ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران کي گهر تائين ڇڏڻ جي حڪمت عملي

Editorial-Article-Allahbux Rathore

لڳي ٿو ته موجوده حڪمرانن عمران خان جي ايمانداريءَ واري بيانيي کي پنڪچر ڪرڻ جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ان سان گڏ اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته موجوده حڪومت ڪجهه مهينن تائين اقتدار ۾ رهڻ بدران اسيمبلين جو جيترو مدو آهي، اهو پورو ڪندي، ان کان اڳ (ن) ليگ جي قيادت جو ضد هو ته جيترو جلد ٿي سگهي، اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايون وڃن، پر هاڻ معاملو ابتو ٿي ويو آهي. عمران خان جيڪو اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو مخالف هو ۽ چوندو هو ته هن کي عوام پنجن سالن جو “مينڊيٽ” ڏنو آهي، ان ڪري هو وقت کان اڳ چونڊون به نه ڪرائيندو، عمران خان کي جنهن ڏينهن کان اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته حڪومت اهي سمورا ڪم ڪرڻ گهري ٿي، جيڪي هن کي گهر موڪلڻ لاءِ ضروري آهن. ان ڪري هن اشارا ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊن ڪرائڻ لاءِ مئي جي آخر تائين اسلام آباد ۾ 20 لک ماڻهن کي گهرائيندو ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪندو. هي ته عمران خان جي خواهش آهي،”هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش په دم نڪلي” واري ڳالهه آهي. هي بلڪل ساڳي ڳالهه آهي ته جنهن وقت مخالف ڌر وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهي هئي، ان وقت اسٽيبلشمنٽ مخالف ڌر سان گڏ هجڻ بدران عمران خان سان گڏ هئي ۽ هاڻ عمران خان وقت کان اڳ چونڊن جي ڳالهه ڪري ٿو ته واڳ ڌڻي اڳوڻي مخالف ڌر ۽ موجوده حڪمرانن سان اتفاق ڪري ٿي ته اسيمبليون مدو پورو ڪن. اسٽيبلشمينٽ پٺاڻ وانگر پنهنجي پراڻي ڳالهه تي قائم آهي ته جيئن چوندا آهن ته خان صاحب هميشه ايڪ ئي بات ڪرتا هي..! ان وقت ۽ هينئر واڳ ڌڻي پنهنجي پراڻي ڳالهه تي قائم آهن ته اسيمبلين کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان ڪيترائي اوکا ۽ سوکا ڪم به ٿي ويندا، جن ۾ عمران خان رنڊڪ وجهڻ چاهي ٿو.
موجوده حڪمرانن ۽ عمران خان جي وچ ۾ جيڪو دنگل ٿئي، ڀل ٿئي، هي تماشو سڀني کي ڏسڻو آهي، پر عام ماڻهوءَ کي اڳوڻن حڪمرانن جيڪي مهانگائي، بک ۽ بدحاليءَ جا ڏنڀ ڏنا، انهن جو ازالو مڪمل نه ئي سهي، پر ڪنهن حد تائين ٿيڻ گهرجي. عمران خان پوڻن چئن سالن دوران جيڪي سڌا ۽ ڦڏا ڪم ڪيا، انهن کي حڪومت درست ڪرڻ جي حامي ڀري آهي. ان ڪري حڪمرانن کي وقت گهربل آهي، ممڪن آهي ته موجوده حڪمران سپريم ڪورٽ وٽ وڃن ۽ پنهنجي مينڊيٽ ۾ واڌ به چاهين. ڇاڪاڻ ته ايجنڊا معمولي نوعيت جي ناهي. اهڙو ڪهڙو پروميٿس جو ڪم آهي، جيڪو موجوده حڪمرانن کي ڪرڻو آهي؟ ان حوالي سان مختلف ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
موجوده حڪمران اها دعوا ڪن ٿا ته عمران خان ملڪ جي ڪنهن اداري کي سنئين لڱين نه ڇڏيو آهي، ائين جيئن عمران خان چوندو هو ته هن کي ورثي ۾ ڪجهه به نه مليو آهي، ان ڪري هن کي سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري وڃڻو آهي، ان لاءِ عمران پروجيڪٽ جو پڙاڏو هينئر به سياسي حلقن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. عمران پروجيڪٽ جيڪو ڏهن سالن تي ٻڌل ٻڌايو پيو وڃي، اهو ته پوڻا چار سال مشڪل سان هلي سگهيو ۽ عمران خان کي هٿئين خالي اقتدار جي ايوانن مان نيڪالي ڏني وئي. ان جو سڌو مطلب هي آهي ته عمران خان جي حڪمراني کي ناڪام قرار ڏنو ويو ۽ هي به ٻڌايو ته عمران خان ۽ سندس ٽيم ۾ ايتري سگهه ئي نه هئي، جو اها ملڪي يا رياستي بحران کي ٻنجو ڏئي سگهي، ابتو، هن ان بحران جي رفتار کي وڌايو ۽ معاملو ايستائين خراب ٿيو جو رياستي ادارا معاشي طور تي وڌيڪ پريشانيءَ جي ور چڙهي ويا. ان ڪري حڪومت کي تبديل ڪري نئين حڪمت عملي تي عمل شروع ڪيو ويو.
