اها افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان شيخ اياز جهڙي عظيم شاعر کي صرف ان وقت ياد ڪيون، جڏهن ڪوئي هن جو سرڪاري سهڪار سان ميلو ملهائي يا جڏهن هن جو جنم ڏينهن هجي يا هن جي ورسي هجي. اها روايت ڪنهن به طور تي بهتر ناهي. ڇو ته شاعرن کي ڪنهن به وقت ياد ڪري سگهجي ٿو. جڏهن به حالتن جي حوالي سان انهن جو ڪلام ياد اچي ته شاعرن کي شدت سان ياد ڇو نه ڪجي؟
هن وقت جڏهن سنڌ گرميءَ ۾ سڙي رهي آهي، ان مهل ته مون کي شيخ اياز جي اها شاعري ياد اچي ٿي، جنهن ۾ عوام شعلن ۾ جلي ٿو. ڇا اوهان کي اها شاعري ياد نه ٿي اچي. شيخ اياز جي محققن کي ڪهڙو پاراتو ڏيون؟ انهن کي ڇا چئون؟ سنڌ ۾ سمجهه جي ايتري کوٽ آهي ۽ مٿان وري سستي ايتري آهي ته ڪنهن کان به ڪم نه ٿو پڄي. جنهن کي به شاعر ۽ اديب سان گڏ دانشور ٿيڻو آهي، اهو شيخ اياز تي لکيل مقالا ڪٺا ڪري شايع ٿو ڪرائي ۽ ان ڪتاب کي جڏهن ڏسجي ٿو ته شيخ اياز کان وڏو نالو سهيڙ ڪندڙ جو آهي. ان کي چئبو آهي ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ جيڪڏهن ڪنهن ۾ محقق جو حوصلو آهي ته هن کي گهٽ ۾ گهٽ اهو نه ڪرڻ گهرجي. هن کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ڪجهه اهڙو اڳيان آڻي جنهن کي ڏسي ماڻهو چون ته هائو ٻيلي ڪنهن ڪم ڪيو آهي. پر شيخ اياز جا غزل ڪٺا ڪري ڇپرائڻ يا شيخ اياز جون وايون شايع ڪرائڻ ۽ ان طرح سان اهل ڪتاب ٿي وڃڻ تي تعريف ته نه پر صرف تنقيد ئي ڪري سگهجي ٿي. ڇا اها ڳالهه درست ناهي ته ڪوئي شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسمن جي سلسلي ۾ تحقيق ڪري؟ جيڪڏهن ڪنهن به اهڙي ڪوشش ڪئي ته هن کي سرديءَ جي سلسلي ۾ تمام ٿورا شعر ملندا. ڇو ته سنڌ ته سج جي هيٺان سڙندڙ سرزمين آهي.
