيون جام آهن.
بجلي مهانگي ڪرڻ کان پوءِ حڪومت تي دٻاءُ آهي ته پيٽرول تي سبسڊي ختم ڪري جنهن سان پيٽرول جون قيمتون وڌي وينديون ۽ پوءِ هر شئي جيڪا اڳ ئي تمام گھڻي مهانگي ٿي چڪي آهي، اڃان وڌيڪ مهانگي ٿي ويندي. جيتوڻيڪ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري وزيرِ اعظم هڪڙو ڀيرو رد ڪري ڇڏي هئي پر آئي ايم ايف سان اسلام آباد جي سمجهوتي جي نتيجي ۾ دير سوير ائين ئي ڪرڻو پوندو. حڪومت مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ شايد ڪجهه ٻين معاملن تي به سوچيندي هجي پر اها وڌ ۾ وڌ ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري سگهندي. دفاعي بجيٽ توڙي حڪمرانن جا شاهي خرچ گھٽائڻ جي ته منجهس مجال ڪانهي. سو حاصل مطلب اهو ته ڦري گھري وري به عوام کي ئي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. روڊ رستا ۽ پليون نه ٺاهيون وينديون. ميڙي سيڙي آئي ايم ايف کي ڏوڪڙ ڏيڻا پوندا يا وري دفاعي ۽ حڪومتي ٺٺ ٺانگر تي خرچ ڪيو ويندو.
ان ڳالهه جا چِٽا امڪان آهن ته آئي ايم ايف پاڪستان کي هلندڙ سال ئي 8 ارب ڊالرن تائين نئون قرض ڏئي رهي آهي جنهن منجهان 2 ارب ڊالرن جي ته منظوري به ٿي وئي آهي. پر ظاهر آهي پيسا مفت ۾ نه ملندا آهن نه وري اهي وڻن تي ڦٽندا آهن. سو پاڪستان کي ان قرض جي قيمت چڪائڻي پوندي. چيني شهرين کي خودڪش ڌماڪي ذريعي قتل ڪرڻ ۽ سنڌ اندر ريلوي لائين تي بم ڌماڪن جو مطلب آهي آمريڪي لابي توهان کي اها اجازت هرگز نه ڏيندي ته توهان آمريڪي سهڪار سان آئي ايم ايف وغيره کان قرض به وٺندا رهندئو ۽ چين سان هماليه جبل جهڙي ياريءَ جا گيت به ڳائيندا وتندئو. امداد يا قرض ڏيڻ واريون ڌريون چاهينديون آهن ته توهان انهن جا ڳيجهو بڻجي رهو. گھٽ ۾ گھٽ سندس دشمنن سان دوستيءَ جي هام ته بلڪل نه هڻو. اهي دهشتگرد ڪارروايون ٻئي پاسي وري دفاعي بجيٽ ۾ اضافي ۽ رينجرز جي لاءِ مخصوص صوبائي بجيٽ ۾ پڻ اضافي کي جائز ۽ ضروري قرار ڏين ٿيون. اهي ڪارروايون سنڌ اندر رينجرز جي اڻ ڄاتل مدي تائين رهائش کي به جائز ۽ ضروري قرار ڏين ٿيون.
جيڪڏهن آئي ايم ايف کان پيسا ملي وڃن ٿا ته ميان شهباز شريف جي حڪومت کي ساهي پٽڻ جي مهلت ملي ويندي. جنهن جي هن وقت کيس تمام گهڻي ضرورت به آهي.
بهرحال حڪومت کي اها خبر هئڻ گھرجي ته عمران خان جي خلاف بيان بازيءَ ذريعي گھڻو وقت اقتدار قائم نه رکي سگهبو. اسان جي ماڻهن جو يادگيرو تمام گھڻو ڪمزور آهي. مٿان وري اهي پنهنجي آڪهه کي ٻه ويلا ماني کارائڻ لاءِ پريشان آهن ته کين ڊگهي مدي واريون ڳالهيون ۽ خبرون چارون ياد نه رهنديون. ٿوري وقت کان پوءِ ڪنهن کي اهو ياد هوندو ته مهانگائيءَ جي انتها ۽ معاشي بدحالي جو ڪارڻ عمران خان هئو. ظاهر آهي ماڻهو اهو سمجهڻ لڳندا ته سڀ ڪجهه موجوده وزيرِ اعظم ميان شهباز شريف جي ڪري ٿي رهيو آهي. ان ڪري جلد کان جلد صورتحال کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي ٻي صورت ۾ هاڻوڪي حڪومت جو حشر به تحريڪِ انصاف جي حڪومت جهڙو ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button