شوبز

ڀارتي ڳائڻي حديقا جي گيت جو چوري ريميڪ ٺاهي ورتو

ڀارتي ڳائڻي ڪانيڪا ڪپور پاڪستان جي مشهور ڳائڻي حديقا ڪياني جي ڳايل مشهور گيت بوهي باريان جو چوري ريميڪ ٺاهي ورتو آهي. ميڊيا مطابق حديقا ڪياني جو گيت بوهي باريان 2018ع ۾ رليز ڪيو ويو هو. حديقا ڪياني پنهنجي هڪ پوسٽ ذريعي ڄاڻايو آهي تھ ڪانيڪا ڪپور اجازت ۽ رائلٽي ڏيڻ بنا منهنجي گيت جي ڪاپي کي ڪيو آهي. هن چيو تھ هن گيت کي منهنجي والدا لکيو ۽ مون ڳايو، اڳ بھ ان گيت کي گهڻا ڀيرا چوري ڪيو ويو، پر انهن منهنجو حوالو ڏنو هو تھ هي گيت ان جو ڳايل آهي. هن چيو تھ منهنجا گيت چورائيندڙ راڳين جي خلاف ناهيان، پر انهن جو هي طريقو درست ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button