اهو ئي سبب آهي ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جيترو درد ۽ تڪليف موسمن جي حوالي سان گرميءَ جو آهي، ايترو ٻيو ڪنهن به شيءَ جو ڪونهي. جڏهن اسان شيخ اياز جي شاعري جو ٿر جي حوالي سان مطالعو ڪنداسين ته اسان حيران ٿي وينداسين ته هن ڪهڙي طرح ڌرتيءَ جي درد کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. اسان کي ان مهل حيرت ٿيندي جڏهن اسان نه صرف انسانن پر جانورن ۽ پکين کي به گرم موسم سبب تڪليف ۾ ڏسنداسين ۽ اها تڪليف شاعريءَ ۾ تيستائين پيدا ٿي نه ٿي سگهي، جيستائين شاعر ان کي پنهنجي دل جي گهرائيءَ سان محسوس نه ٿو ڪري. اها ئي ته شاعري آهي، جيڪا انسان جو تعلق جوڙي ٿي. اسان جڏهن به شيخ اياز جي شاعري پڙهون ٿا، تڏهن اسان کي جڙڻ جو احساس ٿئي ٿو. اها تمام وڏي ڳالهه آهي. ڇو ته شاعر انسانن کي جوڙيندو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته فيض احمد فيض اهو ڇو چوي ها:
”بڙا هي درد ڪا رشتا“
اهو رشتو جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان ٻڌي ٿو. اهو رشتو تمام گهڻو اهم آهي ۽ اهو رشتو ئي انسانن کي گهربل هوندو آهي، جيڪو انهن کي پاڻ ۾ جوڙي. اسان جڏهن به ادب ۽ خاص طور تي شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين ته اسان کي اها ڪيفيت پوري شدت سان محسوس ٿيندي. اهو ئي سبب آهي ته اسان کي ادب ۽ آرٽ پاڻ ۾ ملائي ٿو ۽ اسان کي ٻڌائي ٿو ته انسانن جا احساس ۽ انهن جا جذبا هڪجهڙا آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ته اسان غيرملڪي ادب ڇو پڙهون؟ اسان کي غير ملڪي ادب ان ڪري پسند اچي ٿو ته اسان ان ادب ۾ به پنهنجا احساس ۽ جذبا محسوس ڪريون ٿا. اهو ادب اسان کي پنهنجي ويجهو آڻي سمجهائي ٿو ته انسان هڪجهڙو آهي. ان ڪري ئي ته شيخ اياز ان ڪيفيت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي اهو لکيو آهي ته:
”ماڻهو سڀ هڪجهڙا آهن
هر ماڻهوءَ کي بک لڳي ٿي
هر ماڻهوءَ کي اڃ لڳي ٿي
هر ماڻهوءَ کي پيار سوا
ڄڻ ساري دنيا سڃ لڳي ٿي“
جڏهن اسان انهن ٻولن تي سوچيون ٿا ته اسان جي آڏو سچ نروار ٿي وڃي ٿو ۽ اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته اهو ڪجهه اسان جي اندر ۾ به آهي.
ادب جي عظمت ان ۾ آهي ته اسان ۾ اهو احساس جاڳائي ٿو. هونءَ اسان کي ڇا احساس ته انسان ڪهڙي زندگي گذاري ٿو؟ پر جڏهن اسان شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ صرف هڪ ليئو ٿا پايون ته اسان کي اهو سڀ ڪجهه ملي وڃي ٿو، جيڪو ڪجهه اسان جون اکيون عام طور تي ڏسڻ کان محروم هجن ٿيون. ڇا اها حقيقت ناهي ته هن موسم ۾ جڏهن گرمي انسان کي ساڙي رهي آهي، تڏهن ان ديس جو ڪهڙو حال هوندو؟ جيڪو ديس زندگيءَ جي جديد سهولتن کان هن مهل به محروم آهي. ڇا اسان کي هن موسم ۾ هن ساڙيندڙ سج واري موسم ۾ شيخ اياز جو اهو ڪلام ياد نه ايندو؟ جنهن ۾ هن لکيو آهي:
”جت لڪ لڳي
جت اڪ تپن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي
جت ڪاري اس ڪنواٽن تي
۽ ويڙهيچن جي واٽن تي
ٿا واريءَ جا وسڪار ٿين
سو ديس مسافر منهنجو ڙي“
پنهنجي ديس جو اهڙو درد ڀريو ۽ احساسن سان ڇلڪندڙ تعارف صرف ۽ صرف شيخ اياز ئي ڪرائي سگهي ٿو. ڇو ته شيخ اياز کي قدرت اها صلاحيت بخشي هئي، جنهن کي ڪم آڻيندي هو ڪمال ڪري ڇڏيندو هو.
