دور حاظر. سنڌي ٻوليءَ جو سرواڻ شاعر. امداد حسيني اسپتال ڀيڙو آهي. هن جي صحت لاءِ سٺو خيال به دعا کان گهٽ ناهي. هونءَ به شاعرن جو اصل علاج عشق ئي هوندو آهي. ان ڪري ته ڪونيا جي ڪيف واري روميءَ پنهنجي راءِ پيش ڪندي لکيو آهي ته:
“اي عشق! تون ئي منهنجو اصل طبيب آهين”
ڀٽائيءَ ان احساس کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڍڪائي چيو هو:
“تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون”
طبيب حبيب نه هوندو آهي. پر. حبيب طبيب ضرور هجي ٿو.
اسان کي پنهنجن شاعرن، اديبن ۽ آرٽسٽن سان بي حساب پيار ڪرڻ گهرجي. ڇو ته انهن اسان کي سموري زندگي اهو ئي ته سيکاريو آهي. انهن تخليقڪارن وٽ اصل دولت دل جي محبت ئي هوندي آهي. اها محبت جيڪا ڪڏهن به کٽي نه ٿي سگهي. اها محبت اسان جو تحفظ به آهي. اها محبت اسان جو تسلسل به آهي. اها محبت اسان جي بقا ۽ اسان جي وجود جي سڀ کان وڏي نشاني آهي. اها محبت دوست لاءِ مهڪار ۽ دشمن لاءِ للڪار آهي. ها! اها محبت ۽ اهو پيار، جنهن لاءِ اياز لکيو آهي:
“هو مون کان ڇا لاءِ ڊڄن ٿا؟
مون وٽ پيار سوا ٻيو ڇاهي؟”
امداد به الفت جو وڻجارو آهي. هن جي وائين ۾ جيڪا مهڪيل واءُ آهي، ان جو احساس صرف انهن کي معلوم ٿي سگهي ٿو، جن کليل اکين سان خواب ڏٺا آهن. جن کي علم آهي ته عشق پنهنجي وجود ۾ پوري ڪائنات هوندو آهي. جيڪي محبت جي هر موسم کان آشنا آهن. جن کي صرف پيار جي جهڙڦر جو پتو ناهي پر انهن کي اها به ڄاڻ آهي ته جڏهن ڏينهن ڏاگهي جيان تتي واريءَ مٿان سهڪندو وڌندو آهي، تڏهن سوار به هڪ الڳ ڪيفيت حوالي ٿي ويندو آهي. امداد جي شاعريءَ ۾ آرٽ جو الڳ حسن آهي. هن جا مهانڊا ڪنهن جهڙا به ٿي سگهن ٿا پر جهڙي ريت هر ناريءَ جو الڳ سڀاءُ ۽ هن جي سونهن جو الڳ اهاءُ هوندو آهي، تيئن امداد جي شاعري به ڪنهن الڳ دور جي دريافت آهي.
امداد سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ ڇا ڇا نه وڌو آهي؟ ڇا هن صرف سنڌي ٻوليءَ کي غزلن جو غمگين سر عطا ڪيو آهي؟ ڇا هن جا چنچل ۽ شرير نظم ترنم جون ڇيرون پائي ڇم ڇم ڪندا ڪاغذ مٿان نه نچيا آهن؟ هن ته ڪافين کان وٺي سهرن تائين سنڌي ٻوليءَ جي هر صنف ۾ جديد چٽ چٽيا آهن. هن جي لهجي ۾ جيڪا لئه آهي. اها ان مئه جهڙي آهي، جنهن جو نشو ڪڏهن به نه ٿو لهي سگهي.
امداد جو سڀ کان اهم ڪردار هن جو مسلسل لکڻ آهي. هن جي هٿ جون آڱريون به ڄڻ قلمن جهڙيون آهن. هو قلمن جهڙين آڱرين ۾ قلم جهلي جهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي ستارن سمان ڪويتا جي ڪاري ڪڙتي تي ڪڙهيندو ۽ مڙهيندو ويو آهي، اهو هن جو ئي ڪمال آهي. اسان کي پنهنجا شاعر پيارا آهن. ڇو ته انهن اسان کي پيار جو سبق ڏنو آهي. انهن اسان کي پيار ڪرڻ سيکاريو آهي. هو اسان جا “لوگرو” (Love Guru) آهن. اسان انهن کان سکيو آهي ته هڪ اڻميي ۽ وشال حسن جي تصور جهڙي تصوير کي ٻانڀياڻي ٻوليءَ جي فريم ۾ ڪيئن فٽ ڪبو آهي؟ اسان جا شاعر اسان جي تاريخي قدرن جا امين آهن. انهن سان پيار اصل ۾ پنهنجي ديس سان پيار آهي.
