دنيا جي تاريخ بادشاهن جي عروج ۽ زوال وارن داستانن سان ڀري پئي آهي. پر مغل بادشاهن جي هندستان جي ٽن صدين جي عروج واري داستان ۾ آخري مغل بادشاهه جي زوال جو داستان تاريخن ۾ ڏاڍي درديلي انداز ۾ لکيو ويو آهي. مغل آخري تاجدار جو شمار وري اردو ۽ فارسيءَ جي ڪلاسيڪل ۽ صوفي شاعرن ۾ به ٿئي ٿو. جنهن پنهنجي شاعري ذوق ۽ مرزا غالب جهڙن شاعرن جي ڏنل داد ۾ پڙهي هئي. جيتوڻيڪ مغل بادشاهن جو 1526 کان 1856 تائين ٽن صدين واري انڊيا تي بادشاهي رهي آهي. جتي بهادر شاهه ظفر جي وڏن اڄ جي افعانستان، پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلا ديش واري وسيع علائقي تي صدين تائين حڪومت ڪئي. پر مغل بادشاهن جو آخري تاجدار بهادر شاهه ظفر 17 سال تاجدار رهيو ۽ 130 ڏينهن وري باغي حڪومت جو بادشاهه رهيو. جيتوڻيڪ سڪندر اعظم راجا پورس جي حڪومت تي قبضي کان پوءِ قيد ڪيل راجا پورس کان پڇيو ته ٻڌاءِ توسان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. راجا پورس هن کي چيو هو جيڪو بادشاهه بادشاهن سان ڪندا آهن. فاتح بادشاهه ۽ مفتوح بادشاهه جي گفتگوءَ جون تاريخ ۾ ڪئين معنائون ڏنل آهن. پر انگريزن آخري مغل تاجدار کي موت جي سزا ڏيڻ جي بدران سهسائي سهسائي مرڻ جو انتظار ڪيو. هن بادشاهه جي باقي سڄي زندگي رنگون ۾ قيدي بادشاهه طور گذري. ڇو ته هن سان گڏ هن جا نوڪر چاڪر ۽ ٻه پٽ، زال ۽ نهن به وٽس ڇڏيا هئا. هو شاعراڻو نازق ۽ نفيس مزاج رکندڙ هو. هن فارسي ۽ اردو کان سواءِ پرشي ڀاشا ۽ پنجابي ٻولي ۾ به شاعري ڪئي. هن جي شاعري جو گهڻو حصو رنگون ۾ ضايع به ٿي ويو. البت رنگون ۾ قيد واري ڪوٺيءَ جي ڀٽين تي ڪوئلي سان لکيل سندس ڪجهه شاعري هٿ به ڪئي وئي.” بات ڪرني مجهي مشڪل ڪڀي ايسي تو نه ٿي،جيسي اب هي، تري محفل ڪڀي ايسي تو نه ٿي” يا وري ” نه ڪسي آنک ڪا نور هون، نه ڪسي ڪي دل ڪا قرار هون. جو ڪسي ڪي ڪام نه آ سڪي، مين وه ايڪ مشت غبار هون.” هن جي شادين واري مڪمل ڄاڻ تاريخن ۾ درج ناهي. پر سندس زالن ۾ اشرف محل بيگم، زينت محل مبيتم، تاج محل بيگم، شاه آبادي بيگم، اختري محل بيگم ۽ سرداري محل بيگم جا نالا ملن ٿا. هن جي شادي نوعمري ۾ ٿي وئي هئي. هن جي تاج پوشي دوران هو پٽن ۽ پوٽن وارو هو. هن 65 سالن جي ڄمار ۾ به هڪ شادي 1840 ۾ ڪئي هئي ۽ زينت محل بيگم جي عمر 19 سال هئي. هن کي 16 پٽ ۽ 31 ڌيئرون هيون. بادشاهه جا ٻه پٽ مرزا عبد الله ۽ مرزا قويش به همايون جي مقبري ۾ ساڻس گڏ لڪل هئا. پر جڏهن نڪتا ته سک حوالدار انهن کي ڀڄي وڃڻ جي صلاح ڏني ۽ هو ڀڄي ويا. جنهن ۾ قويش فقير جو روپ ڌاري اوڌپور جي راجا وٽ عمر جو وڏو حصو هڪ خواجه سرا جي ذريعي راجا جي لاءِ دعائون گهرڻ تي مقرر هو ۽ مرزا عبد الله رياست ٽونڪ ۾ انتهائي ڪسمپرسي جي حالت ۾ سر لڪائي پني گذر ڪندو رهيو. هن جا 12 پٽ 1857 واري بغاوت تائين زنده هئا. هن کي انگريز سرڪار پاران 1857 کان اڳ ۾ هڪ لک رپيا وظيفو ڏنو ويندو هو. انگريزن هن کي شطرنج وارو بادشاهه ئي سمجهيو هو.