اها به حقيقت آهي ۽ ممڪن آهي ته ڪجهه دوستن کي اها ڳالهه پڙهي ڪجهه تڪليف به محسوس ٿئي، ڇو ته هي ادب جو معاملو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن جو به ڪو به خيال ٿي سگهي ٿو. پر مون سدائين اهو محسوس ڪيو آهي ته شيخ اياز شاهه لطيف کان پوءِ سنڌ جو درد پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائڻ وارو واحد شاعر آهي. هونءَ ته ظاهر آهي ته هر شاعر ڪوشش ڪندو آهي ۽ هن کي ڪرڻ به گهرجي پر اسان صرف ان ڪوشش جي ڪاميابيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون ته ڪهڙي شاعر جي حصي ۾ ايتري ڪاميابي آئي آهي، جيتري شيخ اياز جي حصي ۾ آئي هئي. ان ڪاميابيءَ سان سنڌ جي وڏن وڏن اديبن ۽ نقادن کي حيران ڪري ڇڏيو هو ۽ ان سلسلي ۾ اهم ڳالهه اها به آهي ته شيخ اياز کي پاڻ به ان ڳالهه جو شعور هو ته هو ڪيترو وڏو شاعر آهي ۽ هن جي شعري اڏام ڪيترو نه پرانهون پار تلاش ڪري اچي ٿي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته شيخ اياز ۾ ايترو اعتماد نه هجي ها. شيخ اياز ۾ مون ايترو اعتماد ڏٺو جيترو ٻيو ڪنهن شاعر ۽ اديب ۾ مون کي نظر نه آيو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته شيخ صاحب جو مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. هن کي معلوم هو ته هو ڪهڙي ليول جي شاعري ڪري رهيو آهي؟ هن کي پنهنجي شعري خوبيءَ جي خبر هئي. اصل ڳالهه اها آهي ته شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جو پاڻ سڀ کان وڌيڪ شعور رکندو هو. هن کي معلوم هو ته هو ڇا لکي رهيو آهي ۽ هن جي ان لکڻيءَ جا تاريخ تي ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن.
شاعر صرف لفظن جا عالم نه هوندا آهن پر انهن جي حصي ۾ جيڪا ڏاهپ ايندي آهي ۽ انهن ۾ جيڪا نظر هوندي آهي، اها شين جي حقيقت کي پروڙي انهن کي لفظن جي مالها ۾ پوئي ويندي آهي ۽ اسان کي انهن جو تخليقي حسن ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته اڃان تائين زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه حسين آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اسان انهن شين جي ان طرح سان پرک نه ڪري سگهون ها. اسان کي شاعر ان قابل بڻائين ٿا ته اسان پنهنجي ديس کي پاڻ ڏسي سگهون. بلڪل ائين جيئن اياز لکيو آهي ته:
”جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو
۽ آگ الا ٿي نڪري ٿو
جت ڏينهن ڪڙاهيءَ جيئن ڪڙهن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي“
اها ته پنهنجي ديس جي ظاهري منظر ڪشي آهي ۽ اها به تمام گهڻي لازوال ۽ تمام گهڻي پرڪشش آهي پر بقول اقبال جي:
”جو شي ڪي حقيقت ڪو نه سمجهي وه نظر ڪيا؟“
تهڙي طرح اسان ان مهل حيران ٿي وڃون ٿا، جڏهن شيخ اياز اسان کي شين جي داخلي ڪيفيت ۾ ٻڌائي ٿو. اهو ساڳيو ئي نظم آهي، جنهن ۾ شيخ صاحب گرميءَ ۾ سڙندڙ سنڌ جو حال پيش ڪندي جڏهن اهو شعر لکي ٿو ته:
”جت ڪيئي صدين سالن کان
پولارن کان پاتالن کان
ٿا ڏرت اچن، ڏهڪاءَ پون
سو ديس مسافر منهنجو ڙي“
ڇا اهڙي رواني ۽ اهڙي منظر نگاري ۽ اهڙي سچ کي ظاهر ڪندڙ ادب جي اڻت ٻيو ڪنهن شاعر ۾ آهي؟
اهو اعزاز صرف ۽ صرف اياز جو آهي!!