شاعر هجڻ ڪيتري نه وڏي ڳالهه آهي؟ جڏهن شاعريءَ جو شارح ٿيڻ به عظيم هجي ته پوءِ شاعر ٿيڻ ڪيترو نه اعليٰ درجو هوندو؟ شاعر ته عاشق هوندا آهن. شاعرن جا پرستار عاشقن جا عاشق هجن ٿا. پنجابي ٻوليءَ جي پياري شاعره امرتا پريتم پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ روس جون ساروڻيون ساريندي لکيو آهي ته چانڊوڪي رات ۾ روس جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون چوواٽي تي ڪٺا ٿيا ۽ انهن اسان کي چيو ته اسان کي شاعري ٻڌايو. ان مهل مون محسوس ڪيو ته روسي عاشقن جا عاشق آهن. عاشقن جو عاشق هجڻ وڏي مرتبي جو مقام آهي.
امداد حسيني پنهنجو پورو جيون ان ڪويتا جي حوالي ڪيو آهي، جيڪا هن جي اندر مان ڪنهن آبشار وانگر ڦٽي نڪتي آهي. جيڪا هن جي اندر جي آسمان تان چانڊوڪيءَ جيئن لٿي آهي. جيڪا هن جي خيالن ۾ خوبصورتيون ڀريندي رهي آهي. جيڪا اسان جي آڏو گلن جا انبار آڻيندي رهي آهي. جيڪا اسان ۾ حسن سان اهو حوصلو به ڀريندي رهي آهي، جيڪو حوصلو انسان کي ستارن جي ڏاڪڻ چڙهڻ جو چاهه ڏيندو آهي. اهڙي حوصلي جي هڳاءَ ۾ جنهن جو جيون گذري ٿو، اهو وڏي ڀاڳ وارو آهي. ڇو ته انگريز نقاد ڪارلائل جي لفظن ۾ اهو روشني ۽ مٺاس جي ماڳ وارو آهي.
امداد شاعر هجڻ جي حوالي سان ڪلاسيڪيت ۽ جديديت جي وچ تي ٽڙيل وهائو تارو آهي. منهنجي خواهش هئي. اڄ به آهي. ته مان امداد جي ان ڪتاب جو مهاڳ لکان. جنهن جو نالو آهي. امداد آهي رول!!
آواره بادلن جي پٺيان
ڪيسين ڊوڙبو؟
امداد آهي رول
تون موتي هيئن نه رول!!
آئون جهليان ٿو جهول
تون موتي ائين نه رول!!
ڇا ته ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻول آهي؟ هر بحث کان هٽي ڪري. منهنجو اهو ايمان آهي. عظيم شعر نازل ٿيندا آهن. مرزا غالب به چيو هو. اهي املهه هيرا. اهي نيلم نيرا. نازل ٿيندا آهن. امداد جو پهريون ڪتاب. جديد سنڌي شاعريءَ جو اڄ به آخري ڪتاب آهي.
ڇا ڇا نه آ؟ ان ڪتاب ۾!!
“چنڊ نڪري نه ٿو
يار وسري نه ٿو
وقت گذري نه ٿو”
صرف انهن ٽن سٽن تي. پي ايڇ ڊي جي پوري ٿيسز لکي سگهجي ٿي. ان جو عنوان ٿي سگهي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي جديد جماليات. پر ڪير لکي؟ سوشل ميڊيا جي مشڪريءَ مان ڪوئي فارغ ٿي ته فڪر ڪري. ڪيترو ڪم پيو آ. ڪرڻ لاءِ.
مون کي معلوم آهي ته امداد اهو نظم. البرٽ آئن اسٽائن جو نظريو پڙهي نه لکيو هو. پر هن نظم ۾ سموري “ٿيوري آف رليٽوٽي” سمايل آهي. اوهان پڙهي ڏسو. يوٽيوب تي ٻڌو. هيءَ اها ئي وائي آهي، جيڪا پنهنجي ٽائيم تي پرگهٽ ٿيندي آهي.
چون ٿا ته اسان اڄ اهي ستارا ڏسي رهيا آهيون. جيڪي ڪيئي لک سال اڳ روشن ٿي، رک ٿيا. هيءَ ننڍي ڳالهه ناهي. هيءَ وڏي ڳالهه آ. ۽ صرف عظيم محققن کي اهو علم هوندو آهي ته خود شاعرن کي به اهو شعور نه هوندو آهي ته هو ڇا پيا چون؟
هڪ آرٽسٽ انسان جي مغز ۾ ڪا اهڙي تند تڙپي ٿي، جيڪا هن جي پوري وجود کي وڄائي ٿي. هي فزڪس نه. هي ميٽا فزڪس جو معاملو آهي.
“آتي هين غيب سي يه مضامين خيال مين
غالب سرير خامه، نوائي سروش هي”
اياز ان ساڳي ڳالهه کي نهايت سادو ڪري پيش ڪيو آهي. هن نظم ۾:
“ڪامهه ۾ ڪنگور نه ڄاڻي
ان جو وڍ هزارين واڪا ٿي ويندو؟”
ڪوئنري باس مان وجود ۾ ايندڙ ونجهليءَ کي ڪهڙي خبر ته هن جي تان تاج ۽ تخت تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي!!