عالمي سطح تي جن عالمي قوتن سان پاڪستان کي اٿڻو، ويهڻو پئي ٿو، جن سان ڪاروبار ڪرڻو آهي، جنهن سان ملڪي وهنوار هلي سگهي ٿو، انهن ۾ پهرين نمبر يورپي يونين ۽ ٻئي نمبر ٽي آمريڪا آهي. نه چاهيندي به وقت جي حاڪمن کي انهن ٻنهي عالمي قوتن سان معاملا درست ڪري اڳتي وڌڻو پوندو آهي، عمران خان ته اعلان ڪري ڇڏيو ته هن جي حڪومت جي خلاف آمريڪا ئي سازش ڪئي. ان بيانئي ۾ ڪيترو دم آهي، اهو بحث جوڳو معاملو آهي، پر هيل تائين جيڪي ثبوت ۽ ڳالهيون سامهون آيون آهن، انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان جي سوچ يا الزامن ۾ گهڻو دم ناهي. جيڪڏهن موجوده حڪمران سڌي يا اڻ سڌي ريت ملڪ کي سفارتي اڪيلائيءَ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويا ته اها وڏي ڪاميابي هوندي. ان سان گڏ عالمي قوتن سان معاملا سڌا ڪرڻ لاءِ ٿرڊ پارٽيز، جن ۾ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتون ذڪر جوڳيون آهن، انهن جو اعتمادي ۽ همدرديون به ڪم اچي سگهن ٿيون، ان ڪري هڪ پاسي وزير اعظم شهباز شريف وفد سان گڏ سعودي عرب پهتو ۽ ٻئي پاسي اِي سي ايل مان نالو نڪرندي ئي آصف زرداري وري يو اي اي روانو ٿيو، انهن ٻنهي دورن جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا، اهي مستقبل جو روڊ ميپ تيار ڪندا.
ملڪ اندر جن معاملن کي درست ڪرڻو آهي، انهن ۾ معيشت سرفهرست آهي. معاشي پاليسيون جيڪڏهن عوامي ڀلائي واريون هونديون ته عام ماڻهوءَ کي رليف به ملندو. حڪمران جيڪڏهن ضروري شين جا اگهه Freeze ڪن يا انهن کي Subsidized ڪن ته عام ماڻهو ٿورو گهڻو سک جو ساهه کڻي سگهي ٿو. ان لاءِ عوامي سوچ اپنائڻي پوندي ۽ ڪاروباري مفادن کي پاسيرو ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان عمران خان جي حڪومت جي ناڪامين مان خاص ڪري سبق حاصل ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن عوام کي مهانگائيءَ جي جِن جي حوالي ڪيو ويو ته ان سان ڳڻتي واري صورتحال جو پيدا ٿيڻ اڻٽر هوندي، ان جو فائدو عمران خان کي ٿي سگهي ٿو، جيڪو اڳ ئي وڏيون هامون هڻي رهيو آهي. هي عمران خان جي حڪومت جي معاشي پاليسي هئي، جو (ن) ليگ جي سرڪار جي ڀيٽ ۾ ٻه کان اڍائي سو سيڪڙو ناڻي واڌ يا مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿي ويو.
