
پاڪستاني اداڪارا آمنا الياس جي نئين فوٽو شوٽ جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن، جن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي. ميڊيا مطابق آمنا الياس پيلي رنگ جي وڳي ۾ نيون تصويرون شيئر ڪيون، جن مداحن جي دلين کي موهي وڌو ۽ انهن تصويرن تي ڪمنٽس ڏئي پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي، ان کان اڳ اداڪارا جي بولڊ تصويرون شيئر ڪيون تھ مداحن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو هو.