شوبز

ماهرا خان پهريون ڀيرو دوست سان گڏ تقريب ۾ پهتي

پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان پهريون ڀيرو دوست سليم ڪريم سان گڏ تقريب ۾ شريڪ ٿي آهي. ميڊيا مطابق ماهرا خان ۽ سليم ڪريم جي تقريب ۾ گڏجي اچڻ تي مداحن سندن جلد شادي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ماهرا خان ۽ سليم ڪريم جون تقريب ۾ اچڻ واريون تصويرون پڻ وائرل ٿي ويون آهن، جن تي مداحن سوال اٿاري پاڻ ئي جواب ڏئي ماهرا جي شادي بابت اڳڪٿيون ڪري ڇڏيون.

پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جو فوٽو شوٽ دوران دلڪش انداز وارو پوز

مداحن ڪمنٽس ۾ اهو پڻ چيو آهي تھ ماهرا خان سليم ڪريم سان شادي ڪري چڪي آهي. هوڏانهن فلمن جي رليز ۾ دير جو سبب ٻڌائيندي ماهرا خان چيو آهي تھ منهنجون فلمون تيار ٿيڻ بعد برمودا ٽرائينگل ۾ وڃي رهيون آهن، تنهنڪري خبر ناهي تھ ڪڏهن رليز ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button