عمران خان لڳاتار هي بيانيو جوڙيندو رهيو ته اڳوڻا حڪمران چور ۽ لٽيرا هئا، انهن ملڪ کي ڦري ڪنگال ڪري ڇڏيو. هاڻ موجوده حڪمرانن کي ثابت ڪرڻو آهي ته ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ۾ عمران خان ڪيترو بهتر يا خراب هو. هن جي ايماندار هجڻ واري سوچ کي موجوده حڪمران وائکو ڪرڻ جون دعوائون ڪن ٿا، ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان لاءِ سياسي اسپيس مختصر ڪري سگهجي. ممڪن آهي ته ڪرپشن جي ڪهاڻين جي شروعات پنجاب کان ٿي وڃي. هاڻ ته حمزا شهباز به وڏ وزارت جو حلف کڻي ورتو آهي. ان سان گڏ وڏي صوبي ۾ جيڪو آئيني بحران هو اهو به ماٺو ٿي رهيو آهي. عمران خان پاران حمزا شهباز جي حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي يا، اها حقيقت بڻجي ڪم ڪرڻ شروع ڪرڻ واري آهي. پنجاب جي سمورن ادارن نئين وڏي وزير جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سان گڏ گورنر به ڪجهه ڏينهن يا هفتن جو مهمان آهي. ان کانپوءِ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ آئسوليٽ ٿي ويندي. جنهن جا اثر عمران خان جي اسلام آباد ۾ امڪاني ڌرڻي تي به پوندا. ماضي ۾ حڪومت پاران اسٽرائڪ ڊائون ڪرڻ کانپوءِ ڪي پي ڪي جو ان وقت جو وڏو وزير پرويز خٽڪ به اسلام آباد ۾ داخل ٿي نه سگهيو هو. هن ڀيري عمران خان جي ايمانداريءَ کي به عوام اڳيان واضح ڪرڻو آهي، جيئن هن کي ايندڙ چونڊن ۾ ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه به نه هجي.
ماضي ۾ (ن) ليگ جي حڪومت آئين ٽوڙڻ جي الزام ۾ اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف جو گهيرو تنگ ڪيو هو، جنهن جي نواز شريف کي قيمت به ادا ڪرڻي پئي، پر جيڪڏهن هن ڀيري عمران خان ۽ ان جي ساٿين جو ساڳين آئين جي آرٽيڪلز تحت گهيرو ڪيو ويو ته اهي پير کوڙي بيهڻ جي پوزيشن ۾ به نه رهندا. انهن مان ڪيترائي ته ڀڄي جان بچائيندا. ان سان گڏ پي ٽي آءِ جو مورال به ڊائون ٿي ويندو. اها ڳالهه به درست آهي ته جن پي ٽي آءِ کي کارائي پياري ٿلهو متارو ڪيو هو، انهن ئي ان جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي.
پي ٽي آءِ جي جلد چونڊن پٺيان اهم اداري جي سربراهه جي مقرريءَ کي اهم فيڪٽر ڄاڻايو پيو وڃي. موجوده حڪمران هي اهم ذميواري نگرانن تي ڇڏڻ نٿا چاهين، ڇاڪاڻ ته ايندڙ چونڊن تي اها مقرري گهڻي اثر انداز ٿي سگهي ٿي. ان ڪري موجوده حڪمران اقتدار ۾ هوندا ته اهي اهڙي مقرري ڪندا، جنهن سان سندن مستقبل روشن ٿي سگهي ٿو. اها به اهم ڳالهه آهي ته موجوده حڪمرانن کي انهن سمورن قانونن کي غير موثر ڪرڻو آهي يا اهڙيون تبديليون ڪرڻيون آهن، جنهن سان عمران خان جي حمايت ۾ گهٽتائي اچي ويندي. ان لاءِ مڪمل آئيني پيڪيج جي ضرورت آهي. ڪجهه ادارن جي اختيارن ۾ واڌ ۽ ڪن ۾ گهٽتائي ڪرڻي آهي. ممڪن آهي ته سڌارن جي پروگرام ۾ نيب جهڙي اداري جي مستقبل جو فيصلو به ٿي وڃي. اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن موجوده حڪمران پنهنجو وقت پورو ڪندا. ان سان هو قانون سازي به ڪري وٺندا ته واڳ ڌڻين جي خواهش به پوري ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button