ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اتحادي حڪومت ۽ ملڪ جي بحرانن جو جائزو!

Editorial-Article- Ali Muhammad Memon

ملڪ جي اڳوڻي فاشسٽ حڪومت مان نجات ۽ عمران خان واري سونامي سرڪار واري ڪاري دور جو خاتمو ٿيڻ، ملڪ جي سياسي ۽ پارليماني تاريخ جو يقينن هڪ تمام وڏو واقعو آهي، ملڪ کي ڪپتان واري آپگهاتي حڪمراني جي وڌيڪ هاڃيڪارن کان بچائڻ ۾ ڪاميابي يقينن تمام وڏو ۽ خوشگوار واقعو بنجي ويو آهي. ملڪ جي جهاز جي ڪپتاني واري سيٽ تان جنوني ڪپتان کي هٽائي نئين ڪپتان حوالي ڪرڻ سان ملڪ هنگامي حالت ۽ طوفانن جي گهيري مان نڪرڻ شروع ٿي ويو آهي. ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز اکين ڏٺن خطرن ۽ تباهي کان حادثاتي طور بچي نڪرڻ سان عوام ۾ يقينن خوشي،سرهائي ۽ ڪنهن حد تائين ذهني سڪون ضرور محسوس ڪيو پيو وڃي. آئيني طريقيڪار سان ملڪ ۾ پرامن طور آندل حڪومتي تبديلي يقينن اچرج ۾ وجهڻ وارو ڪم ٿيو آهي، جنهن تي اڃا تائين پنهنجي اکين تي اعتبار نه ٿو اچي ته، جنهن ملڪ ۾ معمولي بهانن سان ملڪ ۾ سالن جا سال مارشل لا لڳائڻ عام رواجي ڳالهه هئي اهڙي قسم جي هاڃيڪار حالتن جي باوجود پهريون ڀيرو ملڪ پراڻي حادثي کان محفوظ رهيو ۽ پارليامينٽ طرفان وزير اعظم کي بي اعتمادي واري رٿ ذريعي تبديل ڪيو ويو.
ملڪ ۾ 2018ع وارين تڪراري چونڊن ۽ بدليل نتيجن ذريعي اقتدار ۾ آندل زورآور سونامي سرڪار ۽ هڪ بددماغ ۽ بدمست حڪمران کي تبديل ڪرڻ وارو ڪارنامو يقينن ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته، قوم ۽ ملڪ کي قدرت جي ڪا وقت سر مدد پهچي وئي جو قوم جا ساهه گهٽجڻ کان بچي ويا آهن ۽ ملڪ وري پنهنجي سڪون واري رنگ، ترنم ۽ سنگم ۾ اڳتي وڌڻ لڳو آهي. امن پسند قومن ۽ ماڻهن وارن ملڪن ۽ معاشرن ۾ هڪٻئي کي لتاڙي اڳتي وڌڻ کي پسند نه ڪيو ويندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ان ڳالهه جي وڌيڪ قدر ۽ قبوليت هوندي آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن، ملڪ تي سياسي ۽ معاشي بحران ڪهڙي به قسم جا هجن پر حوصلا سلامت رهڻ گهرجن، اتحاد ۽ محبتون برقرار رهڻ گهرجن، دنيا جا ڪم پيا هلندا پر رشتا ۽ ناتا سگهارا رهڻ گهرجن. پريت ۾ برڪت ۽ ڪلفتن واري حالت ۾ بي برڪتي ۽ نقصانڪاريون وڌي وڃن ٿيون. جهيڙن، فسادن، نفرتن،گلا غيبت، تڪبر، هوڏ ۽ هر وقت رڙيون ڪري ڳالهائيندو رهڻ ۽ وات مان ڪا به چڱي ڳالهه نه نڪرڻ، نه ڪو پاڻ چڱو ڪم ڪري سگهڻ ۽ نه ٻئي ڪنهن کي ڪرڻ ڏيڻ واري ڪيفيت يقيني طور تي ماڻهن کي بيزار ڪري وجهندي آهي. هر وقت بداخلاقي ۽ ننڍ وڏائي جو لحاظ ۽ هڪٻئي جي عزت ۽ احترام نه ڪرڻ واري هلت ۽ حالت اڪثر ڪري ناقابل برداشت ٿي ويندي آهي ۽ سماج ، خاندانن ۽ نجي زندگي تي وڏا ڪهري اثر پوندا آهن ۽ مانائتي انساني معاشري ۾ ذهني دٻا ۽ سماجي انتشار ۽ بيزاري مٿي اڀرڻ لڳندي آهي ۽ پوءِ هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي جو اهڙي حالت هر قسم جي نفعي ۽ بهتري جي ڳالهين جي باوجود زهر بنجي ويندي آهي. اهڙي صورتحال جي حوالي سان ئي سنڌي ۾ مشهور چواڻي آهي ته” سائين! اهڙو سون به گهوريو جيڪو ڪن ڇني.“
هوڏانهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ملڪ جي هاڻوڪي سياسي اٿل پٿل ۽ عمران خان جهڙي بددماغ حڪمران ۽ سندس حڪومت کي ملڪ جي جمهوري سرشتي ۾ آئيني طريقيڪار تحت نيڪالي ڏيارڻ ۽ سمورين مايوس سياسي جماعتن ۽ قوتن کي پنهنجو پاڻ ۾ ويساهه رکڻ ۽ جمهوريت جي انتقام کي پنهنجو هٿيار بڻائي ۽ عوامي هلچل واري مدد سان وڏي حوصلي، همت ۽ بردباري سان شڪست ڏيارڻ ۾ جهڙي ريت شاندار اڳواڻي وارو عملي مظاهرو ڪيو انهي سندس خيالن، فڪر ۽ سياسي فلسفي کي حيرت انگيز طور تي ثابت ڪري سموري ملڪ ۽ دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. اچرج واري ڳالهه ته اها آهي جو 2018ع واري ٿيل تڪراري چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان برداشت ڪندڙ جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي هئڻ ۽ سمورين جماعتن طرفان چونڊن جي نتيجن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ قسم نه کڻڻ جي باوجود نه صرف پنهنجي جماعت جي پارليامان جو حصو بنجڻ جو فيصلو ڪيو ۽ تنهن وقت جي مخالف ڌر جي جماعتن ۽ هاڻوڪي سمورين اتحادي ڌرين کي پڻ پارليامان جو حصو بنجڻ ۽ پنهنجن عهدن جا قسم کڻڻ تي پڻ قائل ڪيو. اڳتي هلي پارليماني ۽ جمهوري سياست کي پنهنجي مضبوط ۽ سگهاري هٿيار طور استعمال ڪيو ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان واري بدمست ۽ بددماغ حڪومت کي ملڪ تي ٿاڦيل ۽ ناجائز حڪومت طور مشهور ڪيو ۽ ثابت به ڪري ڏيکاريو. اهڙي ريت، سمورا اختيار ۽ هٿيار رکندڙ حڪومت کي ساڻو ڪري ڪيرائي پڻ ڏيکاريو. ملڪ ۾ هن وقت قائم اتحادي حڪومت جو اصل محرڪ جيڪر بلاول ڀٽو زرداري کي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. باقي حصيدارن ۾

آصف علي زرداري، شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان، سردار اختر مينگل ۽ اسفندر يار ولي ۽ ٻين سياستدانن جو ڪردار پڻ مڃتا وارو آهي. ملڪ ۾ هن وقت 13 جماعتن ۽ قومي اسيمبلي جي آزاد ميمبرن ۽ ڌرين تي مشتمل اتحادي حڪومت قائم ٿي وئي آهي ۽ اهو اتحاد وزير اعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ملڪ جون واڳون سنڀالي چڪو آهي. ملڪ ۾ حڪومت واري تبديلي آئيني، جمهوري ۽ پارليماني طريقي سان خير ۽ خوبي سان ٿيڻ کي انهي سرشتي جي گذريل 15 سال لڳاتار جاري رهڻ سان اڳ کان ڪجهه قدر سگهارو بنجي وڃڻ پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو جنهن ڪري ملڪ هڪ وڏي حادثي کان بچي ويو. هن وقت ملڪ ۾ اتحادي جماعتن جي حڪومت، ملڪ جي نئين ڪپتان وزير اعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ قائم ٿي آهي. حڪومت پنهنجي ٿورڙن ڏينهن ۾ اڃا ماڻهن کي گهڻو ڪجهه ڏئي ته نه سگهي آهي پر ملڪ ۽ قوم جي وڌيڪ ڦرجڻ کان نجات ۽ هاڃيڪارين واري کٽڪي کان محفوظ ٿي وڃڻ کي ئي تمام وڏي ڪاميابي ۽ سوڀ ڪري سمجهيو پيو وڃي.