هونءَ ته انگريزن سنڌ جي بادشاهه مير نصير خان کي به 1843 ۾ سڄي ڪٽنب سميت ڪلڪتي جي ڳوٺ هزاري باغ ۾ قيد ڪري رکيو هو. جتي قيدي بادشاهه مير نصير خان جو پوٽو، مير عباس عليءَ کي قيد دوران 1851 ۾ مير عبدالحسين سانگي ڄائو هو. سنڌ جي هزهائينس ڪٽنب جو اهو قيدي ٻارڙو جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو ناميارو ۽ سنڌي غزل جو پهريون وڏو شاعر ٿيو. هن قيدي ٻارڙي جو والد ۽ بادشاهه قيدي مير نصير خان جي پٽ مير عباس علي بنگال ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جي ساحلي ٻيلي سندر بن ۾ اڪيلي شينهن جو شڪار ڪيو هو. ان جي بهادري جي هاڪ بنگال ۾ ايڏي ته پکڙجي وئي، جو ڪلڪتي ۾ رهندڙ انگريزياڻيءَ ساڻس شادي ڪئي. جيڪا پنهنجي بطن مان سنڌ جي خوبصورت شاعر کي جنم ڏيڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن گذاري وئي.
برما کان ميانمار تائين جو سفر ڪندڙ اهو ملڪ ڄڻ بادشاهن جي قيد جي سڃاڻپ وارو ملڪ بڻيل آهي. جتي انهيءَ ئي ملڪ جي شهزادي آنگ سانگ سوچيءَ کي سزا ڪاٽندي نوبل انعام ڏنو ويو هو. هوءَ 17 سال قيد رهي. نه وٽس ٻار ملڻ لاءِ ڇڏيا ويا ۽ نه مڙس. هن کي هڪ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي خسته حال ڪوٺيءَ ۾ قيد ڪري رکيو ويو.
انهيءَ ساڳي ملڪ جي رنگون شهر ۾ 1858 ۾ انگريز حڪمرانن ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڪاٽڻ لاءِ آخري مغل بادشاهه کي پهچايو. هن تي جنرل نڪلسن سميت 49 يورپي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو الزام هو. هن کي موت جي سزا ڏني وئي.
لال قلعي تي انگريزي فوج جي قبضي کان اڳ ۾ هو، قلعو خالي ڪري همايون جي مقبري ۾ پناهه وٺي ويٺو هو. جتي هن بيگم زينت محل ۽ سندس پٽن سان گڏ ميجر هڊسن سان ڳالهين ذريعي جان جي امن واري ضمانت سان گرفتاري ڏني هئي. کيس ڪاري پاڻي جي سزا ڏئي انڊيمان ٻيٽ تي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
هن کي 82 سالن جي ڄمار ۾ قيد ڪرڻ کان پوءِ موت جي سزا ته ڪونه ڏني وئي، پر کيس اهڙيون ڪئين سزائون ڏنيون ويون. ميجر هڊسن گرفتاري کان پوءِ کيس ٻن پٽن ۽ هڪ پوٽي جون سسيون ڪهي ٿال ۾ تحفو ڪري ڏنيون هيون. گورنر جنرل جي صوابديدي اختيار تحت کيس انڊيمان ٻيٽ تي موڪلڻ جي بدران رنگون موڪليو ويو. جتي هو 51 ڏينهن جي سفر کان پوءِ 8 ڊسمبر 1858 تي دهلي کان رنگون ۾ آندو ويو.”