امداد به هڪ ونجهليءَ جهڙو شاعر آهي.
۽ ان ونجهليءَ کي حالتن جي هوائن وڄايو.
۽ ان ڪنگور جي حصي ۾ صرف نرم هوائون نه آيون.
ان ڪنگور گرم هوائن کي به پنهنجي سرن ۾ سمايو.
اها ايوبي آمريت. اهو ون يونٽ. اها قومي جاڳرتا.
امداد کي اڄ تائين صرف ان رومانس جو شاعر مڃيو ويو آهي،
جيڪو رومانس عورت ۽ مرد ۾ هوندو آهي. جڏهن ته:
امداد جو رومانس تمام گهڻو مٿانهون آهي.
ان رومانس جي راهه ۾ عورت به ايندي آهي.
ان رومانس جي سفر ۾ هڪ اهڙو موڙ به ايندو آهي
جنهن موڙ تي اچي شاعريءَ جو چنڊ
ڪانڍي ٽانڊي وانگر تپي ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.
امداد رومانٽڪ شاعر آهي. هر شاعر رومانٽڪ هوندو آهي. شاعري آهي ئي رومانس!! پر هر رومانس جي الڳ الڳ حد هجي ٿي. امداد جي شاعري هيٺين درجي جو رومانس ناهي. امداد جي شاعري جو رومانس، هماليه جهڙو آهي. هن جي شاعري مانسرور جيان آهي. جذبن ۽ جولانن جي جبلن تان وهندڙ آبشار آهن، امداد جا نظم!!
ڪنهن کي ياد آهي؟ سواءِ امداد جي. هن جو اهو نظم:
“هڪ ليڪو ڪڍي ڇڏيو وچ تان”
مون کي معلوم آهي ته امداد کي دولت وارا نوٽ ڳڻڻ به نه ايندا آهن.
مان ڄاڻان ٿو ته امداد دل سان لکيل نوٽ سون وانگر سانڍيندو آهي.
هن جا اڄ به اهڙا اڪيچار شعر موجود آهن، جيڪي هن مهل تائين، منظرعام تي نه آيا آهن.
ڇا اوهان پڙهيو آهي؟ امداد جو اهو نظم:
“هن جو چولو لاٿو هوندو
چنڊ ارهه ۾ ڦاٿو هوندو”
مون امداد کان ان نظم جو پس منظر پڇيو هو.
مون کي امداد چيو هو، پراڻي سنڌي شاعريءَ جي سٽ آهي:
“ارهه ٿو اڀري چنڊ جان، ٿوٿر ناهه ٿڻن”
پر امداد وٽ ان نظم جي انهن شعرن جو ڪو پس منظر نه هو.
جيڪي صرف هن جي تخليقي خزاني ۾ هئا.
جن ۾ هن چيو هو:
“هن جو ڇلڙو پاتو هوندو
گيت پپيهي ڳاتو هوندو”
ان نظم ۾ اهو Erotic شعر به آهي ته:
“هن جي ڌوتي هوندي سٿر
پاڻي ٿيو هوندو اٿر پٿر”
پر ان جهڙو اچانڪ شعر ٻيو ڪير ٿو تخليق ڪري سگهي ته:
“هن جو انگ اگهاڙيا هوندا
تاڙڻ وارن تاڙيا هوندا”
پر صرف اهو هڪ شعر ناهي. سوين سٽون آهن. امداد جون. جيڪي پڙهندڙن جي اکين کي اڄ ڏينهن تائين پيار سان چمي نه سگهيون آهن. پر اهي آهن.
امداد جي مزاحمتي شاعري جو ته ڪو مثال ئي ناهي.
ڪير ٿو لکي سگهي، ان انداز ۾ اهي لفظ:
“جيل جون سخت سيخون
هوا جي نرم جهوٽن کي
نه روڪينديون
نه روڪينديون
نه روڪينديون”
امداد ڇا هو؟
امداد سنڌ جي قومي مزاحمتي دور جو
“پوسٽر پوئٽ” هو!!
ان جا نظم نعرا بڻيا
هن جا لفظ للڪار هئا.
هن جو اهي سٽون……!!
سنڌ جي قومي جاڳرتا ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ويون.
هر سج اڀرندو به آهي ۽ لهندو به آهي. هر ڀيڄ ڀني حسين هوندي آهي. هر شام خوبصورت هوندي آهي.
شاعر صبح ۽ شام جي ٻن پرن تي اڏامندڙ اهي پکي آهن، جن جو آکيرو انسان جي دل هوندو آهي. انسان جي اها اها دل پکين جهڙن پيارن شاعرن جي ڪري آباد هوندي آهي. ان جي آبادي، انسان جي آزادي هوندي آهي. انسان جي اها آزادي اڄ فريادي آهي!!
(نامڪمل)