ملڪ ۾ اتحادين جي گڏيل حڪومت ۾ شامل هرهڪ جماعت کي سندس پارليامان ۾ حاصل عددي حيثيت جي حساب سان وزارتن جي صورت ۾ شراڪت داري ملي رهي آهي. اتحادي حڪومت جي وزارتن جو وڏو حصو پارليمان جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ نواز کي حاصل آهي ۽ ان بعد پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي پارلياماني طاقت موجب حڪومت ۾ حصيدار آهي. پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف کي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر بنائڻ کان علاوه وڌيڪ 11 وفاقي وزارتون پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حصي ۾ آيون آهن. جنهن پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پرڏيهي وزير واري عهدي تي فائز ٿيڻ کي هاڻوڪي اتحادي حڪومت جي مضبوطي ۽ پيپلز پارٽي جي مستقبل جي رٿابندي جي حوالي سان تمام اهم فيصلو قرار ڏنو پيو وڃي. بلاول ڀٽو جي پنهنجي عملي زندگي جي شروعاتي سالن ۾ ئي ملڪ جي پرڏيهي لاڳاپن واري اهم عهدي کي سنڀالڻ ڪري ملڪ جي دنيا جي معاملن ۾ سفارتڪاري ۽ نمائندگي ڪرڻ اهڙا عملي تجربا ۽ دنيا ۾ پنهنجين صلاحيتن کي بهتر بنائڻ ۽ امڪاني طور تي ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ جي صورت ۾ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ملڪ جو مستقبل جو وزير اعظم بنجڻ لاءِ رستا هموار ٿيڻ واري امڪاني صورت ۾ پڻ ڏٺو پيو وڃي.
بيشڪ! ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڻ ٿيڻي ٿي ويئي جو ماڻهن آخرڪار شداد جي جنت ۽ دجال جي حڪمراني مان نجات حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عوام ۽ پارليمان طرفان پنهنجي ڪنڌ تي سوار راڪاسن کي وڏي همت سان لاهي کڻي ڦٽو ڪيو ويو آهي. آخرڪار، قدرت جو قانون حرڪت ۾ آيو ۽ فاش ازم واري رستي تي هلندڙ سرڪار قانون قدرت جي پڪڙ ۾ اچي وئي ۽ پنهنجي انا، بددماغي، تڪبر، حسد ۽ ساڙ جو پاڻ ئي شڪار ٿي ڊهي وڃي پٽ پئي. اهڙي ريت، ملڪ مان هٽلر ثاني جي حڪمراني جو خاتمو ڪرڻ ۾ بي مثال ڪاميابي حاصل ٿي. اسان جي ملڪ جي پارلياماني ۽ جمهوري تاريخ جو يقينن اهو پهريون واقعو آهي جنهن سان ملڪ ۾ پرامن طريقيڪار سان حڪومت ۽ حڪمرانن جي تبديلي وارو عمل ممڪن ٿيو ۽ رهيل ڪم به مڪمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ عدالت جي هڪ وڌيڪ فيصلي تحت پنجاب صوبي جي نئين حڪومت پڻ قائم ٿي وئي ۽ ان بعد چيئرمين سينيٽ ۽ صدر مملڪت جي تبديلي وارو عمل شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن سان ملڪ جي آئيني، جمهوري ۽ سياسي تاريخ جو هڪ نئون باب لکجي رهيو آهي ۽ ملڪ جو امن ۽ سڪون وري واپس بحال ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button