شوبز

مهڻا ڏيندڙ مڙس سٺا آهن، زال وزن گهٽايو ڇڏي: حرا ماني

پاڪستاني اداڪارا حرا ماني حيران ڪندڙ بيان ڏنو آهي تھ مهڻا ڏيندڙ مڙس سٺا آهن، ڇوتھ انهن جي زال وزن گهٽائي ڇڏيندي آهي. خانگي ٽي وي شو دوران ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ منهنجو وزن وڌي 64 ڪلو ٿي ويو هو، مڙس ماني ان ۾ 10 ڪلو گهٽتائي آندي آهي، ماني اهو ڪم ڪيو، جيڪو ٽرينرن ڪڏهن بھ نھ ڪيو. هن مون کي ڪترينا، دپيڪا ۽ ٻين اداڪارائن جا مهڻا ڏنا، تنهنڪري مان سمجهان ٿي تھ مهڻا ڏيندڙ مڙس ڀلا آهن. هوڏانهن حرا ماني جي اهڙين ڳالهين تي مداحن کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي تھ، حرا جو بيان انتهائي غير ذميداراڻو ۽ باڊي شيمنگ جي دائري ۾ اچي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button