ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ

Editorial

اونهاري جي موسم ايندي ئي سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي. هڪ پاسي زرعي پاڻي اڻلڀ هوندو آهي ته ٻئي پاسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به عوام پريشان هوندو آهي. هيل به سنڌ ۾ پاڻ جي اهڙي کوٽ پيدا ٿيل آهي، جنهن خلاف مختلف شهرن ۾ شهرين ۽ آبادگارن پاران احتجاج ٿيندا رهن ٿا. ڪلهوڪين اخبارن ۾ پڻ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجن جون خبرون شايع ٿيون آهن. مقصودو رند ۾ لنڊو شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته “آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب لنڊو شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جنھن ڪري اسان وونئڻن جو فصل ڪاھي ناهيون سگھيا، جيڪو ڪجهھ ڪاھيو آھي، اهو سڪي سڙي ويو آهي، آبپاشي عملي وارا رڳو ھڪ ھفتو مسلسل شاخ ۾ فل پاڻي ڇڏين ته اسان پنھنجا فصل ڪاھي سگھون، پر شاخ ۾ پاڻي ايترو ڇڏيو ويندو آھي جو واٽر ڪورسن تائين نه ٿو پھچي، جنهن سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آھن ۽ چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آھي. اسان جي شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته اسان فصل ڪاھي سگھون.” سيتاروڊ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف شھري ھٿن ۾ پاڻي جا گيلن کڻي روڊن تي نڪري آيا. هنن احتجاجي مظاھرو ڪري پبلڪ ھيلٿ ۽ ٽائون انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شهرين چيو ته “پبلڪ ھيلٿ ۽ ٽائون انتظاميا جي نااھلي سبب شھري پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رھيا آھن، شھري رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به پاڻي پئسن عيوض وٺڻ تي مجبور آهن، مسجدن ۽ گھرن ۾ غسل ۽ وضو جو پاڻي نه ھجڻ ڪري روزيدار سخت پريشان آھن. چمبڙ جي اڪثر شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، جنهن خلاف آبادگارن ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ چمبڙ نصير برانچ جي سب ڊويزن چانگ جي ڇڇ شاخ، بجر شاخ ۽ ٻين ڪيترن ئي شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف سوين آبادگارن سب ڊويزن چانگ جي مين ريگيوليٽر بشير آباد موري تي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، جنهن دوران آبادگارن آبپاشي عملي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته “گذريل 3 مهينن کان اسان جي شاخن ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي، نصير واھه ۾ پاڻي اچي ٿو ته آبپاشي عملو شاخن جا در بند ڪري بااثرن کان ڳري رشوت وٺي ڊي اوز واٽر ڪورسن ۾ پاڻي پهچائين ٿا. نصير واھه ۾ پاڻي گهٽ ٿيڻ تي عملو شاخن جا گيٽ کولي ٿو، بااثر زميندارن کان آبپاشي عملو رشوت وٺي پاڻي پهچائي پيو، اسان وٽ پاڻي پهچي نٿو، ان ڪري پريشان آهيون ۽ جانور، پکي ۽ ٻار اڃ مري رهيا آهن، اسان جون زمينون آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان بنجر بڻجي رهيون آهن. هوڏانهن چمبڙ بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ، ميرانخواري شاخ ۽ زئور شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن ٻئي ڏينهن به آبپاشي آفيس جي مک گيٽ اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي. آبادگارن دانهيندي چيو ته “اسان گذريل 2 مهينن کان احتجاج ڪندا پيا اچون، پر آبپاشي عملو توڙي چونڊيل نمائندا ٻڌن ئي نٿا، اسان مجبور ٿي مرڻ گهڙي تائين علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي آهي، جيستائين اسان کي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويندو، تيستائين بک هڙتال جاري رهندي.”
آبپاشي سب ڊويزن قاضيا بدين جي گنج بحر شاخ جي پوڇڙ ۾ گذريل ٽن مھينن کان پوڇڙ ۾ پاڻي نه پھتو آهي مذڪوره سب ڊويزن جي ھلندڙ واري دوران گنج بحر تي رکيل داروغي پئسن عيوض واٽرڪورس ٽوڙائي ڇڏيا آهن شاخ جي پوڇڙ ۾ واري اڏامڻ لڳي آهي پاڻي نه ھئڻ ڪري مال اڃ مرڻ لڳو آهي آبادگارن جا پوکيل فصل ۽ مال جو چارو مڪمل سڙي ناس ٿي ويو آهي.
ڊگهي وقت کان سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجن جو اهو سلسلو جاري آهي پر حڪمرانن جي ڪنن تي هن مهل تائين ڪا جونءِ به نه چري آهي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو فوري طور نوٽيس وٺي، زرعي ۽ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button