هو 1837 ۾ مغل تاجدار طور تخت نشين مقرر ٿيو هو. انگريزن ان دوران هندستان جون سموريون رياستون پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻيندا رهيا هئا. جيتوڻيڪ هن جي بادشاهي لال قلعي جي ديوار تائين ئي محدود هئي، پر هن جي اها رسمي درٻار رهڻ ڏني وئي هئي. جتي هو مشاعره ڪري شاعري ٻڌندو هو ۽ شاعرن جي وڏي داد ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائيندو هو. هن کي انگريز سرڪار پاران هڪ لک رپيا وظيفو مقرر ڪري ڏنو ويو هو. اصل ۾ 1857 ۾ ميرٺ ۾ بغاوت ٿي، تاتيا ٽوپي، راڻي لڪشمي ٻائي، اوڌ جو نواب، بنگال ۽ ٻين علائقن ۾ بغاوت اڀري آئي. جتان وري ڇانوڻيءَ ۾ پيدل توپ خاني جي صوبيدار بخت خان باغي لشڪر جي ڪمان ڪندي، بغاوت کي مغل آخري تاجدار واري وڏي ليڊرشپ مهيا ڪرڻ لاءِ 11 مئي 1857 تي لال قلعي ۾ اچي پهتو. جتي باغي فوج پاران مغل تاجدار مقرر ڪيو ويو. شاعر بادشاهه وٽ جنگ آزادي کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو به موجود نه هو. هن جي اها 130 ڏينهن جي بغاوت واري “بادشاهي” هلي.
20 ڊسمبر 1857 تي انگريزي فوج لال قلعي تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. تاريخون لکن ٿيون ته انگريزي فوج جي ٻيهر قبضي کان پوءِ دهليءَ جي هر چونڪ تي تخته دار لڳايو ويو هو. جنهن ۾ سڀ کان وڏو ڦاسي گهاٽ چاندني چوڪ ۾ لڳايو ويو هو. انگريزن جا جاسوس ۽ مخبر گرفتاريءَ تي ٻن رپين جي معاوضي جي عيوض دهليءَ ۾ ڳولي ڳولي گرفتاريون ڪرائيندا رهيا. جاسوسن جي اهڙي مخبريءَ تي 5 آڪٽوبر 1857 تي هڪ جوابدار ڪرنل برن Colonel burn) ( جي عدالت ۾ آندو ويو. اهو ملزم مرزا غالب هو. هن جو هليو ڏسي ڪرنل برن پڇيس ته مسلمان آهين؟ مرزا غالب جواب ڏنس اڌ، ڪرنل تعجب مان پڇيس، ڇا مطلب؟ چيائين شراب پيئندو آهيان، پر سوئر جو گوشت نه کائيندو آهيان. ڪرنل چيس ته انگريزن جو وفادار آهين، ته سلام ڪرڻ لاءِ ڇو نه آئين؟ چيائين منهنجي پالڪي کڻڻ وارا چارئي ڄڻا ڀڄي ويا آهن. اچڻ ۽ وڃڻ کان هلاک آهيان. هونءَ به معزور آهيان، ٻڌان به ڪونه ٿو. نه مشاورت جي اهل آهيان ۽ نه لڙائي جي قابل. توهان جو دعاڳو آهيان. ڪرنل هن کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. “چون ٿا ان کان پوءِ مرزا غالب 11 سالن ۾ فقط 13 غزل لکي سگهيو.”
رنگون ۾ شو مندر جي سامهون شاهي قيديءَ کي 35 ٻين مرد ۽ عورتن سميت آندو ويو. جتي هن جي ڪٽنب کي ٻن ڪمرن ۾ رهايو ويو. خدمتگارن لاءِ الڳ چار خيما لڳايا ويا. پوءِ اتي شاهي قيدين لاءِ وڌيڪ چار ٻيا ڪمرا جوڙايا ويا. قيدين تي انگريز سرڪار 11 رپيا روزاني جي حساب سان خوراڪ تي خرچ ڪندي هئي. جيل جي داروغي پاران قيدين کي هڪ رپيو هر آچر تي ۽ ٻه رپيا هر مهيني جي پهرين تاريخ تي اضافي الائونس ڏنو ويندو هو. قلم، ڪاغذ ۽ دوا ڏيڻ تي پابندي لاڳو ڪيل هئي. انگريزن پنهنجين ڊائرين ۾ ڄاڻايو آهي ته شاهي قيدي 86 سالن جي پيرسني واري ڄمار کان پوءِ عام طور تي چپ چاپ آسمان ڏانهن گهوريندو رهندو هو. ان دوران هن