پاڻيءَ جي کوٽ جو سلسلو جيئن هليو آهي، ان کان پوءِ سنڌ جي هر ضلعي ۾ ماڻهو پاڻي کوٽ جون دانهون ڪري رهيا آهن. آبادگار پوکيءَ لاءِ پاڻي نه ملڻ ڪري احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هر سال خريف شروع ٿيندي ئي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بنهه گهڻي ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري هڪ پاسي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو آهي ته ٻئي پاسي پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ به ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيندي آهي. جڏهن ته اهو ڪو اهڙُو مسئلو ناهي، جيڪو حل نه ٿي سگهندو هجي. پاڻيءَ جو زيان ٿيڻ، پاڻي پئسن تي وڪرو ٿيڻ ۽ ان کان سواءِ بااثرن کي لفٽ مشينن وسيلي فراهم ڪرڻ جو سلسلو بند ٿي وڃي ته گهڻي حد تائين پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو پر ان پاسي نه ته آبپاشي کاتو ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار آهي نه ئي وري لاڳاپيل انتظاميه ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن جي ڪري شهري پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ مٺي شهر ۾ به شهرين پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو آهي.
مٺي شهر جي مختلف ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي 3 مهينن کان بند هجڻ سبب رهواسي آزار ۾ اچي ويا آهن، جنهن خلاف شھرين روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪيو. مختلف ڪالونين جي رهواسين منسک سوٽهڙ، وجئه ساگر، ڪشور هميراڻي، نريندر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري مک شاهراهه بائي پاس روڊ تي ٽائين کي باهيون ڏئي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٿر ڪول ايريا ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين سميت سموري ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ايس ايڇ او مٺي ماجد ڪي ڪي پهچي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي رهواسين ڳالهائيندي چيو ته اڪثر ڪالونين کي 3 مهينن کان پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ٿيو آھي، اڃ وگهي مري رهيا آھيون، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جا ڪامورا رڳو ٻه چار مخصوص ڪالونين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري باقي 80 سيڪڙو آبادي کي پاڻي نٿا ڏين، جنهن سبب دربدر ۽ پريشان آھن، پاڻي ٽئنڪر مافيا معرفت وڪرو ٿئي پيو. پبلڪ هيلٿ جا ڪامورا بجيٽ ھڙپ ڪرڻ ۾ پورا آھن، پاڻي 3 مهينن کان بند آھي، پر ڪير نوٽيس وٺڻ وارو ناهي. چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا وٽ چڪر لڳائي ٿڪجي پيا آھيون، پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن گهر ڪئي ته اسان کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
مٺي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آر او پلانٽ پاڻي فراهم ڪرڻ جو بهترين وسيلو آهن، پر تنهن هوندي به اتان جا ماڻهو پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. آر او پلانٽس تي باقاعدي عملو مقرر ڪيل هوندو آهي، جنهن جو ڪم نه رڳو انهن پلانٽن جي سارسنڀال لهڻ هوندو آهي پر انهن کي فعال ڪرڻ به هوندو آهي پر هن وقت تائين ڪيترن ئي آر او پلانٽن جي بند هجڻ جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ ان کان سواءِ عملي کي پگهار نه ملڻ جون شڪايتون اينديون رهنديون آهن. جيڪڏهن اهي پلانٽ واقعي به بهتر نموني ڪم نه ڪري رهيا آهن ته پوءِ انهن تي ايتري لاڳت لڳائڻ جو ڪهڙُو فائدو، جڏهن ته انهن جو بنيادي مقصد ئي اهو هو ته ڏورانهن علائقن ۾ پاڻي پهچايو وڃي يا اهي شهري آباديون جتي پاڻي بهتر نموني پهچي نه پيو سگهي، اتي پاڻيءَ جي رسد آسانيءَ سان ڪئي وڃي پر هن وقت تائين گهڻي ڀاڱي اهي آر او پلانٽ عوام لاءِ لاڀائتا ثابت ڪونه ٿي سگهيا آهن پر مٺي جا ماڻهو رڳو آر او پلانٽ جي پاڻيءَ تي ڀاڙي نٿا سگهن بلڪه انهن کي پاڻي فراهم ڪرڻ شهري انتظاميه جي ذميواري آهي. تنهنڪري اهو ڏسڻ گهرجي ته ڪٿي ڪوتاهي ٿي آهي جو شهرين کي پيئڻ جو پاڻي ڪونه پيو ملي.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت سنڌ ۾ جتي جتي به پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ لڳي پئي آهي. ان کي پورو ڪرڻ لاءِ شهري انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن ناهي ته ماڻهو پاڻيءَ جي کوٽ کي به ڀوڳين ۽ اهي احتجاج به نه ڪن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ کي ڊيگهه نه ڏني وڃي ۽ مٺي جي ماڻهن جي احتجاج کي اهميت ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته ٿر جو اهم ترين شهر جيڪڏهن پاڻيءَ کان محروم لڳو پيو آهي ته انهن علائقن جي ڪهڙي حالت هوندي، جتي پاڻيءَ جي رسائي ناممڪن عمل لڳي ٿي. تنهنڪري اتان جي چونڊيل نمائندن کي به پنهنجن شهرين جي شڪايت ٻڌڻ گهرجي ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن اڳيان هلي اهو مسئلو وڌيڪ سنگين نه ٿئي.