شوبز

منهنجي خيال ۾ محبت جي عمر ناهي هوندي: عتيقا اوڍو

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا عتيقا اوڍو چيو آهي تھ منهنجي خيال ۾ محبت جي عمر ناهي هوندي، ڳالهه اها هوندي آهي تھ ان بابت پاڻ سان لاڳاپيل ماڻهن کي ان جي خبر ڪيئن ڏجي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ وڏي عمر ۾ شادي جو خطرو محبت بنا نٿو کڻي سگهجي، ڇوتھ ان ڪم جو جذبو هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو تھ ثمر سان رشتو باهمي احترام سان گڏ محبت تي پهتو، مون کيس آڇ ڏني ۽ اسان شادي ڪري ورتي. هن جو چوڻ هو تھ جڏهن مون شادي جو فيصلو ڪيو تھ ڌي چيو تھ مان ساهرن کي منهن ڪيئن ڏينديس، مون ان کي سمجهايو تھ ساهرن کي وڃي چئھ تھ منهنجي امان حلال ڪم ڪري پئي، اها ڪو حرام ڪم ڪرڻ نھ پئي وڃي، جو شرمندگي ٿئي. هن چيو تھ منهنجي ٻارن کي مسئلن جي خبر هئي، گهڻو ردعمل نھ ڪيو، پر اهي متاثر ضرور ٿيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button