جو حافظو ٺيڪ هو، البت ڏند ڇڻي ويا هئس ۽ ٻڌي به نه سگهندو هو. هو ڪوئلي سان ڀتين تي ۽ ڪپڙن تي ڪجهه ليڪا ۽ تصويرون لکندو رهندو هو. (هن جي وفات کان پوءِ ڀتين تي لکيل شعر ڳولي هٿ ڪيا ويا.) انگريز سياح هندستان جي قيدي بادشاهه کي بي وسيءَ ۾ چڙيا گهر جي جانور وانگر ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. هن جي بيگم زينت محل سٺي حالت ۾ هئي. هوءَ هر وقت دهلي ۾ ڇڏي آيل ملڪيت گهرائڻ لاءِ انگريز سرڪار جي عملدارن کي چوندي رهندي هئي. هن پنهنجي پٽ جوان بخت جي تاجپوشي جا خواب ڏٺا هئا. ٻيو ڀاءُ شاهه عباس خادمه جي پيٽ مان ڄاول هو. گهڻي خراب حالت ۾ بادشاهه جي ننهن نواب شاهه زماني بيگم جي هئي. جيڪا جوان بخت جي گهر واري هئي. هن جي شادي 2 اپريل 1852 ۾ لال قلعي ۾ ٿي. ان شادي جو وڏو جشن ٿيو هو. بس پنجن سالن ۾ اچانڪ آسمان جو رنگ تبديل ٿي ويو. نه هن جو ڪنهن بغاوت يا تحريڪ آزادي سان ڪو واسطو هو. هن جو قصور فقط اهو هو ته هوءَ جوان بخت جي زال هئي. ان ڪري هوءَ به شاهي قيدين سان گڏ قيد هئي. هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي. رنگون ۾ هوءَ حمل ضايع ٿيڻ واري مرحلي مان به گذري. ڪيپٽن ڊيويز (Captain Davies) جيڪو رنگون ۾ شاهي قيدين جو جيلر هو. ان پنهنجي ڊائري ۾ بيگم شاهه زماني کي ان خاندان ۾ بي قصور قيدي ڄاڻايو آهي. هوءَ اکين کان نابين به ٿي وئي هئي. هن کي ڪيترا دفعا پنهنجن ٻارڙن جي خوراڪ جي لا ڪپڙا ۽ زيور گروي رکي کاڌي جو سامان وٺڻو پيو هو. قيدي بادشاهه 87 سالن جي ڄمار ۾ 7 نومبر 1862 تي ڪجهه ڏينهن جي لاڳيتو زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش کان پوءِ فوت ٿي ويو. جيلر جمعي جي ڏينهن انهيءَ قيدي جي ڪمري جي احاطي ۾ دفنائڻ جو انتظام ڪيو. هن جا ٻه پٽ ۽ بادشاهه جا وفادار خادم ان وقت موجود هئا. قيدي عورتن کي ويجهو اچڻ نه ڏنو ويو. ٻه سئو کان وڌيڪ رنگون جي تماشائين پري کان پرديسي بادشاهه کي لحد ۾ لهندي ڏٺو. ان موقعي تي نه ڪو رنو ۽ نه وري ڪا آهه زاري ٿي. قبر کي زمين جي برابر ڪري بانس جي واڙ ڏني وئي. جتي برساتن ۾ گاهه ڄمڻ کان پوءِ سڀ نشان گم ٿي ويا. “ڪتنا هي بدنصيب ظفر دفن ڪي لئي، دو گز زمين بهي نه ملي ڪو.ي يار مين.”
ويهن سالن کان پوءِ زينت محل به وفات ڪري وئي. ان کي به بادشاهه جي ڀرسان دفنائڻ لاءِ وڏي گاهه ۾ وڻن جي نشانيءَ تي بادشاهه جي قبر جو اندازو لڳائي ان جي ڀرسان دفنايو ويو. ٻن سالن کان پوءِ جوان بخت گذاري ويو. 1902 ۾ رنگون جي مسلمان ڪميونٽي پاران سرڪار کان بادشاهه جي قبر جو يادگار جوڙائڻ جي اجازت گهري. جيڪا پنجن سالن کان پوءِ سرڪار قبر چٽي ڪري ان تي ڪتبو لڳائڻ جي اجازت ڏني. اڳتي هلي مزار جوڙي وئي. جتي ملڪي ۽ غير ملڪي حاضري ڏيندا رهيا. 16 فيبروري 1991 تي مزار جي اڏاوت جي سلسلي ۾ ٿيندڙ کوٽائي دوران سرن سان جڙيل هڪ قبر دريافت ٿي. جيڪا زمين جي سطح کان ٽي فوٽ هيٺ هئي۽ مزار کان 25 فوٽ پري هئي. جنهن ۾ شاعر بادشاهه جو جسد خاڪي وڏي حد تائين سلامت هو.